• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هي ڪهڙو انصاف آهي ؟؟؟

افتخار علي چوهاڻ

سينيئر رڪن
هي ڪهڙو انصاف آهي ؟؟؟
اوهان پنهنجي تاريخ محمد بن قاسم رح سان ڇو ٿا ڄوڙيو؟ اوهان جا هيرو ، محمود غزوني رح ۽ شهاب الدين غوري رح ڇو آهن ؟ اُهي سڀ هن ڌرتي تي لٽ مار ڪرڻ آيا هئا . اسان جي تهذيب کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ آيا هئا . اُهي تغلق ، خلجي ، لوڌي ،سوري ، مغل سڀ ٻاهر کان آيا آهن ، جن جا ناپاڪ قدم ڪري اسان جي ڌرتي ناپاڪ ۽ تباھ ۽ برباد ٿي . امن جو هي گهوارو غلام بڻجي ويو. توهان سڀ ڪوڙ ٿا ڳالھايو ته هت مسلمان رهندا هئا . اِها صدين کان بلوچ ، سنڌين ، پنجاين ،جو وطن هو ، اِها اسان جي ڌرتيءَ ماتا هئي . هن جي تاريخ ڏاڍي پراڻي آهي ، ڪيرائي سال پراڻي ، مهر ڳوٺ ، موئن جو ڌڙو ۽ ٽيڪسيلا جا کنڊر هُن جي ڪهاڻيون بيان ڪن ٿيون . جڏهن سڄي دنيا تاريڪي ۾ ٻڏل هئي هن ڌرتي تي خوبصورت شهر آباد هئا . جن ۾ پنهنجي زماني جون نيون آرائشون ميسر هئيون. ان تهذيب جا کنڊر ٻڌائن ٿا ته اسين هن دريا سنڌ جي تهذيب جا اولاد ۽ نسل آهيون ،اسين هنن فاتحينن ۽ لٽيرن جي تاريخ کي نٿا مڃون .

اِهي ۽ هن جهڙا ڪتيرائي سوال هِن سرزمين پاڪستان تي هُن وقت کان پڇا ڪيا وڃن پيا جنهن ڏينهن کان هِتان جي رهندڙن اهو فيصلو ڪيو هو ته مسلمان راجپوت ۽ هندو راجپوت ، سک ڄاٽ ۽ مسلم ڄاٽ ، ٻڌ گورک ۽ مسلم گورک الڳ الڳ آهن پوءِ کڻي انهن ۾ رنگن ۾ ، رگن ۾ ، زبان ۾ ، ڪپڙي لٽي ۾ هڪجهڙائي ڇو نه هُجي هڪ جهڙو کاڌو کڻي ڇو نه کائيندا هجن ، رڳو زُبان سان چند ڪلمه ادا ڪرڻ سان ، چاچي جو پٽ ، مامي جو پٽ ، توڙي جو سڳو ڀاءُ کي ٻي قوم ۾ بيهاريندا آهن .جنهن ڏينهن هن بنياد تي هندستان جي ڌرتي ماتا تقسيم ٿي ۽ منهنجي ملڪ تي الله تعالى جي نالي جي تختي هڻي وئي هن ئي ڏينهن کان اهڙا سوال ڪندڙ دانشور ، هڙّپه ، مهر ڳوٺ ۽ موئن جي ڌڙي جي کنڊرن تائين پنهنجو شجرو پهچائي ڇڏيو .

پر مونکي حيرت هن ڳالھ تي ٿيندي آهي ته اِهي ماڻهو جيڪي هن ڌرتي ماتا سان پنج هزار سال پراڻا رشته ڄوڙين ٿا ۽ محمد بن قاسم رح ۽ محمود غزنوي رح کي لٽيرا ثابت ڪن ٿا ، انهن مان ڪو به اهڙو نه آهي جنهن جي وڏڙن جو تعلق هِن درياءِ سنڌ جي تهذيب سان هجي . سڀئي کڻي ڇو نه آرائين هجن ، ٻلوچ هجن ، سنڌي هجن ، ڄاٽ هجن ، پنجابي هجن ، پشتو هجن هن ڌرتي تي لٽيرن جيان آيا هئا . هتان جا آباد هڙّپه ۽ موئن جي ڌڙي جي تهذيب اُنهن تباھ ڪيو ۽ هتان جي پر امن باشندن کي هنن جي علائقي مان ڪڍي جبلن جي پٺيان ڌڪي ڇڏيو ۽ پاڻ هن ڌرتي جا مالڪ بڻجي ويا ۽ هن ڌرتي جا پٽ بڻجي ويا .

اچو ته تاريخ جي پنن کي اٿلايون ته ڪنهن سڀ کان اڳ سنڌو تهذيب کي برباد ۽ تباھ ڪيو ۽ هن جي باقي نسل ڪٿي آهي ، جيڪي خيبر پختونخواھ ، سنڌ ، پنجاب ، بوچستان ۾ آباد ٿيا ۽ وڃي درياءِ سنڌ جي منڌ يعبي اتر وارن علائقن کان و+ي سمنڊ تائين خوبصورت تهذيب کي تهس نهس ڪرڻ لاءِ سڀ کان اڳ آيائي قوم وچين ايشيا کان ڪاهيندي هِتي پُهتي . هُنن جي ڌري ماتا يعني وچين ايشيا سان ايترو ئي رشتو مضبوط هو جو جڏهن هنن جي جانورن لاءَ ڳاھ ۽ انسانن لاءِ پاڻي ڏيڻ ڇڏي ڏنو ته اِهي هُن ڌرتي ماتا تي لعنت وجهندا وڃي سنڌ ماتا کي فتح ڪرڻ لاءِ اچي پُهتا . ڪيترو نه کوڪلو هوندو آهي اهو زمين ۽ وطنيت جو رشتو . اِهي اُهي آريائي قوم آهن جن جي نسل مان هن وقت هن سرزمين تي گهڻيون برادريون ۽ قبيلا رهن ٿا . سڀئي اصل ، زبان ، رت جي حوالي سان آريائي اثر رکن ٿا . اِها آريائي قوم 517 قبل مسيح ۾ هِتي اچي آباد ٿيون هنن هتي جي رهواسين ۽ هن ڌرتي جي سپوتن کي ماري ڀڄايو . هن لان پوءِ 326 قبل مسيح ۾ آتش پرست ايراني آيا . اڄ هُنن جون نسلون هتي آباد آهن، ۽ هن ڌرتي جا وارث ٿا سڏائن . پوءِ اسڪندر يوناني جو فوجون هتي آيون ۽ هنن جي پراڻن سورمن سان جنگ ٿي ۽ يوناني تهذيب جو گونج ، هن کان پوءِ 120 ء تائين موريا خاندان حڪومت ڪندا رهيا جيڪي ايرانين ۽ يونانين جي اخطلاط مان جنم وڄندڙ قوم هئي . اِهي 186 قبل مسيح ۾ هتي اچي آباد ٿي ۽ هنن جون نسلون به موجود آهن . اِهڙي نموني گهڻائي قبيلا جيڪي يوناني ۽ هندي ميل جول سان ٺهيا اهي گڏ ٿيا ۽ هنن 405ء تائين حڪومتون ڪيون ۽ پنهنجين نسلون به ڇڏيون پوءِ باڪٽريا مان ڪشن آيا ، پنهنجي ملڪ مان ڌڪيا ويا پر هتي حڪومت ڪرڻ لڳا . هنن جي زماني ۾ هزارين قبيلا آباد ٿيا.

اها تاريخ نهايت ڊگهي آهي ۽ هتي آباد ٿيندڙ نسلن جو شجرو ڪڌنداسين ته اُهي ڪنهن نه ڪنهن لٽيري سان يا ٻاهرين حملي آور سان وڃي ملندا . پهرئين واري چيو ته اها منهنجي ڌرتي آهي ، ٻئي اچي هن تي قبضو ڪيو پوءِ هن ڌرتي کي ماءُ چئي ويهي رهيو.بلوچ شام جي شهر ”حلب“ کان آيا ۽ اها گهڻي پراڻي ڳالھ به نه آهي ، آرين کان پوءِ جي ڳالھ آهي پر سڀنن کي پنهنجو رشتو ڳنڌڻو آهي .

سيد هجي ، ڄاٽ هجي ، افغاني هجي ،راجپوت هجي ، آرين هجي يا ٻيو ڪو ...................... سڀ جا سڀ هن ڌرتي کي فتح ڪندڙن جا اولاد آهن يا وري گهڻن فتح ڪندڙن جي رليل مليل نسل آهن . هُن کان پوءِ به چون ٿا ته محمد بن قاسم رح لٽيرو هو ، اسين هن ڌرتي ماتا جا پٽ آهيون ، سڀنئي کي محمود غزنوي رح ۽ شهاب الدين غازي رح جون جنگون ياد اچن ٿيون . آرين جو ظلم ياد نه آهي جيڪي هتان جي رهواسين جو نسلن کي ختم ڪري ڇڏيو . سڀنن کي اورنگزيب جي ڀائرن کي قتل ڪري بادشاھ بڻجڻ ياد آهن پر اشوڪ جي نون ڀائرن کي قتل ڪري بادشاھ بڻجڻ ياد نه آهي ۽ ڪلنگا جي جنگ ۾ ڏھ لک انسانن جي لاشن جو پهاڙ ٺاهڻ ياد نه آهي . حيرت جي ڳالھ آهي ته هن علائقي تي قبضو ڪو چين مان اچي ڪري ته اهو تهذيب جو حصو ۽ جيڪر ڪو ڪلمو پڙهندڙ اچي ته هو لٽيرو ۽ حمله آور ٿي ٿو وڃي .

جنهن کي پنهنجي نسل ، رنگ ۽ زبان تي فخر هجي ، هن کي پنهنجي عقيدي تي فخر هجي هن کي پنهنجو هيرو بڻائي دل ۾ جاءِ ڏيڻ جو اختيار آهي ، پر جيڪي مسلمان ابن ڏاڏن جي اولاد آهن ، ڪلمو پڙهندڙن مان آهن ۽ رشتو هن تهذيب سان ڄوڙن ٿا جن هنن جي ابن ڏاڏن کي تباھ ۽ برباد ڪيو ته پوءِ حيرت ٿي ٿئي . رسول الله ﷺ جن فرمايو ته ” جيڪو پنهنجو رشتو ڪنهن ٻي قوم سان ڄوڙي اهو پنهنجو ٺڪاڻو جهنم ۾ ٺاهي ڇڏي “ . قوم جي تعريف منهنجي رسول ڪريمﷺ ڪري ڇڏيو . ابو لهب سڳو چاچو ، بني هاشم جو فرد پر هن جو منهنجي رسولﷺ سان تعلق ۽ نه ئي هن جي امت سان .

ضرب مومن جي ٿورن سان
سنڌيڪار ؛ افتخار علي چوهاڻ
 
Back
Top