• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رچي ويو روح ۾ آهين

عرس پريو

سينيئر رڪن
ڏهون ڀيرو پڙهيو آهي، اکين تي ئي رکيو آهي
سڄو سرهاڻ ۾ واسيل، پرين جو خط لکيو آهي

اهو جو عشق ٿو چئجي، اهو واسينگ ڪو آهي
انهيءَ واسينگ ئي پنهنجي، نصيبن کي ڪکيو آهي

اهو ئي چنڊ- چهرو آ، اسان کي جنهن جي هئي ڳولا
گهٽي ويندي گڏيو آهي، اچانڪ ئي اکيو آهي

اسان کي درد! ٿو ڊاهين، رچي ويو روح ۾ آهين
انوکو ذائقو تنهنجو، اسان چپ ۾ چکيو آهي

پنهنجو ئي پاڻ ۾ وکري، پئي ٿي چنڊ ڏي اڏري
ڀلا ڪنهن کان سڪڻ وارو، سليقو دل سکيو آهي

امر اقبال جون ڳالهيون، ڇڏيو بدحال جون ڳالهيون
اهو رولاڪ ماڻهو آ، انهيءَ ۾ ڇا رکيو آهي

امر اقبال
 
Back
Top