• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنوير عباسي تنهنجي محفل ۾ اچڻ ٿو چاهيان (تنوير عباسي)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شاعري پيش آهي۔

تنهنجي محفل ۾ اچڻ ٿو چاهيان
تنهنجو ديدار ڪرڻ ٿو چاهيان

تو سان مان عشق جو اظهار ڪري
تنهنجي حيراني ڏسڻ ٿو چاهيان

پاند خالي ڪري آيس ان لئه
تو کان ڪجهه آءُ گهرڻ ٿو چاهيان

مون کي ڏيو باهه ته مان پاڻ جلان
ڏيئو آهيان مان ٻرڻ ٿو چاهيان

ڪو پٿاري نه پٿاري دامن
مان ته لڙڪ آهيان ڪِرڻ ٿو چاهيان


qq7bd4.jpg
 
جواب: تنهنجي محفل ۾ اچڻ ٿو چاهيان (تنوير عباسي)

تنهنجي محفل ۾ اچڻ ٿو چاهيان
تنهنجو ديدار ڪرڻ ٿو چاهيان

تنوير صاحب جن جي تخليق۔۔۔۔کي پنھنجي رنگ ۾ رنگي۔۔۔۔۔ونڊ ڪرڻ جي مھرباني۔
 
جواب: تنهنجي محفل ۾ اچڻ ٿو چاهيان (تنوير عباسي)

تنهنجي محفل ۾ اچڻ ٿو چاهيان
تنهنجو ديدار ڪرڻ ٿو چاهيان

تنوير صاحب جن جي تخليق۔۔۔۔کي پنھنجي رنگ ۾ رنگي۔۔۔۔۔ونڊ ڪرڻ جي مھرباني۔

مهرباني ادا عاشق

مان اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته تنوير عباسي کي سنڌي شاعريء جو وليم ورڊس ورٿ به سڏيو ويندو آهي۔ جنهن فطرت تي لاجواب شاعري ڪئي آهي۔
 
جواب: تنهنجي محفل ۾ اچڻ ٿو چاهيان (تنوير عباسي)

واه واه واه
تمام زبردست شاعري آهي

مهرباني ادا ۔۔۔۔

تنوير عباسي سنڌ جي چوٽيء جي شاعرن مان هو جنهن شاعريء سان گڏ ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن۔
 
جواب: تنهنجي محفل ۾ اچڻ ٿو چاهيان (تنوير عباسي)

ڪو پٿاري نه پٿاري دامن
مان ته لڙڪ آهيان ڪِرڻ ٿو چاهيان

واه سائين واه تمام بهترين
 
جواب: تنهنجي محفل ۾ اچڻ ٿو چاهيان (تنوير عباسي)

تمام زبردست شاعري آهي تنوير صاحب جي

جاري رکجو
سدائين گڏ
 
Back
Top