• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شعيب اختر پاران بال ٽيمپرنگ ڪرڻ جو اعتراف، وسيم اڪرم تي ڪيريئر تباهه ڪرڻ جو الزام

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
213gkci.jpg


پي سي بي ميچ فڪسنگ جو ذميوار آهي، بال ٽيمپرنگ ڪندو هيس، شاهه رخ ڌوڪو ڏنو: شعيب اختر

اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر بال ٽيمپرنگ جو اعتراف ڪندي الزام هنيو آهي ته پي سي بي به ميچ فڪسنگ ۾ ملوث آهي. پنهنجي آتم ڪٿا ۾ شعيب اختر لکيو آهي ته لٽل ماسٽر سچن ٽنڊولڪر ڏي ايترو تيز بال اڇلايم جو هو ان کي ڇهي به نه سگهيو. پهريون ڀيرو ٽنڊولڪر مون کان بچڻ لاءِ فيصل آباد جهڙي بي جان وڪٽ تي بچڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. ٽنڊولڪر ۽ راهول ڊريوڊ ميچ ونر رانديگر نه آهن. هو ته راند ختم ڪرڻ جو فن به نه ٿا ڄاڻن. هن چيو ته مون کي شاهه رخ خان ۽ للت مودي آءِ پي ايل ۾ ڌوڪو ڏنو. هن چيو ته مون بال ٽيمپرنگ ڪئي آهي ۽ ٻيا بالر به ڪندا آهن، ان لاءِ ان کي قانوني حيثيت ڏني وڃي.

هن چيو ته وسيم اڪرم منهنجو ڪيريئر ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٽيم ۾ شموليت تي به اڌ ٽيم ڌار ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. هن چيو ته شعيب ملڪ ڪپتان ٿيڻ جو اهل نه هو کيس پي سي بي چيئرمين نسيم اشرف جو چمچو هجڻ سبب ڪپتان بڻايو ويو. آئون ڪڏهن به ميچ فڪسنگ ۾ ملوث ناهيان رهيو. ٽيم۾ هن وقت لابي ڪم ڪري رهي آهي: پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ خرابي جو ذميوار پي سي بي آهي. محمد آصف ۽ عامر غلط ماڻهن ۾ ويهندا آهن. سندس ڪتاب جو مهورت اڄ ممبئي ۾ ٿيندو.​


 
جواب: شعيب اختر پاران بال ٽيمپرنگ ڪرڻ جو اعتراف، وسيم اڪرم تي ڪيريئر تباهه ڪرڻ جو الز

مڙئي ويٺا ٻڌو۔
 
Back
Top