عمر مختار لبيا ۾ اٽلي جي قبضي خلاف تحريڪ هلائيندڙ معروف رهنما ۽ مجاهد هو . هو 1862 ء ۾ جنزور نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو . هن 1912 ء ۾ لبيا تي اٽلي جي قبضي خلاف 20 سالن تائين جهاد ڪيو . اڪٽوبر 1911ء ۾ اٽلي جنگي ٻيڙو لبيا جي ساحل تي لنگر انداز ٿيو . اٽلي فوج طرابلس جي شهرين کي شهر خالي ڪرڻ جي چتاوني ڏني پر طرابلس جي شهرين شهر خالي ڪرڻ جي باوجود اٽلي فوج طرابلس شهر ۾ بمباري ڪئي. عمر مختار قرآن مجيد جو سٺو قاري ۽ عالم هو ۽ هن سان گڏ هڪ سٺوصحرائي علائقن جي جغرفيائي ماحول جو ڄاڻو به هو ۽ پنهنجي جهادي تحريڪ ۾ سٺا جنگي اقدامات ڪيا . اهي صحرائي علاقن ۾ حملو ڪري اهڙي نموني روپوش ٿي ويندا هئا جو اٽلي فوج هن ن کي ڳولهي نه سگهندا هئا . عمر مختار جي زير قيادت مزاحمتي تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اٽلي فوج عورتن ۽ ٻارن کي يرغمال بڻايو ۽ هنن کي قيد ۾ رکي هنن مٿان اذيتون ڏيندا هئي . هنن جي قيد ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک پنجويھ هزار ماڻهو قيد هئا . ايتري وڏي تعداد قيد ۾ هوندي به عمر مختار جي تحريڪ ۾ گهٽتائي نه آئي ۽ هنن مسلسل 20 سالن تائين پنهنجي دفاعي مزاحمت هلائي .نيٺ هڪ معرڪي ۾ عمر مختار زخمي ٿي گرفتار ٿيو . هن مٿان تشدد ڪرڻ مهل هو هنن جي اکين ۾ اکيون ملائي قرآن جي تلاوت ڪندا رهندا هئا . هن مٿان جنگي قيس هلايو ويو ۽ سرِ عام ڦاهي ڏيڻ جو حڪم نامو ڪڍيو وي ۽ اٽلي حڪومت جي فرمان مطابق هن 16 ستمبر 1931 ء ۾ سرِ عام ڦاحي ڏني وئي . انا لله وانا اليه راجعون ادي طاهر سنڌي لا اسپيشل عربي ٻولي ۾ (in arabic)
جواب: عمر مختار ( لبيا جو شينهن) تمام سٺو ۽ معلوماتي ليک آهي۔ اهڙي غيرتمند پٽن تي ڌرتي کي سدائين ناز رهندو آهي۔
جواب: عمر مختار ( لبيا جو شينهن) مهرباني پيارا ادا سليمان صاحب يقينن اهڙن ماياناز شخصيتن تي هر غيرت مند مسلمان ۽ حب الوطن کي ناز ۽ فخر هوندو آهي ۔ اهڙيون شخصيتون ورلي پيدا ٿينديون آهن ،