• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مقابلو۔۔۔ ۽ ان جي تياري۔۔۔۔۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته پاڪستان جي ڪَشتي راني (ٻيڙي ڊوڙائڻ) جي هڪ ٽيم هوندي هئي۔۔۔۔

therace-1.png

پاڪستان ۽ جاپان فيصلو ڪيو ته ٻيڙي ڊوڙائڻ جو مقابلو رکجي۔۔ هر ٽيم ۾ 8 ماڻهون هجن ۔۔۔

therace-2.png

ٻنهي ٽيمن مقابلي لاءِ ڀرپور تيار ڪئي ۔۔۔۔ موسم جي صورتحال به ٻنهي لاءِ هڪ جهڙي هئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مقابلو ٿيو ۽ جاپان جي ٽيم هڪ ميل تان مقابلو کٽي ورتو۔۔۔۔

therace-3.png

پاڪستاني مينيجمينٽ فيصلو ڪيو ته آئندا سال ٻيهر مقابلو رکبو ۽ ايندڙ مقابلو کٽڻ لاءِ موجوده مقابلي ۾ غلطين جو ازالو ڪرڻ لاءِ مشاهدو ڪيو ويندو۔۔۔۔

therace-4.thumbnail.png

تفصيلي مشاهدي کان پوءِ خبر پئي ته جاپان وٽ 7 ماڻهون ٻيڙي هلائيندڙ هئا ۽ هڪ ڪپتان هو۔۔۔۔۔

therace-5.png

جڏهن ته پاڪستان وٽ هڪ ٻيڙي هلائيندڙ ۽ 7 ڪپتان هئا۔۔۔۔۔

therace6.png

اهڙي صورتحال ڏسي مينيجمينٽ فيصلو ڪيو ته پاڪستاني ٽيم کي ڪنهن ماهر ماڻهون جي ضرورت آهي جيڪو ٽيم کي ٻيهر ترتيب ڏئي۔۔۔۔

therace-7.thumbnail.png

ان ماهر ڪيترن مهينن جي محنت ۽ ڪاغذي ڪاروائي کان پوءِ ڄاڻي ورتو ته پاڪستاني ٽيم ۾ ٻيڙي هلائيندڙ گهٽ ۽ ڪپتان گهڻا آهن۔۔۔۔

therace-8.thumbnail.png

ان ماهر جي رپورٽ جي روشني ۾ ٽيم مينيجمينٽ ٻن مينيجرن ۽ هڪ ٽاپ مينيجر جي رهنمائي ۾ 4 ڪپتان ۽ هڪ ٻيڙي هلائيندڙ تي مشتمل ٽيم جوڙي ورتي۔۔۔

therace9thumbnail.png

ٻئي سال جاپان مقابلو ٻن ميلن تان کٽي ورتو۔۔۔۔۔

therace-10.png

ٽيم انتظاميه فوري طور تي ٻيڙي هلائيندڙ کي ان جي غير تسلي بخش ڪارڪردگي تي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو۔۔۔۔

therace-11.thumbnail.png


جڏهن ته ٽيم انتظاميه کي بهترين ڪوشش سان ٽيم تيار ڪرڻ تي بونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو۔۔۔

therace-12.thumbnail.png

هن دفعي ماهر رپورٽ تيار ڪئي ته ميچ کٽڻ لاءِ منصوبا بندي به ٺيڪ هئي، انتظاميه حوصلا افزائي به صحيح طريقي سان ڪئي پر مقابلي ۾ استعمال ٿيندڙ سازو سامان کي بهتر ڪيو وڃي۔۔۔۔

۽ هاڻي ان ماهر جي رپورٽ جي روشني ۾ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
پاڪستاني ٽيم جي لاءِ نئين ٻيڙي تيار ڪئي پئي وڃي​
 
ادا انهي جو مطلب پنهنجي سولي سنڌي ۾ اهو ٿيو ته: سڀ رئيس ته پوٌءِ گهوڙو گاهه مان ڪير ڪڍندو۔۔۔۔۔۔۔

مهرباني ادا۔۔۔۔۔۔
 
ادا زاهد رئيس ئي گهوڙا ٿي گاه کائيندا آهن، ڪنهنجي مجال آهي جو کين لوسڻ کائڻ کان روڪي ...

ان مقابلي واري ڳالهه تي هڪ چوڻي ياد آئي آهي ته ... ”نچي ڀولي کٽيو کائي فقير“

shabash

sindhsalamatsaathsal
 
هڪ وڏو سچ آهي۔!!!

پاڪستان جو پورو نظام ناانصافي تي ٻڌل آهي ۽ هر طرف هر ادارو ڊانواڊول نظر ايندو۔۔ پوء به اچرج جو مقام هي آهي ته دوست هڪٻئي کي پاڪستان جي آزادي جون مبارڪون ڏيندي ڪو نه ٿڪجندا آهن۔

جيستائين غلط کي غلط ۽ ظلم کي ظلم چوڻ ڪو نه سکنداسين۔۔انصاف ۽ آجپي جو سوال ئي پيدا ڪو نه ٿو ٿئي
 
lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharing
ڀاءُ ٻروچ لڳي ٿو اهو پاڻ واري شاعري واري مقابلي وانگر آهي
جيڪو ڪجھ ڏينهن پهريان دوستن شروع ڪيو هوhatt-parehatt-pare
suhnan saansuhnan saan
sindhsalamatsaathsal
 
Back
Top