سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پارن سنڌ جي اڙٻنگ ۽ دلير جوڌي شهيد مير مرتضى ڀٽو جي ورسيء تي کيس سرخ سلام پيش ڪجي ٿو۔مير مرتضى ڀٽو 20 سيپٽمبر 1996ع تي پنهنجي گهر ستر ڪلفٽن جي ويجهو پوليس جي انڌاڌند فائرنگ سبب شهيد ٿي ويو هو۔
ڦاسي گهاٽن جا سفر هميشه اڪيلا ئي ڪبا آهن
سُرخ انقلاب جي قافلي جا پانڌيئڙا نه ڄاڻ ته ڇو سست ٿيڻ لڳا آهن. ڪو زمانو هو ته اُهي سرخا ڳاڙها ڪتاب ورن ۾ هڻي ڪوئينز روڊ ڪراچي، حيدرآباد جي حيدر چوڪ، ڊاڪٽرس ڪالوني، وحدت ڪالوني، ڪلهوڙا ڪالوني، ڀرڳڙي فليٽس، ڪاري موري، ڄامشوري، لاڙڪاڻي، دادو، سکر ۾ اچي هڪ ٻئي سان ملندا هئا ۽ راتين جون راتيون هڪ ٻئي سان انقلابي بحث مباحثا ڪندي ٿڪبا نه هئا، خبر نه آهي ته انهن سرخن کي ڪهڙو وائرس لڳو آهي، جو خاموش ٿي وڃي يا ته گهر ويهي رهيا آهن يا وري ميڊيا جو سهارو حاصل ڪري ويٺا آهن، باقي جيڪي سرخا انهن ٿلهن ڳاڙهن ڪتابن کان آجا هئا، سي سر ڦريا اڄ به انهن گسن کي مقصد سمجهي منزل ڏانهن روان دوان آهن. هي انهن انقلابين جي ڪٿا آهي، جن 1979ع ۾ آمريت، خلاف ملڪ دشمن قوتن خلاف، مظلوم عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فرزندن مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو پاران اعلانيل انقلابي جدوجهد کي وجود ۾ آندو، ان جدوجهد جو حصو بڻيا هئا.
مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جن تڏهن هٿياربند انقلابي جدوجهد جي ضرورت محسوس ڪئي، جڏهن ضياءَ جي شڪل ۾ ملڪ مٿان آمريت مڙهي سياست تي پابندي هڻي عوامي نسل ڪشي شروع ڪئي وئي ۽ گهڻن سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪري جيلن ۽ ٽارچر سيلن ۾ اذيتون ڏنيون ويون ۽ سرعام سياسي اڳواڻن کي فوجي عدالتن پاران ٻڌايل سزا تي عمل شروع ڪيو ويندو هو. ان صورت حال ۾ مير ۽ ڪامريڊ شاهنواز ميدان عمل ۾ لهي پيا. ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ ۽ سندس هم خيال يعني آمريت پسند قوتن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. نيٺ ان جدوجهد رنگ لاتو ۽ جنرل ضياءَ پنهنجي آمريت جي ٽولي سان گڏ هوائن ۽ فضائن ۾ وکري ويو، آمريتي دور جي پڄاڻي ٿي ۽ مير ۽ سندس ساٿي عوام آڏو سرخرو ٿي سامهون آيا. مير مرتضيٰ ڀٽو ڪڏهن به عوامي حقن تي سوديبازي نه ڪئي ۽ ملڪ ۽ عوام جو باغي انقلابي شهزادو رهيو. هي شهزادو 16 سال جلاوطني ختم ڪري پنهنجي ڌرتي سنڌ تي 1993ع تي موٽيو، اچڻ سان گرفتار ڪيو ويو ۽ جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ هن باغي شهزادي ملڪ جي چئني صوبن جا دورا ڪيا ۽ عوامي موٽ ڏسي هن 15 مارچ 1995ع ۾ پ پ پ شهيد ڀٽو کي وجود ۾ آندو ۽ اُن کي منظم ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيائين ۽ نيٺ عالمي سامراجين ۽ ملڪي سامراجي قوتن 20 سيپٽمبر 1996ع تي ڪراچي ٽي تلوار آڏو مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڇهن ساٿين سميت شهيد ڪيو.
اڄ ان باغي شهزادي جي شهادت جو ڏهاڙو آهي ۽ سندس پارٽيءَ پاران سنڌ ۾ برسات جي تباهه ڪارين جي ڪري ورسيءَ جو پروگرام ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ هُئڻ به ايئن کپندو هو، ڇو ته مير جي جدوجهد به انهن ڏتڙيل ماڻهن جي لاءِ هئي، جيڪي مير کي پنهنجو قائد سمجهندا هئا. ورسي ايندڙ سال به ٿي سگهي ٿي، پر انهن ڏتڙيل انسانن سان همدردي جا ٻه لفظ به ڪافي هوندا، جيڪي هينئر آسمان تي گهمندڙ بادلن کان خوفزده آهن، انهن وٽ وڃڻ سان مير جي روح کي سڪون ملندو. مير مرتضيٰ جي ورسيءَ جي موقعي کيس حميد سبزوئي جي نظم جون هي آخري سِٽون ارپيون ٿا؛
ڇا تون ڄاڻين ٿو ته
چارڻ رڳو سر ڇو گهرندا آهن؟
۽ اروڙ جا ويران پهاڙ هڪ ٻئي سان ڪهڙيون خاموش ڳالهيون ڪندا آهن؟
وڃ! وڃي درسي ڪتاب پڙهه
منافقت جو مکڻ هڻي
اقتدار جو آڱوٺو چوس
مون کي اڪيلو ئي ڇڏي ڏي
ڇو ته ڦاسي گهاٽن جا سفر
هميشه اڪيلا ئي ڪبا آهن
اورنگزيب جمالي /حيدرآباد
روزانه ڪاوش تان ورتل
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: