عرس پريو
سينيئر رڪن
الله تعاليٰ جي بي شمار نعمتن مان ماکي به هڪ اهم نعمت آهي، جيڪا ماکيون گلن، ميون، پنن ۽ رس وارن ڦلن کي کائي، ماکي جي صورت ۾ پنهنجي منهن مان خارج ڪن ٿيون ۽ مانارا ڀرين ٿيون، ماکي دنيا جي اڪثر ملڪن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ به پيدا ٿئي ٿي، ماکي ۾ به قدرتي عنصر موجود آهن، جنهن جي هر انسان کي ضرورت هوندي آهي، ماکي ۾ آئرن، ميگنيشم، ڪلورين، فاسفورس، سوڊيم، ڪئلشيم ۽ هر قسم جا وٽامنز شامل هوندا آهن، ماکي هڪ بهترين غذا ۽ قابل علاج دوا آهي، ان ۾ ڪي به منفي اثر نه آهن، ان ڪري پوري اطمينان سان ڪنهن به قسم جي بيماري لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي، شگر جا مريض به پنهنجي ڊاڪٽر جي مشوري تي استعمال ڪري سگهن ٿا، ائين نه آهي ته ماکي صرف بيمار ئي استعمال ڪن پر صحتمند به روزانه مناسب مقدار ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا. ماکي جو استعمال: پراڻي زماني ۾ زخمن جو علاج ماکي سان ئي ڪيو ويندو هو، ماکي مڇي جي تيل ۾ ملائي، منهن جي ڇالن ۽ بگڙيل زخمن تي لڳائي ويندي هئي. کير ۾ ملائي استعمال ڪرڻ سان مڪمل غذا حاصل ٿئي ٿي، گرمي جي موسم ۾ ماکي جي شربت ۾ ليمي جو رس ملائي پيئڻ سان جسم گرمي جي سختيءَ کان محفوظ رهندو، نمونيا، کنگهه ۽ ڳلي جي سوزش ۾ گرم پاڻي ۾ ملائي پيئڻ اڪسير آهي. ايسالن ۽ دستن ۾ به اٻاريل پاڻي ۾ ماکي وجهي استعمال ڪرڻ جديد علاج کان بهتر آهي. جيڪڏهن ڪنهن جڳهه تي وڇون چڪ هڻي ته ان کي ماکي هڻو، جيڪڏهن رات جو ننڊ نه اچي گرم کير ۾ ماکي ملائي پيئو، ماکي هڪ اعليٰ ترين توانائي پهچائڻ واري غذا ۽ جراثيم کان پاڪ دوا آهي، هالينڊ ۾ ٿيل هڪ تحقيق مطابق ماکي زخمن تي مرهم وارو ڪم ڏيندي آهي، ڇو ته ان ۾ اينٽي سپٽڪ دوا جا اثر ڏٺا ويا آهن.