ڪاميابيء جو راز سهڻين صفتن ۾ آهي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]سمجهداري به هجي سياڻپ به هجي، ساڻيهه به هجي صاف گوئي به هجي، صداقت به هجي، سچائي به هجي، صفائي به هجي، ضمير به هجي، ذهن به هجي، فهم به هجي، فراست به هجي، عقل به هجي، ادراڪ به هجي، علم به هجي، قلم به هجي، ۽ ان کي ڪم ۾ ڪتب آڻڻ جي ڪاريگري به هجي۔

    محبت به هجي، محنت به هجي، معاملي شناسي به هجي، دورانديشي به هجي، دانشمندي به هجي، نوڙت به هجي، نهٺائي به هجي، نيازمندي به هجي، نرمائي به هجي، خوش طبعي به هجي، خوش خلقي به هجي، فڪر به هجي، فضيلت به هجي، پرين جي پچار به هجي، پاڙي اوڙي جي پرگهور به هجي، الفت به هجي، احساس به هجي، شرافت به هجي، شائستگي به هجي، دوستن ۽ احبابن جي ياد به هجي، انسان ذات جي قدر ۽ قيمت به هجي، آسرو به هجي، اُميد به هجي، ته پوءِ اهي سهڻيون صفتون ، انسان کي پنهنجي زندگيءَ جي مقصد ۾، هميشه ئي ڪامياب ۽ فتحياب ڪنديون رهنديون آهن.
    [/JUSTIFY]

    محترم علي نواز وفائيء جي ڪتاب رتيءَ جي رهاڻ تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪاميابيء جو راز سهنين صفتن ۾ آهي

    گهڙي کن جي لاءِ ائين لڳو ڄڻ توهان ڪنهن اهڙي ڌرتي جو ذڪر ڪري رهيا آهيو جيڪا صرف خوابن ۽ تصور ۾ ملي يا وري انسانن جو نه پر فرشتن جو ذڪر پيا ڪريو۔۔۔
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪاميابيء جو راز سهنين صفتن ۾ آهي

    سائين اهڙا فرشتا صفت انسان به آهن جيڪي انهن سڀني خوبين سان موصوف هوندا آهن پر ڪن دوستن ۾ انهن مان ڪافي صفتون سمايل هونديون آهن ۽ اهڙن دوستن مان ڪافي سنڌ سلامت جي سونهن به آهن۔​
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪاميابيء جو راز سهڻين صفتن ۾ آهي

    ماشاء الله نهايت بهترين الفاظن کي کڻي زنجير ۾ پروڙي خوبصورت هار ٺاهيو ويو آهي ،
    ” ڪنهن ڪنهن ماڻهو منج اچي بوءِ بهار جي “ سائين ڀٽائي جي شعرن جي ترجماني ٿيل آهي
    ادي رحيم بخش جي ڳالھ جيان الحمدلله هن فورم جا گهڻائي دوست هن جا مصداق آهن
    ادا سليمان نهايت خوبصورت ونڊ لاءِ اوهان کي مبارڪون هجن ۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪاميابيء جو راز سهنين صفتن ۾ آهي

    خواب ڏسندا ڪيو، ڇو ته اوهان جڏهن ڪي خواب يا منزل جو تعين ڪندا آهيو ته پوء اوهان پنهنجون سموريون ان جي حاصلات لاء لڳائيندا آهيو۔ وفائي صاحب جي لفظن جي ڪيل چونڊ لاجواب آهي۔

    بلڪل اهڙي ئي معاشري کي اوهان آئيڊيل سڏي سگهو ٿا۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪاميابيء جو راز سهنين صفتن ۾ آهي

    مهرباني سائين مولوي رحيم بخش صاحب

    جيڪڏهن اهڙين صفتن وارا ڪجهه دوست گڏجي پون ۽ ڪو ميلو مچائن ته يقينن اهو اهڙو ئي هوندو جهڙو مرحوم علي نواز فائي مٿي ذڪر ڪيو آهي۔

    سنڌ سلامت جي دوستن جون مهربانيون آهن جيڪي سچائي ۽ محبت سان ڪم پيا ڪن۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪاميابيء جو راز سهڻين صفتن ۾ آهي

    مهرباني ادا افتخار

    ڦڙيء ڦڙيء تلاء ٿيندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت به هڪ اهڙوئي گلدستو آهي جيڪو سهڻن گلن جو سنگم آهي۔ دنيا گهڻي خوبصورت آهي بس دنيا کي ان اک سان ڏسو ۽ محبتون ورهايو ۔۔۔۔۔۔
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪاميابيء جو راز سهڻين صفتن ۾ آهي

    ائين لڳو ڄڻ ته آ شرافت جي ڪنهن سمنڊ ۾ ڪري پيو هجان ۔۔۔ جت منهنجو ميرو وجود پئجي صاف ٿيندو هجي۔

    حق سچ جا گفتا آهن، انسانيت جي معراج جا نقطا آهن
    ۽ جي عمل ٿي پوي ته انسان کي سون بنائڻ جا ڀنڊار آهن۔

    ٿورا ناهن ٿورا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  9. حڪيم عبدالقادر

    حڪيم عبدالقادر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 فيبروري 2011
    تحريرون:
    30
    ورتل پسنديدگيون:
    129
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪاميابيء جو راز سهڻين صفتن ۾ آهي

    واه سائين واه توهان جي مضمون ۾ زبردست زندگيءَ جو رنگ ڀريل آهي۔ ان لاءِ هڪ شاعر جو شعر عرض رکان ٿو۔

    خلق جي خدمت حقيقت ۾ عبادت آ ۔۔۔
    اهائي روح جي راحت آ اهائي دل جي دولت آ

    ۔ مهرباني۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪاميابيء جو راز سهڻين صفتن ۾ آهي

    سائين نثار سلام

    بلڪل هي ننڍڙو مضمون پڙهڻ وقت هڪ عجيب خوشين ڀري ڪيفيت ٿي وڃي ٿي۔ سچ جي ڳالهه هجي ۽ پنهنجائپ جو ۽ رشتن جو ڀرم ۽ احساس هجي ته جيڪر زندگي ايڏي ئي خوبصورت انداز سان گذري وڃي۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪاميابيء جو راز سهڻين صفتن ۾ آهي

    حڪيم عبدالقادر صاحب اوهان جي مهرباني

    اوهان هن مضمون جي مناسبت سان سهڻو شعر ونڊ ڪري قرب ڪري ڇڏيا
     
  12. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڪاميابيء جو راز سهڻين صفتن ۾ آهي

    لفظن کي پڙهڻ سان ئي دل کي سڪون اچي وي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪاش اهو سڀ ڪجهه هر ماڻهون ۾ هجي

    انسان کي دلي سڪون ء روح کي راحت به ائين ئي ملي ٿي


    بهترين
     
  13. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ڪاميابيء جو راز سهڻين صفتن ۾ آهي

    ادا سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم۔جنهن شخص ۾ اهئي سڀ خوبيون هونديون اهو الله پاڪ جو تمام گهڻو نوازيل انسان هوندو۔اهئي سڀ وصفون ٻڌڻ ۾ ئي دل کي ڏاڍي تقويت ملي ٿي ۔جيڪڏهن اهئي وصفون اسان ۾ پيدا ٿي وڃن ته جيڪر اسان ڪامياب انسان ٿئي پنهنجي منزل کي ماڻي الله سائين جي سامهون سرخرور ٿئي وڃون۔سائين منهنجا توهان ته پنهنجي هن پياري ليک سان اسان جي دل ۾ هلچل مچائي ڇڏي ۽ هڪ عجيب ڪفيت پيدا ٿئي ويئ۔توهان جون تمام گهڻيون مهربانيون۔
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪاميابيء جو راز سهڻين صفتن ۾ آهي

    مهرباني ڀاء عرس

    اميد تي دنيا قائم آهي۔ جيڪڏهن اسان شروعات ڪيون ڪنهن هڪ صفت سان ۽ ان تي عمل پيرا ٿيو ۽ پوء آهستي آهستي بهتري طرف وڌون ته ڪاميابي ٿي سگهي ٿي۔ پر ارادا مضبوط ۽ نيڪ هجڻ گهرجن۔
     
  15. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪاميابيء جو راز سهڻين صفتن ۾ آهي

    بهترين شيئرنگ آهي

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو