ڪڏهن پيار مان ٿي پڪاري ڇڏين،

عرس پريو

سينيئر رڪن
ڪڏهن پيار مان ٿي پڪاري ڇڏين،
ڪڏهن ٿي وري تون وساري ڇڏين.

ڪڏهن ٿي امنگون اٿاري ڇڏين،
ڪڏهن سڪ پنهنجي سمهاري ڇڏين.

ڪڏهن نير هاري جياري ڇڏين،
ڪڏهن مسڪراهٽ سان ماري ڇڏين.

ڪڏهن حسن کي ٿي نکاري ڇڏين،
ڪڏهن سينڌ کي ٿي سنواري ڇڏين.

ٽڙيل دل جي مکڙي ٿي ٻهڪي پوي،
جڏهن ناز مان ٿي نهاري ڇڏين.

ڇڏيل آهي توتي جا مرضي پوئي،
کلائي ڇڏين يا روئاري ڇڏين.

مان تنهنجو فقط تنهنجو آهيان پرين،
تون پنهنجون ڪرين يا ڌڪاري ڇڏين.

مڃين عرض جيڪر ته ڇا ٿي پوئي،
گهڙيون ڪي ’عنايت‘ سان گهاري ڇڏين.
عنايت بلوچ
wuo32t.jpg
[/center][/img]
 
جواب: ڪڏهن پيار مان ٿي پڪاري ڇڏين،

واھ ادا واھ بهترين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪڏهن حسن کي ٿي نکاري ڇڏين،
ڪڏهن سينڌ کي ٿي سنواري ڇڏين.

شاعري کي وري توهان جي ڊزائين چار چنڊ لڳائي ڇڏيا
 
جواب: ڪڏهن پيار مان ٿي پڪاري ڇڏين،

عنايت بلوچ سنڌي شاعريء سان گڏ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا جو وڏو نالو آهي۔

عرس پريو جون مهربانيون جنهن سهڻي چونڊ اسان سان شيئر ڪئي آهي۔
 
جواب: ڪڏهن پيار مان ٿي پڪاري ڇڏين،

واھ ادا واھ بهترين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪڏهن حسن کي ٿي نکاري ڇڏين،
ڪڏهن سينڌ کي ٿي سنواري ڇڏين.

شاعري کي وري توهان جي ڊزائين چار چنڊ لڳائي ڇڏيا

ديشي صاحب پسند ڪرڻ جي مهرباني باقي ڊزائين پاڻ کي اچي ڪون مڙئي پياجاٺا هڻندا آهيون
 
جواب: ڪڏهن پيار مان ٿي پڪاري ڇڏين،

عنايت بلوچ سنڌي شاعريء سان گڏ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا جو وڏو نالو آهي۔

عرس پريو جون مهربانيون جنهن سهڻي چونڊ اسان سان شيئر ڪئي آهي۔

باذوق ماڻهن جي پسند به باذوق۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سٺي شاعري آهي عنايت بلوچ جي

پسند ڪرڻ جي مهرباني
 
جواب: ڪڏهن پيار مان ٿي پڪاري ڇڏين،

واه سائين واه۔ بابا سائين جن جي شاعري هتي ۽ ايتري سجيل انداز ۾ پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿي۔ اوهان جا لک لائق۔
 
Back
Top