ڪمپيوٽر جي سمورن مرضن جو اعلاج۔۔۔ ٽيون اپ 2011 سافٽويئر ۔۔ هاڻي بلڪل مفت

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيڪڏهن توهان ڪمپيوٽر تي گهڻو وقت گذاريندا آهيو ته توهان کي يقينن خبر هوندي ته ڪافي سافٽويئر توهان جي ڪمپيوٽر ڪافي ساريون عارضي فائيلو ۽ غيرضروري رجسٽري انٽريز ٺاهيندا رهندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ توهان جو ڪمپيوٽر آهستي آهستي هلڻ ۾ سلو (سست) ٿيڻ شروع ٿيندو آهي۔۔ اهڙي سافٽويئر جيئن ته رجسٽري جون انٽريز درست طريقي سان نه رکندا آهن ان ڪري اهڙيون انٽريز بري طرح سان درج ٿينديون رهنديون آهن۔۔۔ ٻيو ته انٽرنيٽ تي ڪم ڪندي اڪثر وائرس ۽ مال ويئر پڻ توهان جي ڪمپيوٽر تي حملو ڪندا رهندا آهن۔۔۔ ان جي لاءِ هڪ ته توهان وٽ ڪو سٺو اينٽي وائرس هجڻ ضرور آهي ۽ ٻيو ته ڪنهن اضافي طوراهڙي سافٽويئرس جي پڻ توهان جي ڪمپيوٽر کي ضرورت رهندي آهي۔۔ جيڪو ڪمپيوٽر جي بي ترتيبي کي درست رکندو رهي۔۔
    هوئين ته انٽرنيٽ تي کوڙ اهڙا سافٽويئر موجود آهن جيڪي واعدو ڪندا آهن ته اهي توهان جي ڪمپيوٽر جي پرفارمنس کي گهٽجڻ نه ڏيندا پر اڄ مان توهان کي پنهنجو آزمايل اهڙو سافٽويئر ڏسي رهيو آهيان جيڪو رڳو ڳالهيون نه پر حقيقت ۾ به توهان جي ڪمپيوٽر جي پرفارمنس کي گهٽجڻ نه ڏيندو۔۔ هي آهي Tuneup Utilities 2011

    [​IMG]

    هن سافٽويئر کي تفصيل سان سمجهڻ لاءِ حاضر آهي وڊيو جنهن ۾ انسٽاليشن کان وٺي هن سافٽويئر پيڪ ۾ موجود سمورين يوٽيليٽيز کي هلائي پنهنجي ڪمپيوٽر جي پرفارمنس کي بهتر بنائڻ جو طريقو ڏيکاريو ويو آهي۔۔۔


    هي هڪ پروفيشنل سافٽويئر آهي پر تازو ئي هن سافٽويئر کي جوڙيندڙ ڪمپني پروڊڪٽ جي مشهوري خاطر هي سافٽويئر سمورن رڪنن لاءِ مفت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي۔۔ هي سافٽويئر مفت ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري ڪمپني جي پروموشن پني جو ڦيرو ڀريو۔۔

    [​IMG]

    جتي پنهنجي اي ميل لکو ۽ پروڊڪٽ ڪي وٺڻ لاءِ درخواست موڪلي ڏيو۔۔ ٿوري ئي دير ۾ توهان جي اي ميل تي سافٽوريئر جي سيريل ڪي ميل ڪئي ويندي۔۔۔

    هاڻي هتي ڪلڪ سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو ۽ انسٽاليشن دوران يا انسٽاليشن کان پوءِ اڳ اي ميل ذريعي حاصل ڪيل پروڊڪٽ سيريل ڪي شامل ڪري سافٽويئر کي اوريجنل بڻايو۔۔

    نوٽ: ياد رهي ته پنهنجي اي ميل ڏيڻ ڪري توهان ڪمپني جي تازين خبرن کان واقفيت رکڻ لاءِ پاڻ مرادو شريڪ ٿي ويندو پر جي توهان چاهيو ته شرڪتداري ختم به ڪري سگهو ٿا۔۔۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪمپيوٽر جي سمورن مرضن جو اعلاج۔۔۔ ٽيون اپ 2011 سافٽويئر ۔۔ هاڻي بلڪل مفت

    تمام وڏي مهرباني ادا

    واقعي به به توهان جي ڳالهه درست آهي ادا



    مهرباني
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪمپيوٽر جي سمورن مرضن جو اعلاج۔۔۔ ٽيون اپ 2011 سافٽويئر ۔۔ هاڻي بلڪل مفت

    سائين سافٽويئر ته بهترين آهي ليڪن رجسٽريشن ڪي نه ٿي ملي ان جو ڪو حل ٻڌائيندا ته پاڻ وري رجسٽريشن ڪي پي ايم ڪندا۔ ته مهرباني ٿيندي۔
     
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪمپيوٽر جي سمورن مرضن جو اعلاج۔۔۔ ٽيون اپ 2011 سافٽويئر ۔۔ هاڻي بلڪل مفت

    ادا تمام سٺو سافٽوير اهي
    مهرباني
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪمپيوٽر جي سمورن مرضن جو اعلاج۔۔۔ ٽيون اپ 2011 سافٽويئر ۔۔ هاڻي بلڪل مفت

    افسوس جو موضوع لڳائڻ ۾ دير ٿي وئي۔۔ ۽ ڪمپني طرفان پروڊڪٽ ڪي مفت ۾ ڏيڻ جو سلسلو ختم ڪيو ويو آهي۔۔۔ پر اهي دوست جن هن پرموشن مان فائدو ورتو هو اهي ٻيهر به پروڊڪٽ ڪي جي درخواست ڏئي سگهن ٿا۔۔۔ مون کي مليل پروڊڪٽ ڪي هي آهي۔۔۔ ڪوشش ڪري ڏسو متان فائدو ٿئي۔۔

    j250bq-jv7ckd-57meq9-tnqy37-t227vk-nnkj0f
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪمپيوٽر جي سمورن مرضن جو اعلاج۔۔۔ ٽيون اپ 2011 سافٽويئر ۔۔ هاڻي بلڪل مفت

    ادا تمام بهترين ء سٺو سافٽ ويئر آهي ۔
     
  7. Ghazanfar Iqbal

    Ghazanfar Iqbal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    sukkur
    جواب: ڪمپيوٽر جي سمورن مرضن جو اعلاج۔۔۔ ٽيون اپ 2011 سافٽويئر ۔۔ هاڻي بلڪل مفت

    ادا تمام بهترين ء سٺو سافٽ ويئر آهي ۔
     
  8. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    جواب: ڪمپيوٽر جي سمورن مرضن جو اعلاج۔۔۔ ٽيون اپ 2011 سافٽويئر ۔۔ هاڻي بلڪل مفت

    سائين ڪي ته ڪونه ملي سافٽ ويئر ڊائون لوڊ ڪريان پيو۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو