• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪروڙين زندگين کي تبديل ڪندڙ اسٽيو جاب (ايپل آئي پيڊ جو خالق) زندگي هاري ويٺو۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
Steve-Jobs-1955-2011.png

اسان جي حياتي تي اثر ڪندڙ ۽ ڪروڙين زندگين کي تبديل ڪندڙ هڪ اهڙو شخص جنهن کي صدين تائين دنيا وساري نه سگهندي۔۔ جي ها مان ڳالهه ڪري رهيو آهيان۔۔۔ آمريڪا جي شهرت يافته ڪمپني ”ايپل“ جي باني اسٽيو جاب جي جيڪو 55 سالن جي عمر ۾ ڪينسر جهڙي موضي مرض هٿان زندگي جي راند هارائي ويٺو۔۔۔ هي اهو شخص هو جنهن جو قول هو ته ”قبرستان ۾ سڀ کان وڌيڪ امير شخص هجڻ ۾ مون کي ڪابه دلچسپي ناهي۔۔۔ پر منهنجي دلچسپي ان ڳالهه ۾ آهي ته جڏهن مان رات جو بستر تي سمهڻ لاءِ وڃان ته سوچيان اڄ ڏينهن جو مون ڪو ڀلو ڪم ڪيو هو۔۔“ ۽ ان فلسفي تي ڪم ڪندي ايپل ڪمپني روز روز نيون نيون ۽ جدت سان ڀريل خوبصورت شيون مارڪيٽ ۾ آڻيندي رهي۔۔۔

هن ٽيڪنالاجي دلدادا شخص جي ڪاميابي جو سفر ڪجهه تصويري نظاري ۾۔۔۔۔


سٽيو جاب پنهنجي ساٿي سٽيو ووزنياڪ سان گڏجي ايپل ڪمپني جو بنياد وڌو ۔۔۔ ان لاءِ کيس پنهنجي ڪار کي کپائڻو پيو۔۔۔ سندس محنت سان پهريون ايپل ڪمپيوٽر 1974 ۾ مارڪيٽ ۾ آيو۔۔

steve_001.jpg


ايپل ڪمپيوٽر 1980 ۾ مقبول ٿيڻ لڳو ۽ ٻن سالن جي عرصي ۾ سٽيو جاب ڪروڙ پتي ٿي ويو۔۔۔
پر جلدئي سندس ساٿي کيس ڇڏي ويو جنهن کان پوءِ هن نيڪسٽ ڪمپني جو بنياد وڌو۔۔۔

steve_002.jpg


1997 ۾ هن نيڪسٽ کي به ايپل ۾ زم ڪري ڇڏيو۔۔۔

steve_003.jpg

1998 ۾ آئي ميڪ آڻي سٽيو جاب پنهنجي ۽ ڪمپني جي قسمت ئي تبديل ڪري ڇڏي۔۔۔

111006093419_steve_career-6.jpg


اڳتي هلي سٽيوو جاب موٽورولا ۽ آئي بي ايم سان پارٽنر شپ ڪئي ۽ ميڪ آپريٽنگ سسٽم آڻي مشهور ”پاور بڪ ليپٽاپ“ لانچ ڪيو۔۔

111006093422_steve_career-7.jpg

پنهنجي مشهور پروڊڪٽ پوڊ آڻي ته سٽيو جاب ماڻهن جون زندگيون تبديل ڪري ڇڏيون۔۔۔

111006093425_steve_career-8.jpg

2007 ۾ پهريون سمارٽ فون آڻي ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو۔۔۔۔

111006093430_steve_career-10.jpg


پر ترقي جو هي سفر رڪيو نه آئي پيڊ ٽيبليٽ ٽچ اسڪرين آڻي دنيا ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو۔۔۔

111006094236_steve_career-13.jpg


2010 ۾ آئي فون 4 آڻي دنيا کي ڏندين آڱريون آڻي ڇڏيو۔۔۔

phpNEdNtv.jpg


سٽيو جاب جي موت ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ شدت سان محسوس ڪئي پئي وڃي۔۔۔

 
جواب: ڪروڙين زندگين کي تبديل ڪندڙ اسٽيو جاب (ايپل آئي پيڊ جو خالق) زندگي هاري ويٺو۔۔

سندس ڪمن تي ڪيس سلام آهي باقي موت ته برحق آهي

سندس نالو سونهري اکرن سان لکيو ويندو

سدائين گڏ
 
جواب: ڪروڙين زندگين کي تبديل ڪندڙ اسٽيو جاب (ايپل آئي پيڊ جو خالق) زندگي هاري ويٺو۔۔

دنيا جي تاريخ ۾ سندس نالو سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو، سندس نالو ھر وقت مونکي به ياد رھندو ڇو ته مون وٽ به ايپل ڪمپني جو موبائيل آھي ان جي انفراديت ۽ اھيمت جو مونکي چڱي طرح قدر آھي
 
Back
Top