عرس پريو
سينيئر رڪن
ڪڏهن پيار مان ٿي پڪاري ڇڏين،
ڪڏهن ٿي وري تون وساري ڇڏين.
ڪڏهن ٿي امنگون اٿاري ڇڏين،
ڪڏهن سڪ پنهنجي سمهاري ڇڏين.
ڪڏهن نير هاري جياري ڇڏين،
ڪڏهن مسڪراهٽ سان ماري ڇڏين.
ڪڏهن حسن کي ٿي نکاري ڇڏين،
ڪڏهن سينڌ کي ٿي سنواري ڇڏين.
ٽڙيل دل جي مکڙي ٿي ٻهڪي پوي،
جڏهن ناز مان ٿي نهاري ڇڏين.
ڇڏيل آهي توتي جا مرضي پوئي،
کلائي ڇڏين يا روئاري ڇڏين.
مان تنهنجو فقط تنهنجو آهيان پرين،
تون پنهنجون ڪرين يا ڌڪاري ڇڏين.
مڃين عرض جيڪر ته ڇا ٿي پوئي،
گهڙيون ڪي ’عنايت‘ سان گهاري ڇڏين.
ڪڏهن ٿي وري تون وساري ڇڏين.
ڪڏهن ٿي امنگون اٿاري ڇڏين،
ڪڏهن سڪ پنهنجي سمهاري ڇڏين.
ڪڏهن نير هاري جياري ڇڏين،
ڪڏهن مسڪراهٽ سان ماري ڇڏين.
ڪڏهن حسن کي ٿي نکاري ڇڏين،
ڪڏهن سينڌ کي ٿي سنواري ڇڏين.
ٽڙيل دل جي مکڙي ٿي ٻهڪي پوي،
جڏهن ناز مان ٿي نهاري ڇڏين.
ڇڏيل آهي توتي جا مرضي پوئي،
کلائي ڇڏين يا روئاري ڇڏين.
مان تنهنجو فقط تنهنجو آهيان پرين،
تون پنهنجون ڪرين يا ڌڪاري ڇڏين.
مڃين عرض جيڪر ته ڇا ٿي پوئي،
گهڙيون ڪي ’عنايت‘ سان گهاري ڇڏين.
عنايت بلوچ