• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر ميچ فڪسنگ ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
2wn0fmv.jpg


تازه ترين خبرون آهن ته 2010 جي لارڊز ٽيسٽ ۾ ميچ فڪسنگ جي الزام ۾ آيل پاڪستاني رانديگر محمد عامراهو اعتراف ڪيو آهي ته هو ميچ فڪسنگ ۾ ملوث هو۔ پاڪستاني رانديگرن جي ايجنٽ مظهر مجيد به اهو اعترافي بيان جمع ڪرايو آهي ته پاڪستاني رانديگر محمد عامر، سلمان بٽ ۽ محمد آصف ميچ فڪسنگ ۾ ملوث رهيا آهن۔

محمد عامر جي اهڙي اعتراف کانپوء سندس تي لڳايل پابنديء ۾ ته نرمي ٿيندي پر سندس ساٿي رانديگرن جو ڪيس ڪمزور ٿي ويو آهي۔​
 
جواب: پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر ميچ فڪسنگ ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو

جيڪڏهن اهو اعتراف اڳ ۾ ڪري ها ته کيس مليل سزا مختلف هجي ها۔ شايد ڪجهه رعايت ٿي وڃي ها۔۔
هاڻي اسڪاٽلينڊ يارڊ جي مشوري تي واعدي معاف گواهه بڻجي پيو آهي۔ ڏسجي ته ان مان ڪجهه فائدو رسندس يا نه۔۔۔
ونڊ ڪرن جي مهرباني
 
جواب: پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر ميچ فڪسنگ ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو

مون جا خيال پڻ درويش جهڙا اهن ته اڳ ۾ ئي قبول ڪري ها

هاڻي ڏسجي ته ڇا پيو ٿئي

سدائين گڏ
 
Back
Top