اي ميل بنا زندگي۔۔۔۔!

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ دفعي هڪ بيروزگار ماڻهون ”پٽيوالي“ جي نوڪري وٺڻ لاءِ مائڪروسافٽ آفيس ويو۔۔
    مائڪروسافٽ جي هيومن رسورسز ڊيپارٽمينٽ جي چيف کائنس انٽرويو ورتو ۽ کيس فرش صاف ڪرڻ جي ٽيسٽ ورتي۔۔ ۽ سندس ڀلي ڪم کي ڏسي کيس چيو۔۔۔ ”ٺيڪ آهي ۔۔ توکي نوڪري ملي ويندي۔۔ بس تون پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏي ته جئين توکي آفر ليٽر موڪلڻ سان گڏو گڏ تاريخ موڪليان۔۔ جنهن ڏينهن کان توکي نوڪري تي اچڻو آهي۔۔۔ “
    ”پر مون وٽ نه ڪو ڪمپيوٽر ۽ نه وري اي ميل آهي ۔۔۔ “ همراه وراڻيو۔۔
    چيف کيس چيو ته ”تو وٽ اي ميل ڪونهي ان جو مقصد تنهنجو وجود ئي ڪونهي۔۔ ۽ جنهن ماڻهون جو وجود ئي نه هجي ان کي نوڪري ڪٿان ملندي۔۔۔ “
    همراه مايوس ٿي واپس وريو ۽ سوچڻ لڳو ته هو ڇاڪري ۔۔؟ جو هن جي کيسي ۾ صرف ڏهه روپيه موجود هئا۔۔۔ ڪجهه وقت سوچڻ کان پوءِ هن سامهون دڪان تان ڏهن روپين جا ٽماٽا ورتا ۽ هو در در هوڪو ڏئي ٽماٽا کپائڻ لڳو ۔۔۔ هڪ ڪلاڪ ۾ سندس ٽماٽا کپي ويا ۔۔ هاڻي سندس وٽ 20 روپيه ٿي چڪا هئا۔۔۔
    هن اهڙي طرح ٽي چڪر لڳائي ٽماٽا کپايا۔۔ گهر پهچڻ تي هن جي کيسي ۾ 60 روپيه ٿي چڪا هئا۔۔۔
    همراه سوچيو ته هاڻي بس ائين ئي ڪبو ۔۔ هي صبح جو اٿندو هو ۽ ٽماٽا وٺي کپائيندو هو۔۔۔ آهستي آهستي هن وٽ رقم ۽ ٻيڻي ۽ ٽيڻي ٿيڻ لڳي ۔۔ ائين هن ريڙهو ورتو ۽ ان تي ٽماٽا کپائڻ لڳو ۔۔۔
    لڳاتار محنت ڪري هن هڪ کان پوءِ ٻيو ريڙهو ورتو ۽ هڪ ملازم به پاڻ سان گڏ رکيو ۔۔۔ ڪجهه ئي وقت ۾ هن شهر کان ٻاهر به ٽماٽا موڪلڻ شروع ڪيا۔۔۔ ڏسندي ئي ڏسندئي هن جون گاڏيون ٽرڪن ۾ تبديل ٿينديون ويون ۽ 5 سالن جي مختصر عرصي ۾ هي همراهه لکن ۾ کيڏڻ لڳو۔۔۔
    ڪامياب واپاري بڻجڻ تي هن شادي ڪئي ۽ پنهنجي فيملي ۽ ٻارن جي مستقبل خاطر هن لائيف انشورنس وٺڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔
    هن لائيف انشورنس ايجنٽ کي گهرايو ۽ هڪ پلان جي چونڊ ڪئي ۔۔ ايجنٽ ضروري ڪاڳر تيار ڪرڻ کان پوءِ کائنس اي ميل ايڊريس پڇا ڪئي۔۔
    ”پر مون وٽ ته نه ڪمپيوٽر آهي ۽ نه وري اي ميل ايڊريس“ همراه وراڻيو۔۔۔
    ايجنٽ حيران ٿي ويو۔۔ ”توهان وٽ اي ميل ايڊريس ناهي۔۔۔۔ ! ائين وري ڪيئن ۔۔۔۔! پوءِ ايترو ڪامياب ڪيئن پيا وڃو۔۔۔! توهان کي خبر آهي ته جيڪڏهن توهان وٽ اي ميل ايڊريس هجي ها ته توهان هن وقت ڇا هجو ها۔۔۔؟“
    همراه ٿوري دير سوچيو ۽ چيو۔۔۔ ”ها ۔۔! مان مائڪروسافٽ ۾ پٽيوالو هجان ها۔۔!“

    سبق: انٽرنيٽ ئي زندگي جي مسئلن جو حل ناهي۔۔ جيڪڏهن توهان وٽ انٽرنيٽ ناهي ته به پنهنجي محنت سان لک پتي بڻجي سگهو ٿا۔۔۔
     
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: اي ميل بنا زندگي۔۔۔۔!

    هاهاهاهاهاهاهاهه يار واه جي ٻڌايئي!
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: اي ميل بنا زندگي۔۔۔۔!

    ڪجهه وقت اڳ مان به هڪ ڪمپنيء ۾ جاب لاء انٽرويو ڏنو انهن مونکي چيو ته پنهنجي اي ميل ڏيو اسان توهانکي ميل ڪري ڇڏينداسين پر مون سان به ساڳيو حشر ٿيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مونکي ته اي ميل جي به خبر ڪان هئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مقصد ته زندگي ته روان دنوا آهي پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون شيون ضرورت به بڻجي وڃي ٿي
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: اي ميل بنا زندگي۔۔۔۔!

    ادا رشيد سمون صاحب۔هر انسان کي نوڪري ان جي اهليت تي ملڻي آهي نه ڪئي اي ميل ايڊريس تي۔بهترين ۽ معنيء ڀري ڪهاڻي ونڊ ڪرڻ تي توهان جي مهرباني۔اسان کي ان ڳاله جي ڏاڊي خوشي اهي ته اڳ ۾ اوهان هڪ خاموشي تماشيء وانگر سڀني ميمبرن جي تحريرن تي نظر رکندا هئا پر هاڻي باقائدا ڪمينٽس به ڏيو ٿا ۽ ڪهاڻيون به ونڊ ڪريو ٿا۔اها توهان ۾ چينج ڏاڊي زبردست آهي۔ان کي جا ري رکندا تاڪي توهان جي ڪمينٽس ۽ ڪهاڻين مان سڀ ميمبر مستفيد ٿي سگهن۔هميشه خوش رهو ۔
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اي ميل بنا زندگي۔۔۔۔!

    ادا ڪهاڻي ته توهان جي واه جي آهي اصل ڏاڍي ٿئي ان اسٽيٽ لائيف جي ايجنٽ سان

    بهرحال قسم ۽ ساک سان ته مون وٽ 150 اي ميل ايڊريسون آهن مان وري ان وقت پريشان ٿئي ويندو آهيان ته هاڻي هڪ ڪمپني واري کي ڪهڙي ميل ايڊريس ڏيان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔


    هههههههههههه


    سدائين گڏ
     
  6. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: اي ميل بنا زندگي۔۔۔۔!

    ڀلو ٿئي مائي اي ميل جو جنهن جي نه هئڻ سبب همراه پٽيوالو نه پر پرسنلٽي بڻجي ويو۔۔
    بهترين ۽ معني خيز ونڊ آهي۔۔۔

    تعليم کي محروم ٿيل جيڪي پاڻ کي جاهل سمجهن ٿا ۽ واندا ڦرندا وتن ٿا انهن جي لا سبق آهي۔۔



    دعا ۾ ياد۔
     
  7. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: اي ميل بنا زندگي۔۔۔۔!

    ادا رشيد سمون ڪهاڻي ته واه جي شيئر ڪئي اهي
     
  8. انصاف احمد

    انصاف احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 آڪٽوبر 2011
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اي ميل بنا زندگي۔۔۔۔!

    هاهاها۔۔۔۔سائين زبردست۔۔۔!
     
  9. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اي ميل بنا زندگي۔۔۔۔!

    بهترين آهي زبردست ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اي ميل بنا زندگي۔۔۔۔!

    تمام سٺي ۽ سبق آموز شيئرنگ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ان جو قطعي اهو مقصد ناهي ته اوهان هي شيئرنگ پڙهي گهر ويهي رهو يا ٽماٽن کپائڻ جو سوچيندا رهو۔ هر ڪم جي پنهنجي حيثيت ٿيندي آهي۔ تنهنڪري پريشان نه ٿيو ۽ ادا رشيد جي ڳالهين کي ڇڏي سنڌ سلامت تي پنهنجي شيئرنگ جاري رکو۔

    باقي اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته اي ميل بنا زندگيون ڪيئي آهن۔ پر همراهه جو جواب واهه جو وڻيو جنهن ۾ هو چوي پيو ته جي هن وٽ اي ميل هجي ها ته هو پٽيوالو هجي ها۔
     
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: اي ميل بنا زندگي۔۔۔۔!

    انٽرنيٽ ئي زندگي جي مسئلن جو حل ناهي۔۔ جيڪڏهن توهان وٽ انٽرنيٽ ناهي ته به پنهنجي محنت سان لک پتي بڻجي سگهو ٿا۔۔۔
     
  12. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: اي ميل بنا زندگي۔۔۔۔!

    ڪم ڪار ڇڏي ٽماٽا کپائڻ ڏانهن راعب ڪرڻ ته ادا رشيد به نه چاهيندو۔ پر پوءِ به هر ليک ۾ هڪ سبق آهي۔
     
  13. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    جواب: اي ميل بنا زندگي۔۔۔۔!

    ادا بهترين شيئرنگ آ
     
  14. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: اي ميل بنا زندگي۔۔۔۔!

    ها ها ها واهه واهه ادا رشيد توهان ته لاجواب آهيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو