ماکي جا فائدا ۽ ان جو استعمال

'مختلف موضوع' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [JUSTIFY]الله تعاليٰ جي بي شمار نعمتن مان ماکي به هڪ اهم نعمت آهي، جيڪا ماکيون گلن، ميون، پنن ۽ رس وارن ڦلن کي کائي، ماکي جي صورت ۾ پنهنجي منهن مان خارج ڪن ٿيون ۽ مانارا ڀرين ٿيون، ماکي دنيا جي اڪثر ملڪن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ به پيدا ٿئي ٿي، ماکي ۾ به قدرتي عنصر موجود آهن، جنهن جي هر انسان کي ضرورت هوندي آهي، ماکي ۾ آئرن، ميگنيشم، ڪلورين، فاسفورس، سوڊيم، ڪئلشيم ۽ هر قسم جا وٽامنز شامل هوندا آهن، ماکي هڪ بهترين غذا ۽ قابل علاج دوا آهي، ان ۾ ڪي به منفي اثر نه آهن، ان ڪري پوري اطمينان سان ڪنهن به قسم جي بيماري لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي، شگر جا مريض به پنهنجي ڊاڪٽر جي مشوري تي استعمال ڪري سگهن ٿا، ائين نه آهي ته ماکي صرف بيمار ئي استعمال ڪن پر صحتمند به روزانه مناسب مقدار ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا. ماکي جو استعمال: پراڻي زماني ۾ زخمن جو علاج ماکي سان ئي ڪيو ويندو هو، ماکي مڇي جي تيل ۾ ملائي، منهن جي ڇالن ۽ بگڙيل زخمن تي لڳائي ويندي هئي. کير ۾ ملائي استعمال ڪرڻ سان مڪمل غذا حاصل ٿئي ٿي، گرمي جي موسم ۾ ماکي جي شربت ۾ ليمي جو رس ملائي پيئڻ سان جسم گرمي جي سختيءَ کان محفوظ رهندو، نمونيا، کنگهه ۽ ڳلي جي سوزش ۾ گرم پاڻي ۾ ملائي پيئڻ اڪسير آهي. ايسالن ۽ دستن ۾ به اٻاريل پاڻي ۾ ماکي وجهي استعمال ڪرڻ جديد علاج کان بهتر آهي. جيڪڏهن ڪنهن جڳهه تي وڇون چڪ هڻي ته ان کي ماکي هڻو، جيڪڏهن رات جو ننڊ نه اچي گرم کير ۾ ماکي ملائي پيئو، ماکي هڪ اعليٰ ترين توانائي پهچائڻ واري غذا ۽ جراثيم کان پاڪ دوا آهي، هالينڊ ۾ ٿيل هڪ تحقيق مطابق ماکي زخمن تي مرهم وارو ڪم ڏيندي آهي، ڇو ته ان ۾ اينٽي سپٽڪ دوا جا اثر ڏٺا ويا آهن.[/JUSTIFY]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ماکي جا فائدا ۽ ان جو استعمال

    واهه واهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جهڙي ماکي مٺي آهي اهڙا ئي منجهس فائدا به آهن۔

    بهترين شيئرنگ
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ماکي جا فائدا ۽ ان جو استعمال

    يار عرس ماکي جي ڳالهه ڪري پراڻيون يادون تازيون ڪرائي ڇڏئي۔۔۔
    ياد ٿئي هڪ ڏينهن ڳوٺ ٻاهران آسرنهن جي وڏي وڻ تان ماکي لاهڻ جو پروگرام رکيو هيوسين۔۔۔ پر تنهنجي معمولي غلطي ڪري مکين ڊوڙايو هو۔۔ ۽ تنهنجي ڊڪندي ڳوڏ ننڍي ڪانڊيري ۾ ڦاٿل ئي رهجي وئي هئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ :rofl:
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ماکي جا فائدا ۽ ان جو استعمال

    عرس پريا صاحب

    هي مان ڇا پيو ٻڌان ادا

    هههههههههههه


    واقعي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ماکي جا فائدا ۽ ان جو استعمال

    ادا ماکي به فوجين واري هوندي نه؟
     
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ماکي جا فائدا ۽ ان جو استعمال

    ابا ننڍي لاء جي ڪچي ته نه ڪر۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪر نه ته مون وٽ به ڪي راز هوندا ياد ٿئي مٽر پٽڻ هليا هئاسين ء ڪتي ڊوڙايو هيو مان ڀڄڻ جو تيز ء پوء تو سان ڇا ٿيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ماکي جا فائدا ۽ ان جو استعمال

    يار عرس ٺيڪ آ۔۔۔ ڪاوڙ نه ڪر پاڻ به مفاهمتي پاليسي تي ٿا عمل ڪريون۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو