ٻين کي به ٻڌو چاهي اهي غلط ڇو نه هجن۔۔۔!

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏15 آڪٽوبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    حساب سيکاريندڙ استادياڻي ستن سالن جي شيراز کان پڇيو ”جيڪڏهن مان توکي هڪ صوف ۽ هڪ صوف ۽ هڪ صوف ڏيان ته تو وٽ گهڻا صوف ٿيندا۔۔۔؟“
    ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ شيراز اعتماد سان چيو ته ”چار۔۔۔!“
    استادياڻي کي پڪ هئي ته شيراز درست جواب ”ٽي“ ٻڌائيندو ۔۔۔ پر کيس ڪافي مايوسي ٿي۔۔ اهو سوچي ته متان شيراز سندس لفظ صحيح طرح ٻڌي نه سگهيو هجي۔۔۔ هن ٻيهر پڇيو۔۔”شيراز غور سان ٻڌ۔۔۔! جيڪڏهن مان توکي هڪ صوف ۽ هڪ صوف ۽ هڪ صوف ڏيان ته تو وٽ گهڻا صوف ٿيندا۔۔۔؟“
    شيراز استاد جي حيرانگي ۽ مايوسي کي محسوس ڪندي هڪ دفعو وري آڱرين تي ڳڻيو ۽ اهو سوچي ته هن دفعي سندس استادياڻي جواب مان خوش ٿيندي چيو ۔۔ ”چار۔۔!“
    استادياڻي هن دفعي وڌيڪ مايوس ٿي وئي۔۔ هن کي ياد آيو ته شيراز ڪيلن کي پسند ڪندو آهي۔۔ ۽ ٿي سگهي ٿو شيراز صوفن کي پسند نه ڪندو هجي ان ڪري جواب تي درست توجهه نه ڏئي سگهيو هجي۔۔۔ ان ڪري هن دفعي پنهنجي جوش کي وڌائيندي ۽ اکين ۾ چمڪ آڻيندي پڇيائين۔۔ ”ڀلا جيڪڏهن مان توکي هڪ ڪيلو ۽ هڪ ڪيلو ۽ هڪ ڪيلو ڏيان ته تو وٽ گهڻا ڪيلا ٿيندا۔۔۔؟“
    استادياڻي کي خوشي سان ڏسندي شيراز پنهنجي اڱرين تي ڳڻڻ لڳو ۔۔ سندس چهري تي ڪوبه پريشر نه هو۔۔۔ سندس استادياڻي ڪافي منجهيل ٿي لڳي جيسين شيراز جواب ڏنو۔۔ ”ٽي۔۔۔!“
    استادياڻي جي چهري تي ڪاميابي واري مرڪ تري آئي ڇو ته سندس ڪوشش ڪامياب ٿي هئي۔۔ هوءَ پاڻ کي مبارڪ ڏيڻ چاهي رهي هئي۔۔ پر ڪجهه سوچي هن وري پڇيو۔۔۔ ”چڱو ڀلا هاڻي ٻڌا۔۔ جيڪڏهن مان توکي هڪ صوف ۽ هڪ صوف ۽ هڪ صوف ڏيان ته تو وٽ گهڻا صوف ٿيندا۔۔۔؟“
    شيراز چستيءَ سان جواب ڏنو۔۔۔ ”چار۔۔!“
    استادياڻي جي چهري ته سختي اچي وئي۔۔۔ ”اهو وري ڪيئن ۔۔۔ شيراز اهو ڪيئن ۔۔؟“ هُن سختي سان ڪاوڙجندي پڇيو۔۔
    شيراز آهستي ۽ هچڪچائيندي چيو ۔۔”ڇاڪاڻ تي منهنجي ٿيلهي ۾ اڳ ئي هڪ صوف آهي۔۔۔ !“


    سبق: جڏهن توهان کي ڪير توهان جي توقع مطابق درست جواب نه ڏئي ته ان کي غلط نه سمجهو .. ٿي سگهي ٿو جواب ۾ ڪجهه لچڪ هجي... ان کي مڪمل طور چوڻ ۽ سمجهائڻ ڏيو...
     
  2. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ٻين کي به ٻڌو چاهي اهي غلط ڇو نه هجن۔۔۔!

    زبردست ۽ معني خيز ليک آهي۔ جنهن کي شارٽ اسٽوري به چئي سگهجي ۔
    ڀلي ليک ۾ مطلب ڪنهن کي سمجهه ۾ نه آيو هجي پر اوهان جي هي ڏيڍ سٽ جي سمجهاڻي لاجواب آهي۔
    بهترين شيئرنگ آهي۔۔ مهرباني


    دعا ۾ ياد۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ٻين کي به ٻڌو چاهي اهي غلط ڇو نه هجن۔۔۔!

    ادا درويش چواڻي ته لاجواب چوڻي آهي

    بهترين ڪوشش آهي ادا

    جاري رکجو

    سدئاين گڏ
     
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ٻين کي به ٻڌو چاهي اهي غلط ڇو نه هجن۔۔۔!

    تمام سٺو زبردست ادا رشيد سمون
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٻين کي به ٻڌو چاهي اهي غلط ڇو نه هجن۔۔۔!

    يار رشيد اها ڳالهه عرس کي ضرور سمجهاء ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    جڏهن توهان کي ڪير توهان جي توقع مطابق درست جواب نه ڏئي ته ان کي غلط نه سمجهو .. ٿي سگهي ٿو جواب ۾ ڪجهه لچڪ هجي... ان کي مڪمل طور چوڻ ۽ سمجهائڻ ڏيو...

    ۽ اميد ته اوهان منهنجي ڏنل جوابن تي به مٿين لائين پڙهي غور ڪندا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ٻين کي به ٻڌو چاهي اهي غلط ڇو نه هجن۔۔۔!

    ادا رشيد سمون صاحب اسلام عليڪم۔جيستائين ڪنهن جي موقوف سڄو نه ٻڌو و ڃي تيستائين ان کي غلط يا صحيحي نه ٿو چئي سگهجي۔قا نون جي اندر به جيستائين هر ڌر جو موقوف نه ٿو ٻڌو وڃي تيستائين انهن جي خلاف فيصلو نه ٿو ڏنو وڃي۔ان کي قانون جي زبان ۾ 'نو ون شڊ به ڪنڊمنڊ ان هرڊ" چيو ويندي آهي۔ننڊيون ننڊيون نصحيت ڀريون ڪهاڻيون هن مِحبتي اڳڻ تي چٽڻ تي اوهان جون مهربانيون۔
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ٻين کي به ٻڌو چاهي اهي غلط ڇو نه هجن۔۔۔!

    دوست عمران، فقير، فاروق پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔

    ادا سليمان عرس کي سمجهائڻ وري به سولو آهي ۽ اهو ڪم مان ڪري سگهان ٿو پر مهرباني فرمائي هي ڳالهه ادا طاهر سنڌي کي توهان سمجهايو جو وڏي ڪوشش کان پوءِ به پنهنجو وس نه هلي سگهيو ۔۔۔ متان توهان ڪجهه ڪري سگهو۔۔۔

    سائين مصطفى صاحب توهان جي ڳالهه بلڪل درست آهي ۔۔۔۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن عدالتن اندر ٻنهي ڌرين جا وڪيل جڏهن بحث ڪندا آهي ته مان شابس ان جج کي ڏيندو آهيان جيڪو ٻنهي مان هڪ کي درست سمجهي وٺندو آهي۔۔۔۔ ۽ وري حيران به هوندو آهيان ته اسان جي قانون ۾ ايتري لچڪ آهي جو هڪ وڪيل پنهنجي ڳالهين مان غلط کي درست ۽ ٻيو درست کي غلط ثابت ڪري سگهندو آهي۔۔۔
     
  8. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ٻين کي به ٻڌو چاهي اهي غلط ڇو نه هجن۔۔۔!

    ادا رشيد بلڪل صحيح پيا چئو۔۔۔ ڄاڻ ۾ اضافو ڪرڻ جي مهرباني
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ٻين کي به ٻڌو چاهي اهي غلط ڇو نه هجن۔۔۔!


    سائين طاهر سمجهي ويو ته هاڻ اوهان وٽ 9 صوف ۽ 3 ڪيلا آهن، ڀلا دوستن سان گڏ اها فروٽ جي دعوت کائڻ ڪڏهن اچون؟
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ٻين کي به ٻڌو چاهي اهي غلط ڇو نه هجن۔۔۔!

    جي اها ڳالهه آهي ته 9 صوف ۽ 3 ڪيلا توهان ڏانهن موڪلي ڏبا۔۔۔ ڀلي مون ڏانهن نه اچو۔۔۔
    باقي جي دعوت کائنڻي آهي ۽ سموري سنگت سان گڏجي کائنڻي آهي ته پوءِ هلبو ممتاز وگهيو ڏانهن ۔۔۔ پر کيس اهو پيغام پهچائيندو ڪير۔۔۔!
    ڏاڏل ۽ عرس اهو ڪم ڪري سگهن ٿا پر کين چوندو ڪير۔۔۔!
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٻين کي به ٻڌو چاهي اهي غلط ڇو نه هجن۔۔۔!

    اصل ڳالهه واهه جو وڻي ۔۔۔۔

    ڇو ته اسان جا ڪجهه دوست مانيء جي لاء ڪجهه به ڪري سگهن ٿا ۔۔۔۔۔۔ اهي پاڻ ئي وڃي نياپو پهچائيندا، اوهان بس همت ڪيو۔
     
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ٻين کي به ٻڌو چاهي اهي غلط ڇو نه هجن۔۔۔!

    جي ها منهنجي خيال ۾ اهو ڪم هنن تحريرن اچڻ تائين ڪري به ڇڏيو هوندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ته پوءِ ڇا ارادا آهن۔۔؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو