ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شاعري پيش آهي۔
تنهنجي محفل ۾ اچڻ ٿو چاهيان
تنهنجو ديدار ڪرڻ ٿو چاهيان
تو سان مان عشق جو اظهار ڪري
تنهنجي حيراني ڏسڻ ٿو چاهيان
پاند خالي ڪري آيس ان لئه
تو کان ڪجهه آءُ گهرڻ ٿو چاهيان
مون کي ڏيو باهه ته مان پاڻ جلان
ڏيئو آهيان مان ٻرڻ ٿو چاهيان
ڪو پٿاري نه پٿاري دامن
مان ته لڙڪ آهيان ڪِرڻ ٿو چاهيان
