عرفان ديشي
سينيئر رڪن
سنڌ جي ”جهوني“ سياستدان فيس بڪ تي آيل سندس ڪياني سان ٿيل ملاقات بعد ڪجه ڳالهين جي جواب ۾ هڪ ممڻ مچڻ کان بعد ۽ سندس پارٽي جي ”جوڌن“ سان عام سنڌين جي ٿيل هڪ ٽاڪري خلاف ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي۔۔۔
بسم الله پليجو صاحب !!! توهان ڪورٽ ۾ وڃڻ جو شوق پورو ڪريو !! انهي سان گهٽ ۾ گهٽ اها ته خبر پئجي ويندي ته اسان جا سنڌي اڳواڻ ڪيتري برداشت ۽ عقل ۽ ڏاهپ جا مالڪ آهن، اڄ اسان کي خوشي آهي ته اوهان پاڻ نروار ٿي اڳيان آيا آهيو!! بس هڪڙو عرض ڪرڻو آهي ته ڇا اوهان ڪڏهن سنڌ کي به ان طرح سان سيريئس ورتو؟ ڪڏهن پاڻي، ناڻي، ڌارين جي غلبي سبب سنڌي نوجوانن جي روزگار تي لڳندڙ ڌاڙن، شهيد محمد نواز ڪنراڻي جي 12 مئي تي ٿيل قتل، بهارين، بنگالين، افغانين، برمين ۽ ٻين ڌارين جي سنڌ ۾ آبادڪاري، شهيد فاضل راهو جي ”اصل“ قاتلن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ پنجاب جي سنڌ تي بالادستي ۽ ٻين کوڙ سارن مسئلن لاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪائيو؟؟؟؟؟ اڄ اوهان کي پنهنجي ذاتي ناموس جو ايترو فڪر ٿيو آهي ته پوءِ جيجل سنڌ جي ناموس جو توهان کي خيال ڇو نه ٿيو؟؟!! مهرباني ڪري سڀاڻي ٻيهر پريس ڪانفرنس ڪري انهن ڳالهين جي وضاحت ضرور ڪجو !! اهو به ايئن ئي ذاتي طور جيئن اڄ ڪيو!! هڪ مهرباني ضرور ڪجو ته پنهنجن ڪاٽڪن کي منع ڪجو ته هنن سوالن جو جواب اهي نه ڏين۔۔۔ انهن سوالن جو جواب اسان توهان جي واتان ٻڌڻ ٿا چاهيون!!! ان سان گڏ هڪ ٻيو عرض ته منهنجو ڪنهن به سياسي توڙي سماجي پارٽي سان ڪو به تعلق نه آهي پر اوهان جي ”عقيدت مندن“ بنا سوچڻ سمجهڻ جي مون کي عوامي جمهوري پارٽي جو ڪارڪن قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔۔ واضع رهي ته مان اوهان جي پارٽي جي ٿيندڙ پروگرامن کان سوا ٻيو ڪنهن به پارٽي جي ڪنهن به ايجنڊا يا پروگرام ۾ شريڪ نه رهيو آهيان۔۔۔ جن ۾ لانگ مارچ سان گڏ 18 هين ترميم خلاف ٿيندڙ مظاهرن ، پاڻي کوٽ خلاف مظاهرن، چشما جهلم لنڪ ڪئنال خلاف مظاهرن(نئون ديرو، قمبر ۽ لاڙڪاڻو) ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ شريڪ ٿيو هيس۔۔۔ پر اوهان جي عقيدت مندن مون کي الائي ڇا بڻائي ڇڏيو ۔۔ خير اگر اهي ان ۾ راضي آهن ته ڪو مسئلو نه آ !! مون کي ڪا پرواه نه آهي۔۔ توهان خوشي سان ڪورٽ ۾ منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪريو ۔۔ ان سان هڪڙي ڳاله ڀلي ڀت سنڌي قوم تائين به ويندي ته ڪجه عام ماڻهن خلاف سچ ڳالهائڻ جي ڪري ايترو ته قدم کنيو آهي، جيترو هنن ڪڏهن سنڌ لاءِ به نه ڪيو آهي۔۔ باقي جيسيتائين ڳاله آهي اوهان جي اي پي سي ۾ شرڪت جي منهنجي ذاتي راءِ موجب اوهان کي ان جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي ها ۔۔ ائين جيئن بي اين پي جي حاصل بزنجو ڪئي (هن چيو ته بلوچستان جو مسئلو ايترو حساس ٿي چڪو آهي پوءِ وفاق ڪو سنجيده قدم نه ٿو کڻي ان ڪري اسان اي پي سي جو بائيڪاٽ ڪيو ) پليجو صاحب هاڻي اوهان ٻڌايو ته اسان توهان کي صحيح سمجهون يا حاصل بزنجو کي سلام ڪريون؟؟؟؟!!! جن ڪڏهن پنهنجن سان ناهي اٽڪائيو۔۔۔۔
ــــــــــــــــــــــــــــــــــ
سجاد ٻرڙو جي فيسبوڪ ۾ لکيل نوٽ تان کنيل