• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عشق تـ آهي ذات خدا جي

عشق تـ آهي ذات خدا جي
دل تي آهي گهات خدا جي
دل م رمز رب جي آهي
رمز م دل هر پل آهي
پر هي ڇاهي؟
عشق بـ هاڻ ڪميڻو پيو لکجي
هي دلڙي بـ هاڻ ڪميڻي آه...
ڇا هي انداز لکڻ جو
ٻولي جي واڌ ويجھ آهي
يا ان کي ماڊيفڪيشن چئجي
يا کڻي ائين چئجي تـ
دل تي ايترو لکجي چڪو آهي
هاڻ ڪو لفظ بچيو ئي ناهي
جي دل جي مهانتا مثل هجن
مان شاعر تـ نـ آهيان
نـ ئي لفظن جي رانديڪن جا اڻ کٽ
۽ بي بها خزانا اٿم
پر ايترو سو ڄاڻان
تـ هن اونداهي دور ۾
جتي ڪا محبتي مرڪ ملڻ مهڻو ٿو لڳي
ان ٻوسٽ ۽ مونجھ جي ماٺار ۾ بـ
هي دل چرچا ڪري ٿي
ڪيڏا تـ نخرا ڪري ٿي
۽ جڏهن دل گالهائڻ لڳي ٿي
تـ ڄڻ فنا ۽ بقا
ارض ۽ سماء
جا سڀ راز ٿي کولي ڇڏي
جڏهن بـ هو ٿي ٻولي ڇڏي
اهڙي مٺڙي ۽ معصومڙي دلڙي کي
مان ڪئين ڪميڻي چوان
مان ڪئين چوان....

ڪامران بلوچ۔۔۔۔۔۔۔۔​
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top