هاڻي توهان 25 آئٽم ڪاپي ڪيو۔۔

'سافٽويئر' فورم ۾ Doctor طرفان آندل موضوعَ ‏9 آڪٽوبر 2011۔

  1. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    دوستو اسلام عليڪم ،
    دوستو مان جيڪو توهان سان سافٽوئير شيئر ڪري رهيو آهيان ان جو نالو آهي Free Clip هاڻي مان توهان کي هن سافٽويئر جو اصل ڪم ٻڌائي رهيو آهيان. مثال جي طور توهان ڪنهن به سائيٽ تان ڪائي به لنڪ ، يان ڪنهن به تصوير کي ڪاپي ڪيو آهي ۽ ان کي پيسٽ ڪرڻ کان پهرين توهان کي ڪنهن ٻي سائيٽ تي ڪابه اهڙي شي پسند اچي وئي جو توهان ان کي به ڪاپي ڪيو آهي هاڻي ٿيندو ائين آهي جو توهان جيڪو پهرين ڪاپي ڪيو هيو ۽ ان کي پيسٽ ٻي جائي تي اڃان نه ڪيو هيو.ته توهان جو بعد ۾ ڪاپي ٿيل کي جڏهن توهان ڪٿي به پيسٽ ڪندو ته اهو ئي صرف پيسٽ ٿيندو ۽ توهان جي پهرين واري شي جنهن کي توهان ڪاپي ڪئي هئي اها ظايع ٿي وئي مطلب ته توهان جيترا دفعا به چاهيو ڪٿي به چاهيو اتي صرف ڪاپي...ڪاپي....ڪاپي... ڪندا وڃو پوءِ جتي چاهيو اتي اهي پنجويهه دفعا ڪاپي ٿيل آئٽم پيسٽ ڪري سگهو ٿا..
    ٿي سگهي ٿو ته اڃا به ڪِن دوستن کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هجي.. سو مان انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪمپيوٽر تي ڪم ڪهڙي به نوعيت جو هجي هر يوزر ڪاپي ۽ پيسٽ ته ڪندو ئي آهي ڪاپي ۽ پيسٽ ڪرڻ ۾ مسئلو اهو ايندو آهي جو هڪ شئي ڪاپي ڪئي پوءِ پيسٽ ڪرڻ کان پهرين وري هڪ ٻي شئي ڪاپي ڪئي هاڻي پهريون ڪاپي ٿيل ظايع ٿي ويندو آهي انهيءَ طرح ڪافي شيون ڪاپي ڪرڻيون هجن ته اهو ممڪن نه هوندو آهي ان ئي مشڪل کان نجات ڏيڻ لاءِ مان توهان سان هي سافٽويئر شيئر ڪري رهيو آهيان هن سافٽويئر جي مدد سان توهان هڪ ئي وقت ۾ 25 شيون ڪاپي ڪري سگهو ٿا. چاهي اهي ڪٿي به لکيل اَکر Text هجن ، يان ڪا پڪچر هجي يان ڪوئي لنڪ هجي يان ڪوئي اسڪرين شاٽ هجي...
    هاڻي مان توهان کي ٻڌائيندس ته اهو سافٽويئر ڪم ڪيئن ڪندو آهي. پهرين توهان هن سافٽويئر کي انسٽال ڪيو پوءِ جڏهن توهان کي ضرورت هجي ته ڪافي شيون ڪاپي ڪرڻيون آهن هن سافٽوئير کي اوپن ڪري پوءِ منيمائيز ڪري ڇڏيو پوءِ بس توهان مزي سان ڪاپي ڪندا رهو ۽ آخر ۾ جڏهن پيسٽ ڪرڻ جي واري اچي ته هي سافٽوئير جيڪو توهان منيمائيز ڪري رکيو هيو ان کي کوليو ۽ جيڪي شيون توهان کي پيسٽ ڪرڻيون آهن انهن تي ڪلڪ ڪيو ۽ جي ڪلڪ ڪرڻ جي بجاءِ جي توهان ڪرسر کي ان ڪاپي ٿيل پڪچر جي مٿان کڻي ويندو ته ان جو ٿمب نيل ٺهيل توهان جي سامهون اچي ويندو. دوستو آهي نه مزي جو سافٽوئير..
    پوءِ دوستو انهيءَ سان گڏ ڊاڪٽر کي اجازت ڏيندا الله حافظ..


    [​IMG]


    هتي ڪلڪ ڪري سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪيو
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هاڻي توهان 25 آئٽم ڪاپي ڪيو۔۔

    ڊاڪٽر صاحب اوهان جي مهرباني هي واقعي تمام زبردست سافٽويئر آهي اوهان جي مهرباني جو اهڙو ڪارائتو سافٽويئر اسان سان شيئر ڪيو اٿوَ
    ليڪن هن ذريعي پيسٽ ڪرڻ جو مسئلو اچي رهيو آهي اهو سمجهائيندا ته مهرباني ٿيندي شايد هي سافٽويئر ان رجسٽرڊ هئڻ ڪري مسئلو اچي رهيو آهي
    اگر رجسٽرڊ ورجن ملي وڃي ته ان جو لنڪ ڏيندا .
    الله توهان کي صحت و عافيت عطا فرمائي۔​
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هاڻي توهان 25 آئٽم ڪاپي ڪيو۔۔

    ڊاڪٽر صاحب ڀلو سافٽويئر آندو اٿو۔۔۔ اڪثر سنڌ سلامت تي ڪافي تصويرون لڳائڻ دوران اهڙي قسم جا مونجهارا ايندا آهن جن جو ذڪر توهان مٿي ڪيو آهي۔۔۔ پر يقينن انهن مونجهارن جو حل توهان جو آندل هي سافٽويئر آهي۔۔۔ مهرباني
     
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هاڻي توهان 25 آئٽم ڪاپي ڪيو۔۔

    ادا ڊاڪٽر تمام سٺو سافٽوير آندو اهي
    مهرباني
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هاڻي توهان 25 آئٽم ڪاپي ڪيو۔۔

    تمام بهترين سافٽ ويئر آهي ادا ڊاڪٽر صاحب

    اهڙو ونڊ جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  6. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: هاڻي توهان 25 آئٽم ڪاپي ڪيو۔۔


    ادا رحيم بخش منهنجي شيئرنگ پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔
    مان هي سافٽويئر استعمال ڪري پوءِ هتي شيئر ڪيو آهي مان وٽ ته هي سافٽويئر بلڪل صحيح ڪم ڪري رهيو آهي۔


    .....................................

    ادا رشيد توهان جي مهرباني جو منهنجي هيءَ شيئرنگ اوهان کي پسند آئي۔۔۔

    .....................................

    ڀاءَ فاروق اوهان جي مهرباني جو منهنجي شيئرنگ پسند ڪئي

    .....................................

    فقير سائين اوهان جي مهرباني جو منهنجي شيئرنگ کي پسند ڪيو۔۔
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هاڻي توهان 25 آئٽم ڪاپي ڪيو۔۔

     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هاڻي توهان 25 آئٽم ڪاپي ڪيو۔۔

    واهه ادا ڊاڪٽر صاحب واهه
    تمام بهترين ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو