ممبئي ڪو ڪابل ۽ قنڌار ته نه آهي ( الطاف شيخ)

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏22 سيپٽمبر 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,764
    ورتل پسنديدگيون:
    2,736
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    حصو پهريون)

    [JUSTIFY]پوني جي مين بس اسٽاپ تي پهچڻ لاءِ آئون پنهنجي ڦيٿن واري بئگ کي واسواني چوڪ کان ڦيرائي ڪناٽ روڊ تي جيڪو هاڻ واسواڻي روڊ سڏجي ٿو، هلڻ لڳس. رستي تي هڪ ٻه بس ڪمپنين جون آفيسون نظر آيون، جتي مختلف شهرن ڏي ويندڙ بسن جون ٽڪيٽون ائين وڪامي رهيون هيون، جيئن اسان وٽ هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ٽڪيٽ آفيسون آهن. ڪن جي ته اڳيان بيٺل سندن پگهاردار ايندڙ ويندڙ جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ مها بليشور، ڪولهاپور يا ڪنهن ٻئي شهر جو نالو وٺي رهيا هئا، جيئن پاڻ وٽ مختلف بسن جا ڪنڊيڪٽر يا ڪلارڪ بس جي آخري منزل مورو، ميرپورخاص، نوابشاهه يا سجاول جو هوڪو ڏيندا رهندا آهن. رستي تان هڪ ٻه رڪشا وارا مون کي بئگ سان گڏ واڪ ڪندو ڏسي اچي ڀر ۾ بيٺا ٿي پر مون اڄ پوني جي رستن تي آخري واڪ ڪرڻ چاهي ٿي، ڀلي ممبئي اڌ ڪلاڪ دير سان پهچان. ڪو زمانو هو جو بئگ کي مٿي کڻي هلبو هو يا ڪلهي يا مٿي تي رکبو هو. ان صورت ۾ بئگ سان گڏ هلڻ مصيبت هوندو هو، پر هاڻ ڏهاڪو سالن کان هي ڦيٿن واريون بئگون عام ٿي ويون آهن ۽ اهو بيوقوف هوندو جيڪو پرديس جي سفر ۾ بنا ڦيٿن واري بئگ کڻي نڪري ٿو ۽ اهو به لکندو هلان ته بئگ جا ڦيٿا جيڏا وڏا اوترو بهتر.

    پوني جو هي واسواڻي روڊ (ڪناٽ روڊ) پرنس آغا خان روڊ سان اچيو لڳي جيڪو ساڄي کان کاٻي وڃي ٿو. پوني جي ريلوي اسٽيشن ۽ بس اسٽاپ هن روڊ تي آهي، جنهن لاءِ آئون کاٻي مڙيس. ٻن ٽن منٽن جي واڪ بعد هن روڊ تي جيئن ئي بي جي ميڊيڪل روڊ (پراڻو نالو ساسون روڊ) اچي ٿو لڳي، ته ان کان پوءِ بس اسٽاپ آهي. چوڌاري ڪيتريون ئي بسون بيٺيون هيون. هڪ ڊگهي ۽ ڊيلڪس ٽائيپ بس ان وقت ڇٽي رهي هئي. ٽڪيٽ آفيس وارن ٻڌايو ته هن بعد ٻي اڌ ڪلاڪ بعد ڇُٽندي. مون اڍائي سؤ رپيا ڏئي ان پوءِ واري بس جي ٽڪيٽ ورتي ۽ ان آفيس ڀر ۾ هڪ ريسٽورنٽ ۾ ويهي چانهه پيتي. اڊلي يا ڊوسا منهنجي ڪا فئوريٽ شيءِ ناهي پر هن هوٽل ۾ اهي ئي ٻه شيون هيون جيڪي اڦراٽي بدران مجبورن کائڻيون پيون.

    بس پوري اٺين بجي بس اسٽاپ ڇڏيو جيتوڻيڪ مسافرن جو تعداد ڪو ٻارهن تيرهن مس هو. مون سمجهيو ته جيسين بس ڀربي نه تيسين بس اسٽاپ نه ڇڏيندي. ٽڪيٽن تي سيٽ نمبر لڳل هئا پر پڇڻ تي ڊرائيور چيو ته ڪنهن به سيٽ تي ويهي سگهان ٿو، جو پوني شهر مان لنگهندي سٺ ستر سيڪڙو بس ڀرجي سگهندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته صبح جو پنجين ڇهين بجي واريون بسون فل وڃن ٿيون، جو ان ۾ آفيسن جا ماڻهو ويهن ٿا جن کي ممبئي ۾ پنهنجي آفيس ۾ نائين ڏهين تائين پهچڻو پوي ٿو. پوني کان ممبئي پهچڻ ۾ بس کي چار ڪلاڪ لڳن ٿا، جو اڌ ڪلاڪ کن پوني شهر مان نڪرڻ وقت مختلف هنڌن تي بيهي وڌيڪ مسافر کڻي ٿي ۽ اهڙو رستي تي هڪ ٻن هنڌن تي مسافرن جي چانهه پاڻي لاءِ ترسي ٿي.

    پوني جي هڪ ريلوي اسٽيشن واري بس اسٽاپ کان علاوه پوني شهر ۾ ٻه ٻيا به وڏا اسٽاپ آهن. هڪ شيواجي نگر وارو بس اسٽاپ ۽ ٻيو سوارگيٽ وارو. شيواجي نگر واري بس اسٽاپ کان گهڻو ڪري اورنگاباد (6 ڪلاڪن جو سفر)، ناسڪ، احمد آباد، وَدودرا، لونا والا ۽ نانگپور ڏي بسون وڃن ٿيون. سوار گيٽ بس اسٽاپ کان بئنگلور، مها بليشوار، سولاپور، مئنگلور ۽ انڊيا جي ڏاکڻي رياست ڪرناٽڪا جي شهرن ڏي وڃن ٿيون. بهرحال مون کي ممبئي وڃڻو هو ۽ نه رڳو بس آرام واري هئي پر مون کي ويهڻ لاءِ اڳين سيٽ ملي وئي هئي، جنهن ڪري نه فقط دريءَ مان پر در کلڻ تي ان مان به ٻاهر جو شهر، عمارتون، دڪان، ماڻهو صاف نظر اچي رهيا هئا. آئون هن شهر جي هر شيءِ غور سان ڏسندو رهيس. اڄ منهنجو هن شهر پوني ۾ آخري ڏينهن هو. بلڪه آخري گهڙيون هيون. هي شهر جنهن جو نالو مون ننڍپڻ کان پنهنجي ڏاڏيءَ جي واتان ٻڌو، جتي منهنجي پيءُ پنهنجي پسند جي سبجيڪٽ Agriculture ۾ گرئجوئيشن ڪئي، جتي دادا جشن رهي ٿو، جنهن کي هيستائين فقط ٽي وي جي اسڪرين تي ڏسندو هوس، هتي هيرآباد جي دادي ليلان جون ڪلاس ميٽ ۽ هم جيڏيون ايشوري جوتواڻي ۽ سندس ڀيڻ نرملا رهن ٿيون، جن پنهنجي سڄي زندگي ساڌو ٿانورداس ليلارام واسواڻي جي اصولن تي وقف ڪري ڇڏي، جن بنيادي تعليم حيدرآباد سنڌ جي ڪندنمل اسڪول ۽ ميران ٻائي ڪاليج مان حاصل ڪئي ۽ هي شهر پوني اهو آهي، جتي حيدرآباد جي ان تعليمي اداري جو هم نام ”سينٽ ميران گرلس اسڪول“ آهي... اڄ اهو شهر ڇڏي پيو وڃان، جنهن جي ڏسڻ لاءِ سالن کان خواب ڏسندو رهيس.

    بس آغا خان ۽ سنجي گانڌي روڊ تان ٿي ڊاڪٽر امبيدڪر روڊ تي آئي، جيڪو شهر جي وچمان لنگهندڙ موٺا(Mutha) ندي تائين اچي ٿو ۽ ان هنڌ تي هي درياهه ٽپڻ لاءِ سنگم پل ٺهيل آهي. سنگم پل ٽپڻ وقت مون بس جي دريءَ مان موٺا نديءَ جي وهندڙ پاڻي ڏي ڏٺو جيڪو ٿورو اڳيان اتر ۾ مُولا (Mula) نديءَ سان وڃي ملي ٿو جنهن بعد هي ٻئي نديون هڪ ٿي اوڀر ڏي وڃن ٿيون ۽ اها مليل ندي ”مُولا موٺا ندي“ سڏجي ٿي. موٺا نديءَ جي ڪپر تي ڪجهه ڌوٻي ۽ گهرو عورتون ڪپڙا ڌوئي رهيون هيون.
    [/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو