حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي رح جي مزار مُبارڪ جي ياترا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏6 آڪٽوبر 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي رح جي مزار مُبارڪ جي ياترا

    از: نثاراحمد ناز​

    [JUSTIFY]پيارا دوستو حيدرآباد جي هڪڙي دوست موبائل ڪال ذريعي مونکي حُڪم ڪيو ته لاکيڻي لطيف جي تڙ ڏاڏي حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جي مزار مُبارڪ جون نڪور تصويرون کپن، ۽ هڪ ڏينهن جي اندر کپن، کيس چيم ته ادا في الحال برسات متاثرين جي بحاليءَ وارن ڪمن مان مصروفيت نه ٿي ملي ان ڪري واندو ڪونه آهيان، جواب ڏنائين ته واندو هُجين يا نه پر شاهه عبدالڪريم بُلڙيءَ واري جي مزار کان وٺي اتي جيڪي تاريخي مقبرا آهن انهن جو تصويرون کپن ۽ اهي حيدرآباد به پنهنجي خرچ تي پهچائي وڃ، آئون ٻي ڳالهه ٻُڌڻ نٿو چاهيان....... يار منهنجي ڳالهه ته ٻُڌ مون ڳالهائن چاهيومانس مگر هن موبائل بند ڪري ڇڏيو، سو 3 آڪٽوبر 2011 ع تي صُبح سويري پنهنجي ڊجيٽل ڪئميرا کڻي بُلڙي شاهه ڪريم شهر ڏانهن روانو ٿي ويس، سمورا گهر وارا سُتا پيا هُئا ناشتو به ڪونه ڪيم. دوستن کي سُڌ هُجي ته بُلڙي شاهه ڪريم شهر ٽنڊو محمد خان سجاول روڊ تي ٽنڊو محمد خان شهر کان ڏکڻ طرف 40 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي ضلع ٽنڊو محمد خان جو آخري شهر آهي، ان کانپوءِ تاريخي شهر جهوڪ شريف ضلع ٺٽي جي حد شروع ٿيو وڃي. ان سلسلي ۾ تقريبن صُبح جو ساڍي ستين وڳي ٽنڊو محمد خان جي لاکاٽ بس اسٽاپ تي پهتس، اتي پهتس مس ته هڪ ڪوسٽر ماڻهن سان هيٺان مٿان فل ڀريل اچي رهي هُئي اچي بيٺي آئون فوري ان ڪوسٽر ۾ چڙهيس، ڏٺم ته ڪوسٽر۾ ڪا به ويهڻ جي لاءِ جاءِ ڪانه هُئي ، سوچيم ته ٿڌل ۾ شاهه ڪريم سائين جي مزار مُبارڪ جون تصويرون ڪڍي ڊائريڪٽ اتان ئي حيدرآباد نڪري ويندس ۽ دوست کي سموريون تصويرون ڏيئي وري ڏينهنڪ ئي پنهنجي شهر ٽنڊو محمد خان پهچي ويندس، ڪوسٽر ۾ ويهڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين مون پنهنجي موبائل ذريعي پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر سائين محمد ابراهيم سنڌي سان ڳالهايو، جيئن ته سائين ابراهيم سنڌي جو شمار سنڌ جي ڏاهن ماڻهن ۾ شمار ٿيندو آهي ۽ منهنجي بهترين دوستن مان هڪ آهي سائين ابراهيم سنڌي موبائل ڪال ريسيو ڪئي جيئن ته منهنجو نمبرسائين وٽ محفوظ هو سلام دُعا کانپوءِ چيائين ته ڀلا ڀاڳ اسانجا جو اڄ نثارناز ياد ڪيو آهي، سائين ياد ڇا پر توهان جي شهر بُلڙي شاهه ڪريم اچي رهيو آهيان ۽ ناشتو توهان سان گڏ ڪندس، سائين ابراهيم سنڌي چيو ته اڙي ناز توکي ته الله آڻي ڀلي ڪري آ جي ڪري آ، منهنجون اکيون ٿڌيون ٿينديون، جيئن ته ڪوسٽر ۾ ڪا جاءِ ويهڻ جي ڪانه هُئي ته هڪڙو نوجوان ڇوڪرو جنهن جي عمر مس 16 يا 17 سال هوندي اهو پنهنجي سيٽ تان اٿي مون وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو ته سر توهان منهنجي سيٽ تي اچي ويهو اڙي نه بابا توهان ويٺا هُجو بس هڪ ڪلاڪ جو سفر آهي گُذري ويندو ، هن ڇوڪري چيو ته سائين توهان منهنجا استاد آهيو 2005ع ۾ توهان وٽ اسڪول ۾ پڙهيو آهيان سائين منهنجي لاءِ اهو ممڪن ئي ڪونهي ته منهنجو استاد بيٺو هُجي ۽ مان شاگرد سيٽ تي ويٺو هُجان، مون کيس کوڙ ساريون دعائون ڏنيون ۽ بسم الله چئي سيٽ تي ويهي رهيس دل ۾ سوچيم ته هن نفسا نفسي واري مدي خارج معاشري ۾ اڃان به اسان جي نوجوانن ۾ ننڍي وڏي جي عزت جي پاسداري ڪئي وڃي ٿي اڃان به اسان جي سنڌي نوجوانن ۾ سنڌيت واري سڀيتا موجود آهي شل سنڌ جا سمورا سنڌي نوجوان سنڌيت جو ائين ئي مان وڌائيندا رهن ۽ منهنجي جيجل سنڌ جي سينڌ سائي ٿيندي رهي. ايتري ۾ هڪڙو اخبار وارو ان ڪوسٽر ۾ چڙهي آيو سو ان کان ڪاوش اخبار ورتم پهرين پيج تي لکيو پيو هو ته شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جو عرس مُبارڪ سڀاڻي کان شروع ٿيندو، اڙي شايد ان ڪري ئي ان دوست شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جي مزار مُبارڪ جون تصويرون گهريون آهن ، رستي ۾ هڪڙو ننڍڙو شهر ڏتا واهه آيو ته سائين ڊاڪٽر محمد ابراهيم سمون جي موبائل ڪال آئي ته نثار ڪٿي پهتو آهين ، سائين ڏتا واهه تي پهتو آهيان بس اجهو ڪي توهان وٽ پهتس. ٺيڪ پوڻي نائين وڳي صُبح جو بُلڙي شاهه ڪريم شهر پهتس ، ميونسپل ڪاميٽي جا سامهون ڪوسٽر بيٺي ، ڪوسٽر مان لٿس ته سائين ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي صاحب منهنجو منتظر هو، سامهون بيٺو هو، اصل ٻکين پئجي ويو ، ۽ خوشي مان مُنهنجي ٻنهي ڳلن تي چُميون ڏيڻ لڳو، سائين ابراهيم جا اهي پرخلوص پيار هر ڪنهن دوستن مٿان واربا آهن . ۽ اهي خلوص سان لبريز پيار سائين ابراهيم سنڌي چمين جي صورت ۾ مون مٿا ن به واريا. بُلڙي شاهه ڪريم شهر جي هڪڙي اڪيلي شاهي بازار آهي جيڪا سڌو وٺي بُلڙي شاهه ڪريم جي مزار مُبارڪ جي عين عقب ۾ سائين محمد ابراهيم سنڌي جي جاءِ تي پهتاسين، اتي اسان جو هڪڙو ٻيو بزرگ شاعر دوست نياز بُلڙائي عرف لونگ منهنجو منتظر هو، کيس پيرين پئي مليس، پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو، سائين ابراهيم سنڌي جيئن ته ناشتو تيار ڪرائي رکيو هو، سو سڀ کان پهرين سائين مونکي ناشتو ڪرايو، چانهه جي دور دوران سائين ابراهيم پڇيو ته ناز ڪيئن اوچتو هن پاسي جي ياد اچي وئي ۽ ڪهڙي ڪم سانگي آيو آهين ، جواب ڏنومانس سائين ايڏو وڏو ڪم ناهي بس توهان جي گهر جي پاسي واري بزرگ ولي شاهه عبدالڪريم بُلڙي جي مزار مُبارڪ ۽ ان مزار جي احاطي جي سڀني مقبرن جون تصويرون ڪڍڻيون اٿم ڪنهن تمام پياري دوست حُڪم ڪيو آهي، ۽ سڀاڻي کان شايد سائين شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جي عرس مُبارڪ جو تقريبون شروع آهن پاڻ کلڻ لڳو چوڻ لڳو ته تاريخ مطابق اهو عرس مُبارڪ 7 ذوالقعد کان شروع ٿيڻ کپي مگر ڪاوش واري نمائندي غلطي سان سڀاڻي واري تاريخ يعني 4 ذوالقعد واري تاريخ ڪاوش ۾ هلائي ڇڏي، سائين ان جو اهو مطلب ٿيو ته حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جا پانڌيئڙا ته پريشان ٿي ويندا، سائين ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي چيو ته هيلوڪو عرس مُبارڪ برسات جي تباهه ڪارين سبب تمام سادگيءَ سان ملهايو ويندو، سائين ابراهيم سنڌي کي شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جا ڪجهه بيت ياد هُئا اهي به هُن تشريح سان ٻُڌايا، اهي بيت مون باقاعده پنهنجي ڊائري ۾ لکيا مٿي شايد اها ڳالهه نه لکيم ته انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي فورم سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو هلندڙ سال 2011 ع جو هڪڙو ڪيلينڊر سائين محمد ابراهيم سنڌي لاءِ کنيو هُئم سو پڻ سائين ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي کي تحفي طور ڏنم اتي ڏٺم ته سائين جي ذاتي لائبريري جي ديوار تي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو سال 2010ع وارو ڪيلينڊر به نهايت ئي نفاست سان ۽ حفاظت سان آويزان هو، جڏهن منهنجي نظر 2010ع واري ڪيلينڊر تي پئي ته تمام گهڻو خوش ٿيس ، سائين ابراهيم کي جڏهن سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو سال 2011ع وارو ڪيلينڊر ڏنم ته هو به تمام گهڻو خوش ٿيو ، سائين ابراهيم سنڌي چيو ته ادا نثار ناز افسوس جو شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جي مزار مُبارڪ جي فوٽو گرافي ۾ تنهنجو ساٿ ڏيئي نٿو سگهان ڇو جو سندن هڪڙي دوست جي والده جو انتقال ٿي چڪو آهي سو ان جي تدفين ۾ اسان کي شرڪت ڪرڻي آهي پر پنهنجي ننڍي پُٽ کي هدايت ڪندي چيائين ته سائين عبدالڪريم رح جي مزار جون سموريون تصويرون ڪڍڻ واري عمل ۾ سائين نثار ناز جي هيلپ ڪجائين . جيئن ته ڳالهه اهڙي هُئي جو سائين محمد ابراهيم سنڌي صاحب کي روڪڻ مناسب ڪونه هو، بس ايتري حسرت رهجي ويئي ته جن به بزرگن جي مقبرن جون تصويرون ڪڍيم پئي انهن جي نالن جي خبر ڪانه پئجي سگهي ، اها ڳالهه ته سڀني سنڌي دوستن کي ڀلي ريت معلوم هوندي ته شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جو مقبرو ڀٽ جي گهوٽ لاکيڻي لطيف 1154هجري کان وٺي 1156هجري جي عرصي دوران جوڙائي تيارڪرايو، جنهن ۾ شاهه ڪريم بلڙي واري جي مقبري تي باقائده ڪتبي واري سر لڳل هُئي جنهن ۾ مقبري جي جُڙجي راس ٿيڻ واري باقاعده تاريخ پڻ لکيل هُئي ۽ ان ڪتي تي مولانا رومي جون فارسي ۾ ڪجهه حڪايتون به لکيل هيون، شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جو جنم 15 شعبان المرجب 944 هجري عيسوي سن 1538ع ڌاري ٿيو، جڏهن ته تاريخي ڪتابن موجب سندن وفات 7 ذوالقعد 1032 هجري عيسوي 1623ع ۾ ٿي ان مطابق 7 ذوالقعد تي ملهايل هي حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جو 400 هون عرس مُبارڪ آهي [/JUSTIFY]

    چند بيت حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جا

    وهاڻي ئي وڃ تو نه سرندي تن ري
    تان سان وڃي ڀڃ پئي جا ڪاڻ

    سڄڻ ساعت هڪڙي جي ٿئين اکين کان ڌار
    ته ڪر سڀ ڄمار هوند ڏٺوسين نه ڪڏهن

    پاڻي سر ٻيهڙو جر تي پکي جيئن ،
    اسان سڄڻ تيئن رهيو آهي روح ۾

    جي جاڳندي من ۾ سُتي پڻ سيئِي
    من پريان نيئِي پڳهيو پاڻ ڳري ..!

    مُٺ ڀيڙيان ته ڀلي جي اُپٽي ته واءُ
    جي پڌر وڌئِي ڳالهڙِي ته ڇڏي وڃي ساههُ

    پِنَدِي پرين لاءِ ويلا ڪندِي وت
    ڪي ڏيندئِي مانيون ڪي ڏيندئِي ڀت...!

    [JUSTIFY]ائين تقريبن ڏينهن جو ٻارهين وڳي تائين مزار شريف جو تصويرون ان سان متصل مسجد شريف جون تصويرون ، سڀني ننڍن وڏن بزرگن جي مقبرن جون تصويرون ، ۽ عرس شريف جي سلسلي ۾ لڳندڙ دوڪانن جو تصويرون ڪڍندو رهيس ۽ سنڌ جي تاريخ جي ورقن جي ياد تازو ڪندو رهيس ، هڪڙي اڻ ڄاتل سرور جو مزو وٺندو رهيس، دل تي محبتي ٿڌاڻ جا هڪڙا تهه چڙهندا ويا هڪڙا لهندا ويا، دل چيو ته پنهنجو باقي جيون سائين حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جي سنياڻ مُبارڪ جي ٿلهن مُبارڪن تي گُذاري فقير ٿي رب پاڪ پروردگار جي ذڪر سان گڏ الله وارن جي ڏنل فڪر واري رستي کي وٺي انسانيت جي خدمت کي پنهنجو شيوو بنائي حق موجود سدا موجود وارا نعرا هڻي پنهنجي پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيان پر وري سوچيم ته زماني جي خفن ، کان پاڻ پاسيرو ڪرڻ تمام ڏکيو آهي ، سو ٻيون ڀيرو حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جي مرقد شريف جي زيارت ڪري اتي وفا جا چار قل شريف پڙهي واپس روانو ٿيس ، هڪڙي وين حيدرآباد وايا ٽنڊو محمد خان وڃي رهي هُئي خوشقسمتيءَ سان ان ۾ هڪڙي سيٽ به خالي هُئي ، حيدرآباد جو ڪرايو ادا ڪيم ڇو جو جيڪي تصويرون شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جي مزار مُبارڪ جون ڪڍيون هُئم سي ان دوست تائين حيدرآباد پُهچايم اتي ان دوست ڏينهن واري ماني کارائي پر الائي ڇو مونکي الله واري بزرگ حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙيءَ واري جي مزار ۾ گُذاريل چند گهڙين جو تصور ڪنهن محبوب جي گود ۾ گُذاريل گهڙين جيان لڳي رهيو هو، ڇو جو جڏهن به ڪو پنهنجي محبوب جي ٻانهن ۾ گهڙي کن ٿڪ ڀڃندو آهي ته اهي پل ان جا يادگار ترين پل هوندا آهن . شال هرڪو پنهنجي محبوبن جي ٻانهن ۾ گهڙيون ۽ پل ، هر پل گُذاري ۽ پنهنجي جيون جي سڦلتا ماڻي.[/JUSTIFY]

    هاڻي پيش آهن حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي رح جي مزار شريف ۽ ٻين بزرگن جي مقبرن جو ن بلڪل نڪور ۽ تاريخي تصويرون.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    ڀٽ جي گهوٽ لاکيڻي لطيف جي تڙ ڏاڏي حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي رح جي مزار مُبارڪ جون مختلف زاوين کان ورتل تصويرون

    نوٽ: تصويرون ظاهر نه ٿيڻ جي صورت ۾ هن فيس بوڪ البم جو ڦيرو ڀريو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي رح جي مزار مُبارڪ جي ياترا

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون


    [​IMG]
    حضرت شاهه عبدالڪريم رح بُلڙي واري جي مرقد مُبارڪ جي تصوير

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    چند ٻين الله جي نيڪ بزرگن جي مقبرن جون تاريخي تصويرون

    [​IMG]

    [​IMG]
    محترم ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي آف بُلڙي شاهه ڪريم شهر سنڌ سلامت جي ڪيلينڊر 2010ع ۽ 2011ع سان گڏ

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز شاهه عبدالڪريم رح جي درگاهه جي احاطي ۾ بيٺو آهي

    نوٽ: تصويرون ظاهر نه هجڻ جي صورت ۾ هن فيس بوڪ البم جو ڦيرو ڀريو
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 نومبر 2015
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي رح جي مزار مُبارڪ جي ياترا

    تمام ڀلوڙ ۽ تفصيلي ليک ونڊ ڪيو۔ تصويرون به خوبصورت آھن
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي رح جي مزار مُبارڪ جي ياترا

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان جي هن سفر جون تصويرون فيسبوڪ تي ڏٺيون هيم۔ شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو اها شخصيت آهي جنهن جو ڪلام شاهه عبداللطيف سان ساڻ هوندو هو۔ لطيف سرڪار به ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي۔ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي شاعري به اهڙي ئي سبق آموز آهي

    جي جاڳـَـندي مَنَ ۾، سُتي پڻ سيئي،
    مَنُ پِرۡيان نيئي، پَـڳهــئو پاڻَ ڳَري.


    ترجمو: جي جاڳندي من ۾ آهن، ستي پڻ سي ئي آهن؛ پرين منهنجو من نيئي پاڻ سان اٽڪائي ڇڏيو آهي.

    بهترين فوٽوگرافي ۽ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ لاء اوهان جا ٿورائتا آهيون۔
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي رح جي مزار مُبارڪ جي ياترا

    شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو جي باري ۾ هڪ جامع تحرير تصويرن سان گڏ پيش ڪرڻ لاء مهرباني ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين هڪ بهترين ء تاريخي شخصيت جي باري ۾ بهترين ونڊ ڪيو اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    لاجواب
     
  6. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي رح جي مزار مُبارڪ جي ياترا

    سائين نثار قبله تمام گھڻي خوشي محسوس پئي ٿئي۔۔۔ جو توهان هيڏي ساري محنت ڪري دوست جي دل کي به راضي ڪيو ۽ اسان سان به ونڊ ڪيو سائين تفصيلي رپورٽ سان گڏ وري تصويرون ڏيکارڻ لا تمام گهڻي مهرباني۔۔۔۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي رح جي مزار مُبارڪ جي ياترا

    محترم ڀاءُ عبدالواحد سومرو جون مهربانيون جو کين حضرت شاهه عبدالڪريم رح بُلڙي واري جي مزار مُبارڪ جي ياترا وارو ليک ڀلوڙ لڳو ۽ منهنجون موڪليل تصويرون به خوبصورت لڳيون

    .....................................

    ادا محمد سليمان وساڻ جا لک قرب جو کين سنڌ جي مشهور بزرگ حضرت شاهه عبدالڪريم رح بُلڙي واري جي مزار مُبارڪ جي ياترا واري رپورٽ سميت اسان جي فوٽوگرافي بهترين لڳي۔ ادا محمد سليمان زندگي سموري جاکوڙ جو ٻيو نالو آهي، لاکيڻي لطيف جي فلسفي موجب ته سُتي نه سرندياءِ ڪر ڪا پچار پرين جي، ۽ دنيا سموري جو ڪار وهنوار هلندو ئي پرين جي پچارون ڪرڻ سان آهي۔ توهان جا قرب ادا۔

    .....................................

