آهي ڪو سار لهڻ وارو؟

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ نواب خان ڪيريو طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2011۔

  1. نواب خان ڪيريو

    نواب خان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    BSC PASS
    ماڳ:
    SAKRAND
    آهي ڪو سار لهڻ وارو؟

    [JUSTIFY]تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ پراڻو ٻاٺو جي سوين برسات متاثرن جي اڃان تائين ڪنهن به واهر نه ڪئي آهي. ڳوٺ جي چئيني طرفن کان سم ۽ برسات جو پاڻي بيهي ويو آهي جنهن جي ڪري ڳوٺ جو دنيا سان زميني رستو ختم ٿي ويو آهي، ڳوٺ جا آمد رفت جا رستا ٻڏي ۽ ڊهي ويا آهن. هي ڳوٺ 250 کان مٿي گھرن تي مشتمل آهي جن مان 100 کان مٿي گهر پٽ پئجي ويا آهن ۽ 100 کان مٿي گھرن ۾ 2 کان 3 فٽ پاڻي بيٺل آهي. ڪيترن ئي برسات متاثرن پنهنجا ٻار ٻچا کڻي اسڪولن ۽ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن سڪرنڊ ۾ پناهه ورتي آهي، ڳوٺ جا رهواسي دربدري جي زندگي گذاري رهيا آهن، ڳوٺ ۾ اڃان تائين ڪا سروي ٽيم به ناهي پهتي جو اُها خبر پئجي سگهي ته ڪيترو نقصان ٿيو آهي، اڃان تائين ڪنهن به رليف جو بندوبست نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي صحت کاتي جي ڪا ٽيم پهتي آهي،گھرن ۾ مينهن جو پاڻي بيهڻ ڪري مليريا، گيسٽرو ۽ چمڙي جون بيماريون ڦهلجي ويون آهن. اڃان تائين ڳوٺ ۾ مڇر مار اسپري ۽ چوپائي مال کي ويڪسين به نه ٿي سگهي آهي جنهن جي ڪري رهواسين جو سوين چوپايو مال مري ويو آهي.
    اسان سنڌ حڪومت، ڊي سي او شهيد بينظير آباد ۽ ملڪ جي تمام اين جي اوز NGOs کان مطالبو ۽ عرض ٿا ڪريون ته اسان جي ڳوٺ جي سار لڌي وڃي.

    نواب خان ڪيريو،
    ڳوٺ پراڻو ٻاٺو، تعلقو سڪرنڊ، ضلع شهيد بينظيرآباد.
    فون؛ 03322990957 اي ميل؛ Nawab_keerio@yahoo.com[/email[/JUSTIFY][/SIZE]]
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: آهي ڪو سار لهڻ وارو؟

    ادا نواب خان ڪيريو صاحب ۔انشاالله تمام جلدي توهان کي مدد ملي ويندي۔توهان هڪ کليل خط ڪاوش اخبار کي ۽ پنهنجي علائقي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآردينشن آفيسر (ڊي سي آو) کي موڪلڻ جي زحمت گوارا ڪيو۔جيڪڏهن اهئي صاحب اقتدار توهان جي مدد نه ڪن ته هڪ درخواست هيومن رائيٽ جي پليٽ فارم تي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشنش جج صاحب جيڪو ڊسٽرڪٽ ليول تي ڊائريڪٽر هيومن رائٽس آهي کي موڪليندا۔ جج صاحب جن ڊي سي آو ۽ ٻين آفيسرن کي گهرائي هنن کان توهان کي امداد نه ڏيڻ جي باري ۾ پڇندا ۽ توهان جي مدد ڪرڻ جو حڪم ڏيندا۔۔ان طرح جلد رزلٽ ملي ويندي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو