جيڪڏهن توهان ڪمپيوٽر تي گهڻو وقت گذاريندا آهيو ته توهان کي يقينن خبر هوندي ته ڪافي سافٽويئر توهان جي ڪمپيوٽر ڪافي ساريون عارضي فائيلو ۽ غيرضروري رجسٽري انٽريز ٺاهيندا رهندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ توهان جو ڪمپيوٽر آهستي آهستي هلڻ ۾ سلو (سست) ٿيڻ شروع ٿيندو آهي۔۔ اهڙي سافٽويئر جيئن ته رجسٽري جون انٽريز درست طريقي سان نه رکندا آهن ان ڪري اهڙيون انٽريز بري طرح سان درج ٿينديون رهنديون آهن۔۔۔ ٻيو ته انٽرنيٽ تي ڪم ڪندي اڪثر وائرس ۽ مال ويئر پڻ توهان جي ڪمپيوٽر تي حملو ڪندا رهندا آهن۔۔۔ ان جي لاءِ هڪ ته توهان وٽ ڪو سٺو اينٽي وائرس هجڻ ضرور آهي ۽ ٻيو ته ڪنهن اضافي طوراهڙي سافٽويئرس جي پڻ توهان جي ڪمپيوٽر کي ضرورت رهندي آهي۔۔ جيڪو ڪمپيوٽر جي بي ترتيبي کي درست رکندو رهي۔۔
هوئين ته انٽرنيٽ تي کوڙ اهڙا سافٽويئر موجود آهن جيڪي واعدو ڪندا آهن ته اهي توهان جي ڪمپيوٽر جي پرفارمنس کي گهٽجڻ نه ڏيندا پر اڄ مان توهان کي پنهنجو آزمايل اهڙو سافٽويئر ڏسي رهيو آهيان جيڪو رڳو ڳالهيون نه پر حقيقت ۾ به توهان جي ڪمپيوٽر جي پرفارمنس کي گهٽجڻ نه ڏيندو۔۔ هي آهي Tuneup Utilities 2011
هن سافٽويئر کي تفصيل سان سمجهڻ لاءِ حاضر آهي وڊيو جنهن ۾ انسٽاليشن کان وٺي هن سافٽويئر پيڪ ۾ موجود سمورين يوٽيليٽيز کي هلائي پنهنجي ڪمپيوٽر جي پرفارمنس کي بهتر بنائڻ جو طريقو ڏيکاريو ويو آهي۔۔۔
هي هڪ پروفيشنل سافٽويئر آهي پر تازو ئي هن سافٽويئر کي جوڙيندڙ ڪمپني پروڊڪٽ جي مشهوري خاطر هي سافٽويئر سمورن رڪنن لاءِ مفت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي۔۔ هي سافٽويئر مفت ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري ڪمپني جي پروموشن پني جو ڦيرو ڀريو۔۔
جتي پنهنجي اي ميل لکو ۽ پروڊڪٽ ڪي وٺڻ لاءِ درخواست موڪلي ڏيو۔۔ ٿوري ئي دير ۾ توهان جي اي ميل تي سافٽوريئر جي سيريل ڪي ميل ڪئي ويندي۔۔۔
هاڻي هتي ڪلڪ سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو ۽ انسٽاليشن دوران يا انسٽاليشن کان پوءِ اڳ اي ميل ذريعي حاصل ڪيل پروڊڪٽ سيريل ڪي شامل ڪري سافٽويئر کي اوريجنل بڻايو۔۔
نوٽ: ياد رهي ته پنهنجي اي ميل ڏيڻ ڪري توهان ڪمپني جي تازين خبرن کان واقفيت رکڻ لاءِ پاڻ مرادو شريڪ ٿي ويندو پر جي توهان چاهيو ته شرڪتداري ختم به ڪري سگهو ٿا۔۔۔