هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته پاڪستان جي ڪَشتي راني (ٻيڙي ڊوڙائڻ) جي هڪ ٽيم هوندي هئي۔۔۔۔ پاڪستان ۽ جاپان فيصلو ڪيو ته ٻيڙي ڊوڙائڻ جو مقابلو رکجي۔۔ هر ٽيم ۾ 8 ماڻهون هجن ۔۔۔ ٻنهي ٽيمن مقابلي لاءِ ڀرپور تيار ڪئي ۔۔۔۔ موسم جي صورتحال به ٻنهي لاءِ هڪ جهڙي هئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مقابلو ٿيو ۽ جاپان جي ٽيم هڪ ميل تان مقابلو کٽي ورتو۔۔۔۔ پاڪستاني مينيجمينٽ فيصلو ڪيو ته آئندا سال ٻيهر مقابلو رکبو ۽ ايندڙ مقابلو کٽڻ لاءِ موجوده مقابلي ۾ غلطين جو ازالو ڪرڻ لاءِ مشاهدو ڪيو ويندو۔۔۔۔ تفصيلي مشاهدي کان پوءِ خبر پئي ته جاپان وٽ 7 ماڻهون ٻيڙي هلائيندڙ هئا ۽ هڪ ڪپتان هو۔۔۔۔۔ جڏهن ته پاڪستان وٽ هڪ ٻيڙي هلائيندڙ ۽ 7 ڪپتان هئا۔۔۔۔۔ اهڙي صورتحال ڏسي مينيجمينٽ فيصلو ڪيو ته پاڪستاني ٽيم کي ڪنهن ماهر ماڻهون جي ضرورت آهي جيڪو ٽيم کي ٻيهر ترتيب ڏئي۔۔۔۔ ان ماهر ڪيترن مهينن جي محنت ۽ ڪاغذي ڪاروائي کان پوءِ ڄاڻي ورتو ته پاڪستاني ٽيم ۾ ٻيڙي هلائيندڙ گهٽ ۽ ڪپتان گهڻا آهن۔۔۔۔ ان ماهر جي رپورٽ جي روشني ۾ ٽيم مينيجمينٽ ٻن مينيجرن ۽ هڪ ٽاپ مينيجر جي رهنمائي ۾ 4 ڪپتان ۽ هڪ ٻيڙي هلائيندڙ تي مشتمل ٽيم جوڙي ورتي۔۔۔ ٻئي سال جاپان مقابلو ٻن ميلن تان کٽي ورتو۔۔۔۔۔ ٽيم انتظاميه فوري طور تي ٻيڙي هلائيندڙ کي ان جي غير تسلي بخش ڪارڪردگي تي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو۔۔۔۔ جڏهن ته ٽيم انتظاميه کي بهترين ڪوشش سان ٽيم تيار ڪرڻ تي بونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو۔۔۔ هن دفعي ماهر رپورٽ تيار ڪئي ته ميچ کٽڻ لاءِ منصوبا بندي به ٺيڪ هئي، انتظاميه حوصلا افزائي به صحيح طريقي سان ڪئي پر مقابلي ۾ استعمال ٿيندڙ سازو سامان کي بهتر ڪيو وڃي۔۔۔۔ ۽ هاڻي ان ماهر جي رپورٽ جي روشني ۾ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پاڪستاني ٽيم جي لاءِ نئين ٻيڙي تيار ڪئي پئي وڃي
ادا انهي جو مطلب پنهنجي سولي سنڌي ۾ اهو ٿيو ته: سڀ رئيس ته پوٌءِ گهوڙو گاهه مان ڪير ڪڍندو۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني ادا۔۔۔۔۔۔
ادا زاهد رئيس ئي گهوڙا ٿي گاه کائيندا آهن، ڪنهنجي مجال آهي جو کين لوسڻ کائڻ کان روڪي ... ان مقابلي واري ڳالهه تي هڪ چوڻي ياد آئي آهي ته ... ”نچي ڀولي کٽيو کائي فقير“ shabash sindhsalamatsaathsal
هڪ وڏو سچ آهي۔!!! پاڪستان جو پورو نظام ناانصافي تي ٻڌل آهي ۽ هر طرف هر ادارو ڊانواڊول نظر ايندو۔۔ پوء به اچرج جو مقام هي آهي ته دوست هڪٻئي کي پاڪستان جي آزادي جون مبارڪون ڏيندي ڪو نه ٿڪجندا آهن۔ جيستائين غلط کي غلط ۽ ظلم کي ظلم چوڻ ڪو نه سکنداسين۔۔انصاف ۽ آجپي جو سوال ئي پيدا ڪو نه ٿو ٿئي
lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharing ڀاءُ ٻروچ لڳي ٿو اهو پاڻ واري شاعري واري مقابلي وانگر آهي جيڪو ڪجھ ڏينهن پهريان دوستن شروع ڪيو هوhatt-parehatt-pare suhnan saansuhnan saan sindhsalamatsaathsal