]
سنڌي ٻولي جي نالواري ليکڪا، شاعره ۽ محقق ڊاڪٽر سحر امداد کي سندس جنم ڏينهن تي سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ پاڻ شاعري سان گڏ ڪالم ۽ نثر پڻ لکيو اٿن ۽ تحقيق تي سٺو ڪم ڪيو اٿن۔ ناليواري شاعر امداد حسينيء جي وني محترمه سحر امداد جي شخصيت بلڪل سحر انگيز آهي۔
”سحر امداد“ پهرين سحر بلوچ جي نالي سان لکندي هئي. سنڌيءَ جي مشهور شاعر امداد حسينيءَ سان شاديءَ کان پوءِ سحر امداد جي نالي سان لکڻ شروع ڪيائين. سحر جي شاعريءَ جو پنهنجو منفرد انداز آهي. هن آزاد توڙي پابند شاعري ڪئي آهي. غزل، گيت، نظم، آزاد نظم، وائي، ٽيڙو.... جي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”چوڏهينءَ چنڊ آڪاس“ ڇپيل آهي. سحر امداد ڪهاڻيون به لکيون آهن ته تحقيقي ڪم به ڪيو اٿس. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد آهي ۽ جديد شاعريءَ جي موضوع تي پي-ايڇ-ڊي ڪري چڪي آهي. سندس هڪ غزل آهي:

بيڪل ويران ڪاري رات
اهڙي ڄڻ ته ڏکويل ڏات
دل ۾ دردن جي درٻار
تن کي هردم تنهنجي تات.
سوري پاڻ اچي تو اوڏو
تون ڪر سورهيه اهڙي بات!
ڏس هو درياهه جي ڪنڌيءَ تي
نور جا ڪرڻا پائن جهات
ڄاڻ کٽي هيءَ ڪاري رات
ڳاءِ ”سحر“ ڪا مٺڙي لات!
اهڙي ڄڻ ته ڏکويل ڏات
دل ۾ دردن جي درٻار
تن کي هردم تنهنجي تات.
سوري پاڻ اچي تو اوڏو
تون ڪر سورهيه اهڙي بات!
ڏس هو درياهه جي ڪنڌيءَ تي
نور جا ڪرڻا پائن جهات
ڄاڻ کٽي هيءَ ڪاري رات
ڳاءِ ”سحر“ ڪا مٺڙي لات!