
حساب سيکاريندڙ استادياڻي ستن سالن جي شيراز کان پڇيو ”جيڪڏهن مان توکي هڪ صوف ۽ هڪ صوف ۽ هڪ صوف ڏيان ته تو وٽ گهڻا صوف ٿيندا۔۔۔؟“
ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ شيراز اعتماد سان چيو ته ”چار۔۔۔!“
استادياڻي کي پڪ هئي ته شيراز درست جواب ”ٽي“ ٻڌائيندو ۔۔۔ پر کيس ڪافي مايوسي ٿي۔۔ اهو سوچي ته متان شيراز سندس لفظ صحيح طرح ٻڌي نه سگهيو هجي۔۔۔ هن ٻيهر پڇيو۔۔”شيراز غور سان ٻڌ۔۔۔! جيڪڏهن مان توکي هڪ صوف ۽ هڪ صوف ۽ هڪ صوف ڏيان ته تو وٽ گهڻا صوف ٿيندا۔۔۔؟“
شيراز استاد جي حيرانگي ۽ مايوسي کي محسوس ڪندي هڪ دفعو وري آڱرين تي ڳڻيو ۽ اهو سوچي ته هن دفعي سندس استادياڻي جواب مان خوش ٿيندي چيو ۔۔ ”چار۔۔!“
استادياڻي هن دفعي وڌيڪ مايوس ٿي وئي۔۔ هن کي ياد آيو ته شيراز ڪيلن کي پسند ڪندو آهي۔۔ ۽ ٿي سگهي ٿو شيراز صوفن کي پسند نه ڪندو هجي ان ڪري جواب تي درست توجهه نه ڏئي سگهيو هجي۔۔۔ ان ڪري هن دفعي پنهنجي جوش کي وڌائيندي ۽ اکين ۾ چمڪ آڻيندي پڇيائين۔۔ ”ڀلا جيڪڏهن مان توکي هڪ ڪيلو ۽ هڪ ڪيلو ۽ هڪ ڪيلو ڏيان ته تو وٽ گهڻا ڪيلا ٿيندا۔۔۔؟“
استادياڻي کي خوشي سان ڏسندي شيراز پنهنجي اڱرين تي ڳڻڻ لڳو ۔۔ سندس چهري تي ڪوبه پريشر نه هو۔۔۔ سندس استادياڻي ڪافي منجهيل ٿي لڳي جيسين شيراز جواب ڏنو۔۔ ”ٽي۔۔۔!“
استادياڻي جي چهري تي ڪاميابي واري مرڪ تري آئي ڇو ته سندس ڪوشش ڪامياب ٿي هئي۔۔ هوءَ پاڻ کي مبارڪ ڏيڻ چاهي رهي هئي۔۔ پر ڪجهه سوچي هن وري پڇيو۔۔۔ ”چڱو ڀلا هاڻي ٻڌا۔۔ جيڪڏهن مان توکي هڪ صوف ۽ هڪ صوف ۽ هڪ صوف ڏيان ته تو وٽ گهڻا صوف ٿيندا۔۔۔؟“
شيراز چستيءَ سان جواب ڏنو۔۔۔ ”چار۔۔!“
استادياڻي جي چهري ته سختي اچي وئي۔۔۔ ”اهو وري ڪيئن ۔۔۔ شيراز اهو ڪيئن ۔۔؟“ هُن سختي سان ڪاوڙجندي پڇيو۔۔
شيراز آهستي ۽ هچڪچائيندي چيو ۔۔”ڇاڪاڻ تي منهنجي ٿيلهي ۾ اڳ ئي هڪ صوف آهي۔۔۔ !“
سبق: جڏهن توهان کي ڪير توهان جي توقع مطابق درست جواب نه ڏئي ته ان کي غلط نه سمجهو .. ٿي سگهي ٿو جواب ۾ ڪجهه لچڪ هجي... ان کي مڪمل طور چوڻ ۽ سمجهائڻ ڏيو...