هن جي دل آ، دڪان ڪاٿي آ!؟

عرس پريو

سينيئر رڪن
تون ڪٿي ۽ جهان ڪاٿي آ!؟
يار! تنهنجو ڌيان ڪاٿي آ!؟

پيار پئسا ڏئي، خريد ڪرين!
هن جي دل آ، دڪان ڪاٿي آ!؟

لڙڪ تنهنجا اگهي ۽ پرچائي!
ايتري مهربان ڪاٿي آ!؟

تو ته واعدو نڀايو آ هر ڪو!
هن جي پنهنجي زبان ڪاٿي آ!؟

پنهنجي دل ۾ رکين ٿو ته ڀل رک تون!
منهنجي دل ۾ گمان ڪاٿي آ!؟

خاڪ لڳندو نشان پوءِ تنهنجو!
اک ڪٿي ۽ نشان ڪاٿي آ!؟

جنهن لاءِ معصوم تون اڏيو پئي اڏين!
تنهنجو سو آسمان ڪاٿي آ!؟

معصوم بخاري
 
جواب: هن جي دل آ، دڪان ڪاٿي آ!؟

ادا توهان سٺي سليڪشن ڪئي آهي سنڌ سلامت فورم تي۔۔۔
 
جواب: هن جي دل آ، دڪان ڪاٿي آ!؟

لڙڪ تنهنجا اگهي ۽ پرچائي!
ايتري مهربان ڪاٿي آ!؟


بهترين شيئرنگ ۔۔

تمام پياري چونڊ
 
Back
Top