• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عمر مختار ( لبيا جو شينهن)

افتخار علي چوهاڻ

سينيئر رڪن
عمر مختار لبيا ۾ اٽلي جي قبضي خلاف تحريڪ هلائيندڙ معروف رهنما ۽ مجاهد هو . هو 1862 ء ۾ جنزور نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو . هن 1912 ء ۾ لبيا تي اٽلي جي قبضي خلاف 20 سالن تائين جهاد ڪيو .
اڪٽوبر 1911ء ۾ اٽلي جنگي ٻيڙو لبيا جي ساحل تي لنگر انداز ٿيو . اٽلي فوج طرابلس جي شهرين کي شهر خالي ڪرڻ جي چتاوني ڏني پر طرابلس جي شهرين شهر خالي ڪرڻ جي باوجود اٽلي فوج طرابلس شهر ۾ بمباري ڪئي.
عمر مختار قرآن مجيد جو سٺو قاري ۽ عالم هو ۽ هن سان گڏ هڪ سٺوصحرائي علائقن جي جغرفيائي ماحول جو ڄاڻو به هو ۽ پنهنجي جهادي تحريڪ ۾ سٺا جنگي اقدامات ڪيا . اهي صحرائي علاقن ۾ حملو ڪري اهڙي نموني روپوش ٿي ويندا هئا جو اٽلي فوج هن ن کي ڳولهي نه سگهندا هئا .
عمر مختار جي زير قيادت مزاحمتي تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اٽلي فوج عورتن ۽ ٻارن کي يرغمال بڻايو ۽ هنن کي قيد ۾ رکي هنن مٿان اذيتون ڏيندا هئي . هنن جي قيد ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک پنجويھ هزار ماڻهو قيد هئا .
ايتري وڏي تعداد قيد ۾ هوندي به عمر مختار جي تحريڪ ۾ گهٽتائي نه آئي ۽ هنن مسلسل 20 سالن تائين پنهنجي دفاعي مزاحمت هلائي .نيٺ هڪ معرڪي ۾ عمر مختار زخمي ٿي گرفتار ٿيو . هن مٿان تشدد ڪرڻ مهل هو هنن جي اکين ۾ اکيون ملائي قرآن جي تلاوت ڪندا رهندا هئا . هن مٿان جنگي قيس هلايو ويو ۽ سرِ عام ڦاهي ڏيڻ جو حڪم نامو ڪڍيو وي ۽ اٽلي حڪومت جي فرمان مطابق هن 16 ستمبر 1931 ء ۾ سرِ عام ڦاحي ڏني وئي . انا لله وانا اليه راجعون






ادي طاهر سنڌي لا اسپيشل عربي ٻولي ۾

(in arabic)
 
جواب: عمر مختار ( لبيا جو شينهن)

تمام سٺو ۽ معلوماتي ليک آهي۔

اهڙي غيرتمند پٽن تي ڌرتي کي سدائين ناز رهندو آهي۔
 
جواب: عمر مختار ( لبيا جو شينهن)

تمام سٺو ۽ معلوماتي ليک آهي۔

اهڙي غيرتمند پٽن تي ڌرتي کي سدائين ناز رهندو آهي۔

مهرباني پيارا ادا سليمان صاحب يقينن اهڙن ماياناز شخصيتن تي هر غيرت مند مسلمان ۽ حب الوطن کي ناز ۽ فخر هوندو آهي ۔ اهڙيون شخصيتون ورلي پيدا ٿينديون آهن ،
 
Back
Top