سنڌي ٻوليء جي ناليواري شاعره ۽ محقق ڊاڪٽر سحر امداد کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 سيپٽمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG][/center
    ]

    [justify]سنڌي ٻولي جي نالواري ليکڪا، شاعره ۽ محقق ڊاڪٽر سحر امداد کي سندس جنم ڏينهن تي سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ پاڻ شاعري سان گڏ ڪالم ۽ نثر پڻ لکيو اٿن ۽ تحقيق تي سٺو ڪم ڪيو اٿن۔ ناليواري شاعر امداد حسينيء جي وني محترمه سحر امداد جي شخصيت بلڪل سحر انگيز آهي۔

    ”سحر امداد“ پهرين سحر بلوچ جي نالي سان لکندي هئي. سنڌيءَ جي مشهور شاعر امداد حسينيءَ سان شاديءَ کان پوءِ سحر امداد جي نالي سان لکڻ شروع ڪيائين. سحر جي شاعريءَ جو پنهنجو منفرد انداز آهي. هن آزاد توڙي پابند شاعري ڪئي آهي. غزل، گيت، نظم، آزاد نظم، وائي، ٽيڙو.... جي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”چوڏهينءَ چنڊ آڪاس“ ڇپيل آهي. سحر امداد ڪهاڻيون به لکيون آهن ته تحقيقي ڪم به ڪيو اٿس. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد آهي ۽ جديد شاعريءَ جي موضوع تي پي-ايڇ-ڊي ڪري چڪي آهي. سندس هڪ غزل آهي:[/justify]

    بيڪل ويران ڪاري رات
    اهڙي ڄڻ ته ڏکويل ڏات

    دل ۾ دردن جي درٻار
    تن کي هردم تنهنجي تات.

    سوري پاڻ اچي تو اوڏو
    تون ڪر سورهيه اهڙي بات!

    ڏس هو درياهه جي ڪنڌيءَ تي
    نور جا ڪرڻا پائن جهات

    ڄاڻ کٽي هيءَ ڪاري رات
    ڳاءِ ”سحر“ ڪا مٺڙي لات!





    [​IMG]
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌي ٻوليء جي ناليواري شاعره ۽ محقق ڊاڪٽر سحر امداد کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايو

    محترمه بابت ڪافي پڙهيو ۽ ٻڌو هيم۔۔۔۔ پر جڏهن الطاف شيخ سان رهاڻ ۾ بنفس نفيس مليس ۽ سندس طرفان الطاف شيخ بابت خيالن جو اظهار ٻڌم ته سوچيم ته سندن بابت جيڪو ڪجهه پڙهيو يا ٻڌو اٿم اهو ته بلڪل نه برابر آهي۔۔۔
    سندن گفتگو يا گفتار ۾ لفظن جي چونڊ ۽ سمجهائڻ جو انداز ايترو ته نرالو ۽ وڻندڙ آهي جو سندس کي هڪ دفعو ٻڌندڙ ادبي دنيا ۾ لکيل سندس ڪو به ليک هڪ ساهي پڙهڻ جي ڪندو۔۔۔ منهنجي طرفان پڻ کين سندن جنم ڏينهن تي کوڙ ساريون واڌايون
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌي ٻوليء جي ناليواري شاعره ۽ محقق ڊاڪٽر سحر امداد کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايو

    محترمه کي اسان پاران به جنم ڏينھن جون واڌايون۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌي ٻوليء جي ناليواري شاعره ۽ محقق ڊاڪٽر سحر امداد کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايو

    محترما کي سندس جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون ۔
     
  5. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي ٻوليء جي ناليواري شاعره ۽ محقق ڊاڪٽر سحر امداد کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايو

    ادي کي لک لک مبارڪون۔۔۔۔!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو