زال ۽ مڙس جي عليحدگي جي صورت ۾ ٻارن جي پرورش،،قانوني ،معاشي ۽ ٍجذباتي مسائل۔

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 سيپٽمبر 2011۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ماء يا پيء کان سواء ٻار سڄي زندگي احساس ڪمتري ۾ گذاريندو آهي!
    ماء ۽ پيء جو اولاد کان جدا ٿيڻ هڪ تمام وڏو امتحان هوندو آهي۔اسان وٽ جٿي گهڻيون شاديون ڪامياب ٿينديون آهن اتي ڪجه شاديون ناڪام به ٿينديون آهن۔۔شادي ۾ ناڪامي جو اثر سڀني کان گهڻو اولاد تي ٿيندو آهي،ڇو ته ۔سنگل پيرنٽ چائلڊ۔۔ هميشه احساس ڪمتري جو شڪار هوندو آهي۔زال ۽ مڙس ۾ عليحدگي کان پوء سڀ کان پهريون مسئلو ٻارن جي پرورش ۽ ڪسٽڊي جو پيدا ٿيندو آهي۔،ان معاملي ۾ گارڊين ۽ وارڊ ايڪٽ 1890 جو اطلاق ٿيندو آهي۔طلاق کان پوء عدالت جي ذريعي ٻارن جي ڪسٽڊي جو معاملو طئي ڪيو ويندو آهي۔سيڪشن 25 گارڊن ۽ وارڊ ايڪٽ جي تحت هڪ ڪيس ماء يا ٻيا ٻار جا مائٽ علائقي (ٍجٿي ٻار رهندو هجئي) جي فيملي ڪورٽ ۾ داخل ڪندا۔اسلامي ۽ ملڪي قانون جي تحت ٻار جو حقيقي سر پرست والد هوندو آهي،چاهي ٻار هن جي قبضي ۾ آهي يا نه۔ماء يا ٻار جي ٻين مائٽن کي مٿي ٻڌايل قانون جو سهارو وٺڻو پوندو ٻار جي ڪسٽڊي والد يا ٻين رشتدارن کان ُوٺڻ لاء۔سيڪشن 12 گارڊن ۽ وارڊ ايڪٽ 1890 جي تحت ڪورٽ ٻار جي ڪسٽدي جو حتمي فيصلي ڪرڻ کان اڳ۔انٽريم ڪسٽدي ماء يا پي جي حق م ڪري سگهي ٿي ۽ بار سان ملاقات جو موقعو فراهم ڪندي ان پارٽي کي جنهن جي تحويل ۾ ٻار نه هوندو آهي۔ڪورٽ ٻار جي ڪسٽدي جو مسئلو حل ڪندي سڀ کان وڌيڪ اهميت ٻا ر جي پرورش ۽ حفاظت ڪنهن وٽ بهتر انداز ۾ ٿي سگهندي کي مدنظر رکندي آهي۔تاڪه ٻار هڪ سٺي ماحول ۾ تربيت حاصل ڪري معاشري جو هڪ بهترين انسان جي صورت ۾ وجود ۾ اچي ۽ ڪامياب زندگي گذاري۔اسلامي ۽ ملڪي قانون جي تحت ٻار جي پرورش(کاڌو،ڪپڙا ۽ تعليم ) جي ذميداري پيء تي هوندي آهي ڀلي ٻار ان پيء کان الڳ ماء وٽ رهندو هجئي۔
    ۔۔۔۔۔۔۔ ولي ۔۔۔۔۔۔۔۔
    عام طور تي 18 سالن کان گهٽ عمر جي فرد کي ٻار تصور ڪيو ويندو آهي۔ولي مان مراد هر اهو شخص آهي جيڪو ڪنهن نابالغ۔ٻار جي حفاظت ڪري ،ان جي جائيداد جي حفاظت ڪري۔ولي جا چار قسم هوندا آهن۔فطري ولي(والد) وصيتي ولي(ٍجنهن کي مرڻ جي ٽائيم تي والد پنهنجي و صيت ۾ ٻار جو سرپرست مَقرر ڪيو هجئي) ،قانوني ولي ۽ عدالت جي طرفان مَقرر ڪيل ولي۔(سيڪشن 10 گارڊن ۽ وارڊ ايڪٽ 1890 جي تحت ٻار جي والد جي وفات يا ان جي موجودگي ۾ جيڪڏهن ٻار جي صحيحي پرورش والد نه ٿو ڪري ته ٻار جو مائٽ يا همدرد(ويل وشِر) فيملي ڪورٽ جي ذريعي پاڻ کي ان ٻار جو قانوني سرپرست مقرر ڪرائيندو ،شرط صرف اهو هوندو ته ان جو ٻار جي پراپرٽي ۾ ڪنهن قسم جو پنهنجو فائدو نه شامل هوندو مختصرن ته هو پنهنجي مالي فائدي لاء ٻار جو سرپرست مقرر نه ٿي سگهندو۔ ڪورٽ وقت به وقت ان کي ڪورٽ ۾ گهرائي ٻار جي پراپرٽي ۽ تعليم تربيت جي باري ۾ معلومات حآضل ڪري سگهي ٿئي ۽ جيڪڏهن اهو شخص ٻار جي فلآح ۽ بهبود جي ّخلاف ڪم ڪندو ته ان کي ٻار جي سرپرستي کان هٽائي به سگهئي ٿي۔

    جيڪڏهن ٻار جي والدين ۾ عليحدگي ٿي وڃي ته حنفي فقه جي مطابق پٽ جي پرورش جو حق 7 سالن تائين ۽ ڌيء جي پرورش جو حق ٻارهن سالن تائين ۽ ڪن ڪتابن ۾ بالغ ٿيڻ تائين ماء وٽ رهئي ٿو۔ ان حق کي قانوني لغت ۾ رائيٽ آف حضانت چوندا آهن۔جيڪڏهن انهيء دوران ماء ٻي شادي ڪندي ته ٻار پي جي تحويل ۾ هليو ويندو ۽ ماء جو رائيٽ آف حضانت ختم ٿي ويندي۔شيعه فقه جي تحت ماء پٽ کي ٻن سالن تائين ۽ ڌيء کي ستن سالن تائين پاڻ وٽ رکي سگهندي۔جيڪڏهن ٻار ستن سالن جا نه ٿيا ۽ ماء مري وڃي ته ٻار جو پرورش جو حق ناني يا ماسي کي هوندو جڏهن ته سرپرستي پيء کي حاصل هوندي۔۔جيڪڏهن ٻئي والدين فوت ٿي وڃن ته ٻار جي پرورش جو حق ڏاڏا کي ملندو آهي۔۔ٍجيڪڏهن ماء ذنده نه هجئي يا زنده هجئي پر ٻار کي وٺڻ کان انڪار ڪري ته 7 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪرو ۽ نابالغ ڇوڪري جو پرورش جو حق پيء کان پوء ناني،ماسي،سڳي ڀيڻ،ڏاڏي،ڀيڻ جي ڌيء،ماٽيلي ڀيڻ(جنهن جي والده ۽ ٻار جي والده هڪ هجئي) ماٽيلي ڀيڻ جي ڌيء،نهن ۽ پهوپي کي به آهي۔ٍجيڪڏهن ٻار جي نانڻن مان ٻار جي پرورش لاء ڪير تيار نه هجئي ته ٻار جي پرورش جو حق ڏاڏا،ڏاڏي۔پهوپي،ٻار جو سڳو ڀاء، ويڳو ڀاء(جنهن جو پيء ۽ ٻار جو پيء ساڳيو هجئي)،سڳئي ڀاء جو پٽ،ويڳئي ڀاء جوپٽ،چاچو، ويڳو چاچو ۽ ويڳي چاچي جي پٽ کي آهي۔ٍجيڪڏهن ٻار جي نانڻن ۽ ڏاڏڻن مان ڪير به ٻار جي پرورش جي ذميداري نه کڻي ته ڪورٽ ٻار جي پرورش لاء قابل اعتمائد ولي مَقررڪندي۔
    فيملي ڪورٽ پيء کي ٻار جي ڪسٽڊي ڏيڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿي جيڪڏهن پيء ٻئي شادي ڪئي آهي۔ يا ٻار جي پرورش لا خرچ ڏيڻ کان انڪاري آهي۔يا ماء کي تنگ ڪرڻ لاء ٻار وٺڻ جو ڪيس گهڻي دير کان پوء ڪورٽ ۾ داخل ڪري ٿو۔

    هيئ سڄي اسلامي ۽ قانوني معلومات هن اوطاق جي ڪينوئس تي انڪري چٽي آهي ته جيئن والدين علحيدگي اختيار ڪر ڻ کان پهريائين ان ڳاله جو ڌيان رکن ته انهن جي اولاد جو ڇا ٿيندو۔ ڇو ته ماء يا پيء جي پاڇئي کان محروم ٻار زندگي جي ميدان ۾ پاڻ کي تمام گهڻو اڪيلو محسوس ڪندو اهي جنهن جو منفي اثر ان جي آئيندا زندگي ته پوندو آهي ۽ هو هميشه احساس ڪمتري جو شڪار نظر ايندا آهن۔
    توهان جي نيڪ خواهشن ۽ ڪمينٽس جو انتظار رهندو۔هميشه خوش رهو۔
     
    آخري ترميم: ‏16 مئي 2020
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: زال ۽ مڙس جي عليحدگي جي صورت ۾ ٻارن جي پرورش،،قانوني ،معاشي ۽ ٍجذباتي مسائل۔

    سائين ميمڻ صاحب تمام سٺو ۽ معلوماتي ليک۔

    گهٽ ۾ گهٽ مان ان سڄي معلومات کان اڻ واقف هوس۔ سچ ته اوهان هڪ اهم عنوان تي اسان کي ڄاڻ فراهم ڪئي آهي۔ فيمليز جا مسئلا زندگيء جو حصو آهن ۽ انهن کي سلجهائڻ ته گهرجي پر اجائي ضد ڪرڻ کان اڳ انهن جو قانوني پاسو به ڏسجي ته جيئن اهڙا سخت فيصلا ڪرڻ وقت هي ڳالهيون به ڌيان ۾ هجن۔

    اميد ته آئينده به اوهان پنهنجي انتهائي قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي اسان جي معلومات ۾ اضافو ڪندا رهندا۔
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: زال ۽ مڙس جي عليحدگي جي صورت ۾ ٻارن جي پرورش،،قانوني ،معاشي ۽ ٍجذباتي مسائل۔

    ميمڻ صاحب جون لک مهربانيو جو پنهنجي قيمتي وقت مان اسان کي لاڳاپيل معلومات تمام سهڻي نموني ڏين ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄ به اهم اشو تي ڄاڻ فراهم ڪئي اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔ سچ پچ ته توهان جي مضمونن جو انتظار رهندوآهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    قانوني مسعلا ٻڌائڻ لاء وري به مهربانيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: زال ۽ مڙس جي عليحدگي جي صورت ۾ ٻارن جي پرورش،،قانوني ،معاشي ۽ ٍجذباتي مسائل۔

    لک لائق انتهائي اهم موضوع ونڊ ڪيو اٿوَ۔۔۔
    منهنجي ڪوليگ هڪ ڇوڪري ڪافي ڏينهن کان پريشان آهي ۔۔ جو هن پنهنجي مڙس کان عليحدگي ورتي آهي ۽ سندس 6 مهينن جي نياڻي کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندس سابق مڙس (جيڪو وڪيل پڻ آهي) کيس مسلسل ڌمڪائي رهيو آهي۔۔۔
    اهڙي صورت ۾ توهان جا لکيل هي لفظ سندس کي آٿت ڏيڻ لاءِ ڪافي آهن:
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: زال ۽ مڙس جي عليحدگي جي صورت ۾ ٻارن جي پرورش،،قانوني ،معاشي ۽ ٍجذباتي مسائل۔

    محترم سليمان وساڻ۔عرس پريو ۽ رشيد سمون صاحب،اسلام عليڪم ۔اسان جي هڪ ننڊي ڪوشش جيڪا قانوني جي باري ۾ صحيحي معلومات تي منحصر آهي کي پسند ڪرڻ تي توهان جون تمام گهڻيون مهربانيون۔ادا رشيد سمون توهان پنهنجي ڪوليگ کي يقين سان آٿت ڏيو ته فيملي ڪورٽ ڪنهن به صورت ۾ ڇهن مهينن جي نياڻي کي ماء کان جدا نه ٿي ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته ٻارهن سالن تائين ماء جو رائيٽ آف حضآنت ان ٻار لاء قائم رهندو آهي ۽ ان حق کي هر ڪورٽ اهميت ڏيندي آهي۔ٍجيڪڏهن توهان جي ڪوليگ جو سابق مڙس پنهنجي وڪيل هئڻ جو فائدو وٺندي جيڪڏهن ٻار کي ماء کان زبردستي پري ڪندي ته ،ماء انڊر سيڪشن 491 ڪرمنل پروسڊير ڪوڊ جي تحت علائقي جي شيشن جج صاحب کي درخواست ڏيندي۔ڪورٽ ٻار کي گهرائي ماء جي حوالي ڪندي۔ٍجيڪڏهن پيء ٻار کي ڄاڻي وڻي ڪورٽ ۾ پيش نه ڪندو ته ڪورٽ پوليس جي مدد سان ٻار کي ڪورٽ ۾ پيش ڪرائيندي ۔توهان جي ڪوليگ کي پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي۔ٍجيڪڏهن هن جو سابق مڙس هن کي پريشان ٿو ڪري ته هو ان جي خالف ايف آئي آر به ڪٽائي سگهي ٿي يا سيشن جج صاحب کي هيومن رائٽس جي پليٽ فارم تي قانوني حفاظت جي درّخواست ڏئي سگهي ٿي۔ڪورٽ هن جي سابق مڙس کي گهرائيندي ۽ پابند ڪندي ته پنهنجي سابق زال يا ٻارن کي غير قانوني طوي تي تنگ نه ڪري۔اميد ته مٿين مشورن تي عمل ڪرڻ سان توهانجي ڪوليگ جي پريشاني وارا سڀ مسئلا حل ٿي ويندا۔هميشه خوش رهو هن محبتي فورم جا رابن هڊ۔
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: زال ۽ مڙس جي عليحدگي جي صورت ۾ ٻارن جي پرورش،،قانوني ،معاشي ۽ ٍجذباتي مسائل۔

    هميشه جيئان معلوماتي ۽ ڪارائتو ليک ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔

    بيشڪ زال ۽ مڙس وچ ۾ ڦيٽاڙو هڪ معاشري جو ڦيٽاڙو يا وري وڏو نقصان ڪٽنب جو ٿئي ٿو ۔۔۔ انڪري اسانجي دين ۾ زال ۽ مڙس جي رشتي کي تمام وڏي اهميت ڏنل آهي ۔۔۔ ايتري حد تائين جو شيطان جي سڀ کان وڏي خوشي ئي آهي ته هو ڪنهن زال مڙس جي وچ ۾ جهيڙو ڪرائي وجهي ۔۔۔

    الله ڪري ته سنڌي جوڙا سلامت هجن ۽ سنڌ ۾ سڪون ۽ سرور هجي ۽ ڪٽنب محفوظ هجن ۔۔۔ پر پو به زندگي ۾ ڪي گهڙيون اهڙيون به اچيو وڃن جو کير کنڊ ٿيل جوڙا به جدا ٿيڻ تي مجبو ٿين ٿا، ان صورت ۾ اوهانجو ليک ڪارائتو ۽ لاڀائتو ثابت ٿيندو ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
     
    عرس پريو ۽ ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: زال ۽ مڙس جي عليحدگي جي صورت ۾ ٻارن جي پرورش،،قانوني ،معاشي ۽ ٍجذباتي مسائل۔

    سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب تمام بهترين ونڊ آهي توهان جي ڏنل معلومات يقينن ڪافي دوستن جي لا۽ مشعل را۽ ٿيندي

    هڪ بهترين ليک ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    سائين اميد ته توهان پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي ڪري سنگت کي ڏيندا ته جيئن اسان کي پڻ قانون جي معلومات سگهي

    سدائين گڏ
     
  8. حڪيم عبدالقادر

    حڪيم عبدالقادر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 فيبروري 2011
    تحريرون:
    30
    ورتل پسنديدگيون:
    129
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: زال ۽ مڙس جي عليحدگي جي صورت ۾ ٻارن جي پرورش،،قانوني ،معاشي ۽ ٍجذباتي مسائل۔

    واه سائين واه۔ زبردست۔ بهترين معلومات آهي۔
     
  9. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: زال ۽ مڙس جي عليحدگي جي صورت ۾ ٻارن جي پرورش،،قانوني ،معاشي ۽ ٍجذباتي مسائل۔

    لک لائق انتهائي اهم موضوع ونڊ ڪيو اٿوَ۔۔۔
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: زال ۽ مڙس جي عليحدگي جي صورت ۾ ٻارن جي پرورش،،قانوني ،معاشي ۽ ٍجذباتي مسائل۔

    محترم سائين غلام مصطفى پيارا اوهان جي مهرباني جو اوهان تمام معلوماتي تحرير لکي اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو
    جيئن ته اوهان قانون جا ڄاڻو آهيو ان لاء هڪ عرض فقط معلومات خاطر ته اسان جي ملڪ ۾ ڪهڙو قانون نافذ آهي اسلامي يا ڪو ٻيو جيئن اوهان جي حوالي مان معلوم ٿئي ٿو 1890 جي ايڪٽ تحت هي عمل ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته ان دور ۾ پاڪستان جو ته وجود ئي ڪونه هو پوء اهو ايڪٽ ملڪ جي قانون جو حصو ڪيئن بڻيو.
    2. ٻيو نمبر عرض هي آهي ته اگر ڪو ماڻهو پنهنجي مسلڪ اهل شيعت يا اهل سنت مطابق عليحدگي اختيار ڪري ۽ پنهنجي فقهي مسلڪ مطابق ڪا تحرير آڻي ته ڪورٽ ان کي اهميت ڏيندي يا جيڪو ڪورٽ جي ايڪٽ مطابق فيصلو هوندو ان تي عمل ڪندي.
    انهن ٻن ڳالهين جو مختصر جواب ڏيڻ جي عنايت فرمائيندا ته اوهان جي مهرباني ٿيندي.
    هي اعتراض وغيره نه آهي فقط معلومات لاء عرض آهي ڇو ته پاڪستان جو قانون اوهان ته نه ٺاهيو آهي جو اوهان جي تحرير تي ڪو اعتراض ڪيو وڃي ليڪن اوهان قانوني ڄاڻ رکو ٿا ان ڪري پنهنجي معلومات ۾ اضافي لاء هي معروضات عرض ڪيا ويا آهن.

    دوستن جي معلومات ۾ هي ڳالهه به هئڻ گهرجي ته اسان جي سنڌ ۾ اڪثر طلاق ان ڪري به واقع ٿيندي آهي جو اڪثر اسان جي پراڻي رسم موجب اڃا به ڪٿي ڪٿي ننڍي عمر ۾ شاديون ٿين ٿيون جڏهن ڇوڪرو اڃا ميچيوئر ئي نه آهي ته ان کي شادي جي رشتي ۾ ٻڌو وڃي ٿو ۽ هو ٿوري گهڻي ڳالهه تي طلاق ڏئي ڇڏي ٿو.

    2. ٻيو سبب اڪثر ديني معلومات گهٽ هئڻ سبب ڪافي ماڻهن کي طلاق متعلق معلومات نه آهي سائين غلام مصطفى جن جي اهڙي تحرير اڳ به شايد اچي چڪي آهي ليڪن وري به دوستن جي معلومات خاطر عرض آهي ته طلاق شرعي لحاظ سان جائز ڪمن مان هڪ جائز عمل آهي پر ان جي باوجود ان ۾ سخت قباحت آهي جڏهن ته ٻين جائز ڪمن ۾ ڪا به قباحت نه آهي. ۽ طلاق فقط تڏهن ڏني وڃي جڏهن مسئلي کي سلجهائڻ جو بالڪل ڪو به رستو نه رهي .
    وري طلاق ڏيڻ وقت به شرعي لحاظ سان بهتر طريقو اهو آهي ته پاڪائي جي حالت ۾ (يعني عورت کي حيض جي حالت نه هجي) تڏهن فقط هڪ دفعو طلاق ڏجي پوء ٻي طلاق وري حيض اچڻ بعد جڏهن ٻي پاڪائي ٿئي تڏهن ڏيڻ گهرجي ان ۾ اها مصلحت آهي ته ٿي سگهي ٿو ته ايتري عرصي ۾ ڪاوڙ لهي وڃي ۽ ٻنهي طرفن ۾ ڪا نرمي پيدا ٿئي ۽ صلح لاء راضي ٿين ته پوء بنا ڪنهن نڪاح وغيره جي فقط رجعت ڪرڻ سان اها ساڳي عورت ان ساڳئي مرد جي گهرواري رهندي.
    مرد کي جيڪو شريعت اختيار ڏنو آهي ٽن طلاقن جو اهو اختيار هڪ ئي دفعي ۾ جلدي استعمال نه ڪرڻ گهرجي. عورت به انسان آهي ان کي به شريعت حق ڏنا آهن فقط مرد جا حق نه آهن ان ڪري عورت کي بالڪل گهٽ حيثيت وارو سمجهي جلدي طلاق ڏيڻ شريعت ۾ سخت نا پسنديده عمل آهي ها جيڪڏهن ڪا عورت اهڙي هجي جو مرد مجبور ٿي پوي جو سواء طلاق جي ٻيو ڪو چارو نه هجي ته ان صورت ۾ شريعت مرد کي اجازت ڏئي ٿي ته هو طلاق ڏئي سگهي ٿو پر طلاق ڏيڻ کان اڳ سو ڀيرا سوچي جڏهن سندس فيصلو طلاق لاء حتمي ٿي پوي ته پوء وري مٿي ڄاڻايل تفصيل موجب هڪ دفعو ڏئي. پنهنجي اختيار کي فوري طور ختم نه ڪري. ڇوته ڪئين ڀيرا اهو مشاهدو ٿيو آهي ته ماڻهو طلاق بعد اسان کان مسئلو پڇڻ ايندا آهن ته مون طلاق ڏني هئي ليڪن هاڻي اسان راضي ٿي ويا آهيون هاڻي اسان گڏ رهڻ چاهيون ٿا. ان ڪري اهڙي جلدي ڪري ٽي طلاقون نه ڏيڻ گهرجن.

     
  11. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: زال ۽ مڙس جي عليحدگي جي صورت ۾ ٻارن جي پرورش،،قانوني ،معاشي ۽ ٍجذباتي مسائل۔

    ادا رحيم ٻخش اسلام عليڪم۔ادا سائين توهان جي سوالن جي جواب ۾ عرض آهي ته اسان وٽ ڪجهه معاملن ۾ اڃا تائين انگريزن جي زماني جو قانون رائج آهي ۽ اڃا تائين ان ۾ ڪا مناسب ترميم ڪري بل اسمبلي کان پاس ڪرائي پاڪستان ٺهڻ کانپوء رائج نه ڪيو ويو آهي۔اسمبلين جون اسٽينڊنگ ڪمٽيون ڪنهن به قانون جو بل ٺاهي ان کي اسمبلي مان پاس ڪرائي پريزڊنٽ کان اپرول وٺي آرڊينس يا ايڪٽ جي صورت م نوٽفائي ڪرائي نافذ عمل ڪندي آهي۔ٻارن جي ڪسٽدي جو معاملو هجئي يا مينٽينس جو ،ديواني مقدمو هجئي يا فوجداري انهن ڪيسن کي ڪورٽ ۾ هلائڻ جو اڃا تائين پراڻو انگريزن وارو قانوني طريقو رائج آهي۔


    ڪورٽ ۾ ويسٽ پاڪستان فيملي ڪورٽ ايڪٽ 1964ع جي قانون تحت فيملي ڪيسن بلخصوص طلاق جي ڪيسن جو فيملي ڪورٽ فيصلو ڏيندي آهي ،چاهي پارٽين جو تعلق ڪهڙي به مسلڪ سان هجي۔ڪورٽ پاڻ فيصلو ڏيندي آهي،مڙس کي ڪڏهن به ڪورٽ زال کي طلاق ڏيڻ لاء حڪم نه ڏيندي آهي ۔جيڪڏهن ڪا به پارٽي ڪنهن مخصوص فرقي جي عالم جو فيصلو ڪورٽ ۾ کڻي ايندي ته ڪورٽ لاء اهو ضروري نه آهي ته ان تي عمل ڪري۔ڪورٽ رائج قانون مطابق فيصلو ٻڌائيندي ڀلي ڌرين جو تعلق ڪهڙي به فرقي سان هجئي۔اميد ته اسان جا جواب توهان جي معيار تي صحيحي لٿا هوندا۔هميشه خوش رهو آمين۔
     
    ايس ايم درس ۽ ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: زال ۽ مڙس جي عليحدگي جي صورت ۾ ٻارن جي پرورش،،قانوني ،معاشي ۽ ٍجذباتي مسائل۔

    سائين وقت ڪڍي جواب جي عنايت لاء اوهان جو احسانمند آهيان بس معلومات گهربل هئي جيڪا اوهان مهيا ڪئي اوهان جي وڏي مهرباني.​
     
  13. محمد سليم نظاماڻي

    محمد سليم نظاماڻي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڪوڙي ڏاج جو ڪيس ڪا عورت داخل ڪري ٿي. ڪو ڙا قسم کڻڻ کان بہ نٿي ڊڄي. گھر بہ نٿي ڪري. اھڙي عورت لاء اسلام ڇا ٿو چوي
     
  14. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    اداا سائين السلام عليڪم.الله سائين جي پاڪ نبي .رحمتالعالمين،امام انبياء صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان آهي (الله سائين ڪمي بيشي معاف ڪري) ته ڪوڙ ڳالهائڻ وڏن گناهن مان هڪ گناه آهي ۽ مذاق ۾ به ڪوڙ نه ڳالهائجي.وڌيڪ فرمان آهي ته انسان جڏهن ڪوڙ ڳالهيندو آهي ته فرشتا 3 ميلن تائين ان انسان کي پري هليا ويندا آهن.
    جيڪڏهن ڪاعورت ڪوڙو قسم کڻي ڪورٽ ۾ شاهدي ڏئي ٿي ياڪوڙو قسم کڻي ڪيس داخل ڪري ٿي ته يقين ڄاڻو هو الله پاڪ جي ناراضگي کي دعوت ٿئي ڏئي.
    هن اسان جي محبتي اڱڻ تي تمام سٺا ؤ وڏا عالم ۽ دين جي علم جا ڄاڻو موجود آهن .انشاالله هو به هن موضوع تي اوهان جي صحيحي رهنمائي ڪندا.
     
  15. بلاول ارباب

    بلاول ارباب
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 اپريل 2018
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
     
  16. بلاول ارباب

    بلاول ارباب
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 اپريل 2018
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ميمڻ صاحب توهان هڪ اهم مسئلي بابت ڄاڻ ڏني آهي اميد ته ايندڙ وقت ۾ به توهان اهڙن اهم مسئلن بابت معلومات ڏيندو رهندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو