
برساتن ۾ ٻڏي ويل ديس جو نظم
اظهار سومرو
---------------------------------
هيل وري منهنجو ديس ٻڏي ويو
پائي ڪارو ويس اچي ٿو
شينهن جيان گجگوڙ ڪري ٿو
بادل برسيا ماڳ مٿان جو
ڪچا گهر، ڪي خواب لڙهي ويا
دل جو اڪيلو ’کيس‘ ٻڏي ويو
ڌرتي، سرتيءَ جهڙي سهڻي
ان تي مينهن پيا هن ايڏا
ڪاڇي تائين ڪهندو آيو
نئين نديءِ مان وهندو آيو
دادوءَ جي دل ڌڙڪي پيئي
ساجن جو سنديس ٻڏي ويو
ڀاڪر ۾ بدين نه ڀرجي
ميرپور جا ماڳ لڙهي ويا
سانگهڙ جا سڀ سانگ لڙهي ويا
مٺيءَ جا سڀ گهر گهروندا
امرڪوٽ جا انگ سمورا
امڙ جو آسيس ٻڏي ويو
ماڻهو منهنجا روڊن رستن
دربدريءَ جي ٺوڪر ۾ هن
جيپ وڏيري جي گذري ٿي
جنهن مان جيڪا گپ ڪري ٿي
روڊ ڪناري ويٺل ٻارن
پوڙهين جي پاندن ۾ پوي ٿي
اوندهه ۾ ڄڻ لاٽ ٻري ٿي
ٽرڪ اچي ٿي، هارن ڏئي ٿي
جنهن مان ڪجهه سامان لهي ٿو
ماڻهو ماڻهوءَ ساڻ وڙهي ٿو
امدادن جي اعلانن جو
سارو سينو چاڪ ڪري ٿو
هڪ ٻن جي هٿ، چانور چپٽي
ڪن کي خيمن جا ڪي ٽڪرا
ڪن کي دال مڱن جا ذرڙا
ڪن کي نيرو ڍڪ بوتل جو
بک وگهي ٻي رات لهي ٿي
هينئڙو ڄڻ هميش ٻڏي ويو
سم نالي جو گندو پاڻي
پلٽيو آهي لاڙ مٿان جو
ٻني ٻارو هائي ويچارو
آچر جو سڀ مال لڙهي ويو
ماضي زخمي زخمي هو پر
هيل سمورو حال لڙهي ويو
گهر ڏانهن ويندڙ سارا رستا
مڇيءَ جا تلاو لڳن ٿا
ٻيڙين وارا مال گهرن ٿا
هو جو کيسي خالي، خميسو
هر هر سڀني کي جو تڪي ٿو
ڪنهن کي ڪهل نه آئي ان تي
ماڻهوءَ جو ويساهه کٽي ويو
هيل وري منهنجو ديس ٻڏي ويو.....
روڊ ڪناري ويٺل آهن
اسڪولن ۾ ترسيل آهن
ننگ وطن جا در در کائي
ٺوڪر، ڪيڏا هيسيل آهن
بيمارين جي گهيري ۾ هن
ڪيڏي سخت انڌيري ۾ هن
اين جو اوز جي آکاڙي ۾
هر ڪو ڀڀ ڀري ٿو پنهنجو
هر ڪو نانءُ لکي ٿو پنهنجو
سانوڻ جو ڄڻ نانءُ نه آهي
رستن تي جو روز رلي ٿو
اندر جو انسان اڏي ويو
هيل وري منهنجو ديس ٻڏي ويو.....
هيل وري منهنجو ديس ٻڏي ويو
پائي ڪارو ويس اچي ٿو
شينهن جيان گجگوڙ ڪري ٿو
بادل برسيا ماڳ مٿان جو
ڪچا گهر، ڪي خواب لڙهي ويا
دل جو اڪيلو ’کيس‘ ٻڏي ويو
ڌرتي، سرتيءَ جهڙي سهڻي
ان تي مينهن پيا هن ايڏا
ڪاڇي تائين ڪهندو آيو
نئين نديءِ مان وهندو آيو
دادوءَ جي دل ڌڙڪي پيئي
ساجن جو سنديس ٻڏي ويو
ڀاڪر ۾ بدين نه ڀرجي
ميرپور جا ماڳ لڙهي ويا
سانگهڙ جا سڀ سانگ لڙهي ويا
مٺيءَ جا سڀ گهر گهروندا
امرڪوٽ جا انگ سمورا
امڙ جو آسيس ٻڏي ويو
ماڻهو منهنجا روڊن رستن
دربدريءَ جي ٺوڪر ۾ هن
جيپ وڏيري جي گذري ٿي
جنهن مان جيڪا گپ ڪري ٿي
روڊ ڪناري ويٺل ٻارن
پوڙهين جي پاندن ۾ پوي ٿي
اوندهه ۾ ڄڻ لاٽ ٻري ٿي
ٽرڪ اچي ٿي، هارن ڏئي ٿي
جنهن مان ڪجهه سامان لهي ٿو
ماڻهو ماڻهوءَ ساڻ وڙهي ٿو
امدادن جي اعلانن جو
سارو سينو چاڪ ڪري ٿو
هڪ ٻن جي هٿ، چانور چپٽي
ڪن کي خيمن جا ڪي ٽڪرا
ڪن کي دال مڱن جا ذرڙا
ڪن کي نيرو ڍڪ بوتل جو
بک وگهي ٻي رات لهي ٿي
هينئڙو ڄڻ هميش ٻڏي ويو
سم نالي جو گندو پاڻي
پلٽيو آهي لاڙ مٿان جو
ٻني ٻارو هائي ويچارو
آچر جو سڀ مال لڙهي ويو
ماضي زخمي زخمي هو پر
هيل سمورو حال لڙهي ويو
گهر ڏانهن ويندڙ سارا رستا
مڇيءَ جا تلاو لڳن ٿا
ٻيڙين وارا مال گهرن ٿا
هو جو کيسي خالي، خميسو
هر هر سڀني کي جو تڪي ٿو
ڪنهن کي ڪهل نه آئي ان تي
ماڻهوءَ جو ويساهه کٽي ويو
هيل وري منهنجو ديس ٻڏي ويو.....
روڊ ڪناري ويٺل آهن
اسڪولن ۾ ترسيل آهن
ننگ وطن جا در در کائي
ٺوڪر، ڪيڏا هيسيل آهن
بيمارين جي گهيري ۾ هن
ڪيڏي سخت انڌيري ۾ هن
اين جو اوز جي آکاڙي ۾
هر ڪو ڀڀ ڀري ٿو پنهنجو
هر ڪو نانءُ لکي ٿو پنهنجو
سانوڻ جو ڄڻ نانءُ نه آهي
رستن تي جو روز رلي ٿو
اندر جو انسان اڏي ويو
هيل وري منهنجو ديس ٻڏي ويو.....