
هڪ دفعي هڪ بيروزگار ماڻهون ”پٽيوالي“ جي نوڪري وٺڻ لاءِ مائڪروسافٽ آفيس ويو۔۔
مائڪروسافٽ جي هيومن رسورسز ڊيپارٽمينٽ جي چيف کائنس انٽرويو ورتو ۽ کيس فرش صاف ڪرڻ جي ٽيسٽ ورتي۔۔ ۽ سندس ڀلي ڪم کي ڏسي کيس چيو۔۔۔ ”ٺيڪ آهي ۔۔ توکي نوڪري ملي ويندي۔۔ بس تون پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏي ته جئين توکي آفر ليٽر موڪلڻ سان گڏو گڏ تاريخ موڪليان۔۔ جنهن ڏينهن کان توکي نوڪري تي اچڻو آهي۔۔۔ “
”پر مون وٽ نه ڪو ڪمپيوٽر ۽ نه وري اي ميل آهي ۔۔۔ “ همراه وراڻيو۔۔
چيف کيس چيو ته ”تو وٽ اي ميل ڪونهي ان جو مقصد تنهنجو وجود ئي ڪونهي۔۔ ۽ جنهن ماڻهون جو وجود ئي نه هجي ان کي نوڪري ڪٿان ملندي۔۔۔ “
همراه مايوس ٿي واپس وريو ۽ سوچڻ لڳو ته هو ڇاڪري ۔۔؟ جو هن جي کيسي ۾ صرف ڏهه روپيه موجود هئا۔۔۔ ڪجهه وقت سوچڻ کان پوءِ هن سامهون دڪان تان ڏهن روپين جا ٽماٽا ورتا ۽ هو در در هوڪو ڏئي ٽماٽا کپائڻ لڳو ۔۔۔ هڪ ڪلاڪ ۾ سندس ٽماٽا کپي ويا ۔۔ هاڻي سندس وٽ 20 روپيه ٿي چڪا هئا۔۔۔
هن اهڙي طرح ٽي چڪر لڳائي ٽماٽا کپايا۔۔ گهر پهچڻ تي هن جي کيسي ۾ 60 روپيه ٿي چڪا هئا۔۔۔
همراه سوچيو ته هاڻي بس ائين ئي ڪبو ۔۔ هي صبح جو اٿندو هو ۽ ٽماٽا وٺي کپائيندو هو۔۔۔ آهستي آهستي هن وٽ رقم ۽ ٻيڻي ۽ ٽيڻي ٿيڻ لڳي ۔۔ ائين هن ريڙهو ورتو ۽ ان تي ٽماٽا کپائڻ لڳو ۔۔۔
لڳاتار محنت ڪري هن هڪ کان پوءِ ٻيو ريڙهو ورتو ۽ هڪ ملازم به پاڻ سان گڏ رکيو ۔۔۔ ڪجهه ئي وقت ۾ هن شهر کان ٻاهر به ٽماٽا موڪلڻ شروع ڪيا۔۔۔ ڏسندي ئي ڏسندئي هن جون گاڏيون ٽرڪن ۾ تبديل ٿينديون ويون ۽ 5 سالن جي مختصر عرصي ۾ هي همراهه لکن ۾ کيڏڻ لڳو۔۔۔
ڪامياب واپاري بڻجڻ تي هن شادي ڪئي ۽ پنهنجي فيملي ۽ ٻارن جي مستقبل خاطر هن لائيف انشورنس وٺڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔
هن لائيف انشورنس ايجنٽ کي گهرايو ۽ هڪ پلان جي چونڊ ڪئي ۔۔ ايجنٽ ضروري ڪاڳر تيار ڪرڻ کان پوءِ کائنس اي ميل ايڊريس پڇا ڪئي۔۔
”پر مون وٽ ته نه ڪمپيوٽر آهي ۽ نه وري اي ميل ايڊريس“ همراه وراڻيو۔۔۔
ايجنٽ حيران ٿي ويو۔۔ ”توهان وٽ اي ميل ايڊريس ناهي۔۔۔۔ ! ائين وري ڪيئن ۔۔۔۔! پوءِ ايترو ڪامياب ڪيئن پيا وڃو۔۔۔! توهان کي خبر آهي ته جيڪڏهن توهان وٽ اي ميل ايڊريس هجي ها ته توهان هن وقت ڇا هجو ها۔۔۔؟“
همراه ٿوري دير سوچيو ۽ چيو۔۔۔ ”ها ۔۔! مان مائڪروسافٽ ۾ پٽيوالو هجان ها۔۔!“
سبق: انٽرنيٽ ئي زندگي جي مسئلن جو حل ناهي۔۔ جيڪڏهن توهان وٽ انٽرنيٽ ناهي ته به پنهنجي محنت سان لک پتي بڻجي سگهو ٿا۔۔۔