سنڌ سلامت جا پيارا پيارا دوستو اسلام عليڪم،
دوستو اڪثر اسان پنهنجي دوستن ، يان وري مِٽ مائٽن سان فائل شيئر ڪندا رهندا آهيون. ۽ جڏهن اسان فائلس شيئر ڪندا آهيون ته اسان اها فائل پهرين ڪنهن سائيٽ تي اپلوڊ ڪندا آهيون ان کانپوءِ انهن کي اسان ان فائل جو لنڪ ڏيندا آهيون ته هن لنڪ تان توهان فائل ڊائونلوڊ ڪيو....
ته اِن صورت ۾ تمام گهڻو ٽائيم ظايع ٿيندو آهي.. يان وري ڪجهه ايڊوانس يوزر FTP سافٽويئرز جو سهارو وٺندا آهن. پر اهي FTP جا سافٽويئرز اهڙي طرح جو ڪم نه ڪندا آهن جيڪو اسان چاهيون ٿا.
پر دوستو اهوئي ڪم جي اسان جي ونڊو ايڪس پي ڪري ته واهه واهه ٿي ويندي .
دوستو جي FTP ونڊو ايڪس پي ۾ ئي موجود هجي ۽ اهو سڀني کان بهترين ڪم ڪري ته پوءِ ٻين مَهانگن سافٽويئرز جي اسان کي ڪهڙي ضرورت آهي. ايڪس پي ۾ صرف ان کي ايڪٽيويٽ ڪرڻو هوندو آهي. جيڪو تمام آسان آهي... سو اڄ مان انهيءَ جو ٽيوٽوريل توهان لاءِ کڻي آيو آهيان. پوءِ دوستو تيار ٿي وڃو...
نوٽ.. هي ٽيوٽوريل صرف ونڊو ايڪس پي کي ئي استعمال ڪرڻ وارن جي لاءِ آهي..
سڀ کان پهرين ونڊو ايڪس پي جي CD سي ڊي روم ڊرائيو ۾ وجهو.
پوءِ ڪنٽرول پينل ۾ وڃي Add Remove ۾ اچي ليفٽ سائيڊ ۾ Add/Remove Window Components ۾ اچو.
هتي توهان Internet Information Services جنهن کي اسان مختصر IIS چوندا آهيون... ان تي ڊبل ڪلڪ ڪيو.
هتي توهان File Transfer Protocol يعني FTP کي چيڪ لڳائي ڇڏيو.. يعني اتي ٽِڪ مارڪ جو نشان هڻو. ۽ پوءِ OK ڪري ڇڏيو.
ان کانپوءِ NEXT تي ڪلڪ ڪيو. ڪجهه دير ۾ توهان جي سسٽم ۾ FTP جو هي سسٽم انسٽال ٿي ويندو..
هاڻي توهان وري ٻيهر ڪنٽرول پينل ۾ اچو ۽ ان کي Switch To Classic View ڪيو.
هاڻي توهان Administrative Tools ۾ اچو.
پوءِ توهان Internet Information Services ۾ اچو.
هاڻي هيٺ ڏنل تصوير جي طرح Default FTP Site تي رائيٽ ڪلڪ ڪري Properties ۾ اچو.
هاڻي توهان هيٺ ڏنل تصوير جي طرح هي چيڪ لڳايو.Allow only anonymous connections ان تي چيڪ لڳائڻ ضروري آهي.
دوستو هاڻي توهان کي جيڪي فائلس ٻين سان پنهنجي ڪمپيوٽر مان شيئر ڪرڻيون آهن.... چاهي اهي ڪهڙيون به هجن ۽ ڪيتري به سائيز ۾ هجن انهن کي توهان C:\inetpub\ftpoot ۾ ڪاپي ڪيو.. ۽ جنهن سان توهان کي شيئر ڪرڻيون آهن انهن کي توهان لنڪ ڏيو...
توهان جو لنڪ توهان جي Ip Address تي هوندو..
توهان جو لنڪ ڪجهه هن طرح سان هوندو...
ftp://203.128.5.6
Ip Address توهان www.whatismyip.com تي وڃي آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهو ٿا.
ته دوستو هي هيو اسان جو اڄ جو ٽيوٽوريل تمام هي آسان.. ۽ تمام امپارٽينٽ..
ان جي توهان کي ڪنهن به وقت ضرورت پئجي سگهي ٿي. توهان پنهنجي دوستن ۽ فيملي ميمبرن سان ڊائريڪٽ پنهنجي ئي ڪمپيوٽر مان ڪجهه به شيئر ڪري سگهو ٿا. چاهي فائل جي سائيز 40GB تائين هجي.
جي توهان چاهيو ٿا ته ڪوئي ٻيو توهان جي ڪمپيوٽر تي فائلون اپلوڊ ڪري ته اهو به ٿي سگهي ٿو.هيٺ ڏنل تصوير مطابق ڏنل چيڪ مارڪ جو نشان هڻي ڇڏيو.
پوءِ دوستو وري ٻيهر ملنداسين هڪ نئي شيئرنگ سان تيستائين مان کي اجازت ڏيندا اوهان جي دوست ڊاڪٽر کي الله حافظ....