پرويز مُشرف جي دئور ۾ مُتحده جي طاقت ۾ بي انتها اضافو پوليس ۽ رينجرس ۾ ڀرتي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڇا پرويز مُشرف جي دئور ۾ مُتحده جي طاقت ۾ بي انتها اضافو، پوليس ، رينجرس ، ڪيپيٽل پوليس ۾ مُتحده جي ڪارڪنن جي ڀرتي سان ٿيو؟

    پرويز مُشرف جي دئور ۾ مُتحده جي طاقت ۾ بي پناه اظافو افواج پاڪستان جي آمريڪا، برطانيا اڳيان ڪمزوري چئجي يا ٻي ڪا مجبوري، مگر اها تلخ سهي پرحقيقت آهي ته مُتحده جي بار بار مُحب وطن جرنيلن کي سڏڻ مان عام ماڻهن اهو تاثر ضرور ورتو ته ته دال ۾ ضرور ڪُجه ڪارو آهي. شايد ڪي جرنيل مُتحده سان به هُجن، جيڪي هُن جي مدد لاءِ نڪري اچن مگر جڏنهن وطن عزيز جي مٿان آکيون کڻبيون ۽ چڙهت ڪبي آهي ته اهي سڏجندڙ مُشرف نما محب وطن جرنيل به ملڪ خلاف ٿيندڙ سازشن جو حصو هرگز نه بڻبا آهن نه ته آرمي قانون ۾ اُنهن تي ڪورٽ مارشل جو انديشو پڻ رهي ٿو.

    سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪاروائي دوران اهو واضح ٿيو آهي ته مُتحده جي دهشتگردن جي پُشت پناهي بين الاقوامي رياستون امريڪا اسرائيل ڪري رهيا آهن جيڪي لنڊن ۾ به کين پناه وٺڻ ۾ مددگار آهن ۽ ڀارت کان تربيت وٺرائڻ ۾ به واسطيدار ٿي سگهن ٿا. انديا ۽ بنگلا ديش مان آڻي ڪراچيءَ ۾ مختلف طريقن سان داخل ٿيندڙ ۽ رهائشي نوجوانن ۾ را جا ايجنٽ به ٿي سگهن ٿا جن جا نادرا جا شناختي ڪارڊ ۽ اُنهن تي ڊوميسائل ۽ پي آر سيون ۽ پرائويٽ اسڪولن ، ڪاليجن ۾ داخلائون ۽ انهيءَ تعليمي رڪارڊ جي نسبت سان قومي ادارن خاص طور پي آءِ اي ۾ بي انتها نوڪرون به هڪ مسئلو پئدا ڪنديون . تازو نيو ڪراچيءَ مان هڪ ٻوريءَ ۾ پند رهن هزار شناختي ڪارڊ مليا جنهن جي نادرا کان تصديق ڪرائڻ کان پوءِ خبر پوندي ته آيا اُهي نادرا ۾ نوڪري ڪندڙ مُتحده جي ورڪرن جعلي ٺاهيا آهن يا اهڙي ڪا مشين آهي جنهن سان اهي جعلي شناختي ڪارڊ بيا دستاويزات ٺاهيا ويندا آهن.

    ڪراچيءِ ۾ قائم سپرم ڪورٽ ۾ ڪنيل انڪشافات ۽ اقرار جُرم مان اهو ٿابت پڻ ٿئي ٿو ته هي دهشتگرد مُلڪ ۾ بد امني، قتل و غارت سان گڏوگڏ پاڪستان ٽوڙن ۽ الڳ ريست قائم ڪرڻ جهڙا ناپاڪ عزم رکن ٿا. تنهنڪري سوال اهو ٿو ڪيو وڃي ته ڇا مُتحده کي فقط بين الاقوامي پُشت پناهي حاصل آهي يا اُن جا حقيقي حمايتي حڪومت جي صفن ۾ به شامل اهن، جيڪي لنڊن ۽ 90 جو دئورو ڪري وقتا” فوقتا” ساڻن راز و نياز جو ڳالهيون ڪندا رهندا آهن ۽ ڇا ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي رحمان ملڪ تي اهي يلغار به ان جو سبب بڻي؟

    حقيقت الله ڄاڻي پر ڊاڪٽر زوالفقار مرزا جي ڳالهين کان پوءِ ماڻهن جي ذهن ۾ رحمان ملڪ تي شڪ مضبوط ٿيندا وڃن ته هو مُتحده جي ڇو بيجا سپورٽ ٿو ڪري ۽ ڇا کين ممُڪنه آپرِشن کان پهرين باخبر ٿو ڪري ته ڏوهاري آپريشن کان پهرين ئي فرار ٿي انڊر گرائونڊ ٿي وڃن؟ ڪراچيءِ ۾ جيڪو آپريشن 22 آگسٽ تي ڪرڻو هو جيڪو ڇا اهڙن ئي ڪن سبب جي ڪري نه ڪيو ويو جنهن جي ڪري هڪڙو قومي نقصان اهو ٿيو جو ڪافي شرپسند عنصر روپوش ٿي ويا ۽ پنهنجا اسلحه لڪائي پوشيده ڪري ڇڏيا.

    رمضان المبارڪ 27واري ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پريس ڪانفرنس ۾ مُتحده جي خلاف واضح انڪشفات ڪيا ويا هُئا جنهن تي اڃا حڪومتي عمل ڏسڻ ۾ نه پيو اچي، لڳي ٿو ته حڪومت ڪنهن خاص حُڪم نامي جو انتظار پئي ڪري جنهن کان پوءِ ئي ڪا واضح ڪاروائي ڪئي ويندي يا اڃا به سنڌي قوم جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي مُفاهمتي واري پاليسي اپنائي مُٽحده کي هميشه جيان مان ڏئي سنڌي قوم جي حقن سان ڏي وٺ ڪندي .

    بهرحال هيئنر وطن عزيز جا تقريبا” سمورا ادارا حرڪت ۾ اچي ويا آهن ته مُلڪ توڙڻ وري سازشن کي بي نقاب ڪجي ۽ مُلڪ دُشمن عنصرن جي گرد گهيرو تنگ ڪجي ان لاءِ ادارا مصروف آهن ۽ ٿُبوت به گڏ ٿي رهيا آهن. ۽ اهو تڏنهن ئي ممڪن ٿيندو جڏنهن لنڊن واريون پردي پُٺيان ڪاروايون، ايس ايم ايس تي هلندڙ خبرون بي نقاب ٿينديون اگر ائين نه ٿيو ته شايد وري هي مُلڪ ڊاڪٽر ذوالفقار جهڙو بي ڊپو، جُرائت مند ليڊر پئدا ڪي سگهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو