سنڌ سلامت جي پيارن پيارن ميمبرن کي ڊاڪٽر جو سلام،
دوستو اڄ مان توهان Backup جي باري ۾ ٻڌائيندس.. ته دوستو جيئن ته توهان کي خبر آهي ته اڄ ڪلهه سسٽم جو بيڪ اپ رکڻ تمام ضروري آهي ڇو جو اسان پنهنجي سسٽم تي تمام گهڻا تجربا ڪندا رهندا آهيون.. ڪڏهن رجسٽري ۾ تبديلي ڪندا رهندا آهيون ته ڪڏهن وري نوان نوان سافٽويئر انسٽال ڪندا رهندا آهيون.. ته ڪڏهن وري اسان جي سسٽم تي وائرس جو حملو ٿيندو رهندو آهي ۽ ڪڏهن وري اچانڪ بجلي جي جهٽڪن جي ڪري اسان جو ونڊو يان وري ڪجهه انسٽال ٿيل سافٽويئر ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ توهان کي مجبورن ٻيهراهي سڀ سافٽوئير ۽ ونڊو انسٽال ڪرڻو پوندو آهي. جي توهان چاهيو ٿا ان سڀني مسئلن جو واحد حل ته پوءِ منهنجي ٻڌايل طريقي تي عمل ڪيو توهان جون ڪافي مشڪلات حل ٿي وينديون...
ڪافي سارا دوست جڏهن انهن جو ونڊو خراب ٿي ويندو آهي ته پنهنجي سسٽم جي لاءِ Ghost Image استعمال ڪندا آهن.. پر Ghost سان ونڊو انسٽال ڪرڻ ۾ به ڪافي مسئلا پيدا ٿي ويندا آهن ان سان اڪثر پارٽيشن خراب ٿي ويندا آهن ۽ Ghost Image ونڊو XP ۽ NTFS فائل سسٽم کي سپورٽ به نه ڪندو آهي.
ته مان جنهن بيڪ اپ جي باري ۾ توهان کي ٻڌايان ٿو ان ۾ ڪوئي به توهان سان مسئلو نه پيدا نه ٿيندو. ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته ان کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن ٻئي سافٽوئير جي ضرورت به نه آهي اهو ونڊو ۾ پهرين کان موجود هوندو آهي. هن طرح جي بيڪ اپ ٺاهڻ ۾ ڪائي به مشڪل نه آهي ۽ هڪ عام يوزر به پنهنجي سسٽم جو بيڪ اپ ٺاهي سگهي ٿو..
ان کي هلائڻ جي لاءِ ٻه طريقا آهن اهي ٻئي طريقا هيٺيئن ريت آهن.
پهريون طريقو..
Start>All Programs>Accessories>SystemTools>Backup
ٻيو طريقو..
Start>Run>%SystemRoot%\System32\ntbackup.exe
ان طريقي سان توهان ڪهڙي به شي جو بيڪ اپ ٺاهي سگهو ٿا جيئن ته ...
Drive Backup , Documents Backup , Pictures Backup مختصر اهو ته توهان ڪنهن به قسم جو بيڪ اپ رکي سگهو ٿا هي مڪمل Drive- C جو بيڪ اپ جنهن ۾ Windows Xp , Drivers , Office , Other Softwares مطلب ته توهان پنهنجي انسٽال ٿيل هر شي جو بيڪ اپ ٺاهي سگهو ٿا.۽ ان بيڪ ٺاهڻ ۾ توهان کي صرف ويهه منٽ لڳي سگهن وڌيڪ توهان جي سسٽم جي اسپيڊ تي دارو مدار آهي.
جڏهن توهان سمجهو ته توهان جو ونڊو يان ٻيو ڪوئي به سافٽوئير صحيح طرح سان ڪم نه پيو ڪري ته توهان پنهنجي تيار ڪيل بيڪ اپ کي Restore ڪري ڇڏيو ان ۾ به تمام ٿورو ٽائيم لڳندو آهي.
وڌيڪ هيٺ ڏنل تصويرن ۾ ڏسندا...
توهان ان کي ضرور استعمال ڪيو پوءِ مونکي ٻڌائيندا ته توهان کي ڪيئن لڳي منهنجي ٻڌايل ٽپ .....