سنڌ سلامت جي پيارن پيارن ميمبرن کي ڊاڪٽر جو سلام، دوستو اڄ مان توهان Backup جي باري ۾ ٻڌائيندس.. ته دوستو جيئن ته توهان کي خبر آهي ته اڄ ڪلهه سسٽم جو بيڪ اپ رکڻ تمام ضروري آهي ڇو جو اسان پنهنجي سسٽم تي تمام گهڻا تجربا ڪندا رهندا آهيون.. ڪڏهن رجسٽري ۾ تبديلي ڪندا رهندا آهيون ته ڪڏهن وري نوان نوان سافٽويئر انسٽال ڪندا رهندا آهيون.. ته ڪڏهن وري اسان جي سسٽم تي وائرس جو حملو ٿيندو رهندو آهي ۽ ڪڏهن وري اچانڪ بجلي جي جهٽڪن جي ڪري اسان جو ونڊو يان وري ڪجهه انسٽال ٿيل سافٽويئر ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ توهان کي مجبورن ٻيهراهي سڀ سافٽوئير ۽ ونڊو انسٽال ڪرڻو پوندو آهي. جي توهان چاهيو ٿا ان سڀني مسئلن جو واحد حل ته پوءِ منهنجي ٻڌايل طريقي تي عمل ڪيو توهان جون ڪافي مشڪلات حل ٿي وينديون... ڪافي سارا دوست جڏهن انهن جو ونڊو خراب ٿي ويندو آهي ته پنهنجي سسٽم جي لاءِ Ghost Image استعمال ڪندا آهن.. پر Ghost سان ونڊو انسٽال ڪرڻ ۾ به ڪافي مسئلا پيدا ٿي ويندا آهن ان سان اڪثر پارٽيشن خراب ٿي ويندا آهن ۽ Ghost Image ونڊو XP ۽ NTFS فائل سسٽم کي سپورٽ به نه ڪندو آهي. ته مان جنهن بيڪ اپ جي باري ۾ توهان کي ٻڌايان ٿو ان ۾ ڪوئي به توهان سان مسئلو نه پيدا نه ٿيندو. ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته ان کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن ٻئي سافٽوئير جي ضرورت به نه آهي اهو ونڊو ۾ پهرين کان موجود هوندو آهي. هن طرح جي بيڪ اپ ٺاهڻ ۾ ڪائي به مشڪل نه آهي ۽ هڪ عام يوزر به پنهنجي سسٽم جو بيڪ اپ ٺاهي سگهي ٿو.. ان کي هلائڻ جي لاءِ ٻه طريقا آهن اهي ٻئي طريقا هيٺيئن ريت آهن. پهريون طريقو.. Start>All Programs>Accessories>SystemTools>Backup ٻيو طريقو.. Start>Run>%SystemRoot%\System32\ntbackup.exe ان طريقي سان توهان ڪهڙي به شي جو بيڪ اپ ٺاهي سگهو ٿا جيئن ته ... Drive Backup , Documents Backup , Pictures Backup مختصر اهو ته توهان ڪنهن به قسم جو بيڪ اپ رکي سگهو ٿا هي مڪمل Drive- C جو بيڪ اپ جنهن ۾ Windows Xp , Drivers , Office , Other Softwares مطلب ته توهان پنهنجي انسٽال ٿيل هر شي جو بيڪ اپ ٺاهي سگهو ٿا.۽ ان بيڪ ٺاهڻ ۾ توهان کي صرف ويهه منٽ لڳي سگهن وڌيڪ توهان جي سسٽم جي اسپيڊ تي دارو مدار آهي. جڏهن توهان سمجهو ته توهان جو ونڊو يان ٻيو ڪوئي به سافٽوئير صحيح طرح سان ڪم نه پيو ڪري ته توهان پنهنجي تيار ڪيل بيڪ اپ کي Restore ڪري ڇڏيو ان ۾ به تمام ٿورو ٽائيم لڳندو آهي. وڌيڪ هيٺ ڏنل تصويرن ۾ ڏسندا... توهان ان کي ضرور استعمال ڪيو پوءِ مونکي ٻڌائيندا ته توهان کي ڪيئن لڳي منهنجي ٻڌايل ٽپ .....
جواب: پنهنجي سسٽم جو بيڪ اپ ٺاهيو ڊاڪٽر صاحب تمام زبردست ونڊ گھوسٽ واري ٍجنٍجھٽ کان واقعي ھي بھترين آ
جواب: پنهنجي سسٽم جو بيڪ اپ ٺاهيو تمام بهترين ونڊ آهي پر مان وري هن طريقي کان ونڊوز گهوسٽ کي اميد ڏينس بهرحال تمام بهترين ونڊ آهي جاري رکجو سدائين گڏ
جواب: پنهنجي سسٽم جو بيڪ اپ ٺاهيو ڀاءَ رحيم بحش اوهان جي مهرباني جو منهنجي شيئرنگ کي پسند ڪيو آهي۔۔۔۔ ..................................... ڀاءَ فاروق اوهان جي مهرباني جو منهنجي شيئرنگ کي پسند ڪيو آهي۔۔۔۔ ..................................... فقير سائين اوهان جي مهرباني جو منهنجي شيئرنگ کي پسند ڪيو آهي۔۔۔۔
جواب: پنهنجي سسٽم جو بيڪ اپ ٺاهيو مهرباني ادا ڊاڪٽر ! سٺي معلومات مهيا ڪئي اٿو ، واقعي هن ۾ ڪافي آساني آهي ، اوهان جو قيمتي ٽپس وارو سلسلو نهايت جاندار ۽ ڄاڻ وارو آهي ، جاري رکجو
جواب: پنهنجي سسٽم جو بيڪ اپ ٺاهيو ڀا افتخار علي اوهان جي مهرباني جو منهنجي شيئرنگ کي پسند ڪيو آهي۔۔۔
جواب: پنهنجي سسٽم جو بيڪ اپ ٺاهيو ادا ڊاڪٽر صاحب! اوهان جي اهڙي ٽپ ونڊڻ تي جس ڏيڻ کان سوا رهي نٿو سگهجي۔ انتهائي ڪارائتي ٽپ آهي، ماشا الله!
جواب: پنهنجي سسٽم جو بيڪ اپ ٺاهيو تمام بهترين شيئرنگ ۔۔۔۔ اوهان جي ڏنل هن ٽپ کي مون جهڙو ڪمپيوٽر جو اڻ ڄاڻ به سولائي سان سمجهي ويو۔
جواب: پنهنجي سسٽم جو بيڪ اپ ٺاهيو ادا ڊاڪٽر! جيڪڏهن ڪنهن جو ڪمپيوٽر ماڳهين ونڊوز ۾ ئي نه اچي ته پو ڇا اسان ري اسٽور واري بيڪ اپ ڪي ڊاس مان ڪمانڊ ڏئي رن ڪرائي سگهون ٿا؟ مهرباني فرمائي آگاهه ته ڪندا۔