    محبتي دوست ادا محمد عرس پريا جا لک لائق جو کين شاهه عبدالڪريم رح بُلڙي واري جي مزار مُبارڪ جي ياترا جي سلسلي ۾ ڪيل اسان جي ڪوريج پسند آئي ۽ اسان جون ڪڍيل تصويرون به کين پسند آيون۔

    .....................................

    ادا عرفان ديشي زندگي سموري مسلسل جاکوڙ جو نالو آهي لاکيڻو لطيف فرمائي ٿو ته تتِي ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي ،مٿان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرين جو، اسان سڀني سنڌي دوستن جو فرض آهي ته اسان پنهنجي پرين پيارن جِي هُج ۽ محبت جو پاس رکون مونکي به ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته منهنجي حيدرآباد واري دوست جي انهن تصويرن واري خواهش کي به پورو ڪيم ته وري هڪڙي مضمون جي صورت ۾ پنهنجي هن ليک کي تاريخي ياترا جي شڪل ڏيئي سنڌ سلامت جي خوشنما تاريخ جو حصو بنائي پنهنجي سنڌيت جي سڀيتا کي ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪري پيار وکيرم ادا عرفان تنهنجا قرب وسارڻ جهڙا ئي ڪونه آهن ۔
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي رح جي مزار مُبارڪ جي ياترا

    پاڻي اتي جهوپڙا، مورک اڃ مرن،
    دانهون ڪن مٺن جان، دم نه سڃاڻن۔

    پاڻي جان نه ڪجن، روئي ڌوئي اکڙيون،
    جر ڪجر جني وچ ۾، سي ڪيئن پرين پسن۔

    تون چئه الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ سک،
    سچو اکر من ۾، سوئي لکيو لک.

    سنڌ جي لاکيڻي لطيف جو ڏاڏو سائين حضرت عبدالڪريم جيئن ته اسانجي مرشد جو مرشد ۽ رهبر آهي انڪري هو اسان سنڌ واسين جو به رهبر آهي،الله سائين جي ذڪر ۽ فڪرانساني ۾ زندگي گُذاريندڙ ۽ انسانيت سان پيار ڪرڻ ۾ حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جي حيثت هڪ رهبر جي آهي ۔۔۔

    سائين نثار ناز جي ڪئمرا مان نڪتل رهبر سنڌ جي مزار جون تصويرون انتهائي سهڻيون ۽ مڪمل آهن، پر مزار تي موجود مقبرن جي حالت تفتيش جوڳي ضرور آهي ۔۔۔ ڪاش سنڌ آزاد هجي ها ته سنڌ جا اثاثا اهڙي بري حالت ۾ نه هجن ها، ٻي ڳالهه ته علائقي جا سرندي وارا مڙسي ڪن ته پو به ممڪن ڪجهه حالت بهتر هجي ۔۔۔ پر جنهن ملڪ ۾ تاريخي مسجدن جي حالت ئي بري هجي ته ان قوم مان ٻيون ڪهڙيون توقع ڪجن ۔۔۔؟؟؟

    لک ٿورا نثار ناز جا ۔۔۔
     
  9. raja sindhi

    raja sindhi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 جولائي 2011
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    pvt job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: حضرت شاهه عبدالڪريم بُلڙي رح جي مزار مُبارڪ جي ياترا

    ادا وڏي مهرباني ايئن ٻين سنڌ جي بزرگ حستين جون تصويرون ۽ڄاڻ ڏيندا رهو توهانجا ٿوراقرب
     
  10. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    افسوس جو ساريون تصويرون غائب ٿِي چڪيون آهن !
     
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. Ahsan Ali Rind

    Ahsan Ali Rind
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 ڊسمبر 2020
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    Zameendar
    ماڳ:
    Tando muhammad khan
    ماشأاللہ زبردست تفصيلي معلومات سائي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو