دنيا جا ڏهه خطرناڪ ترين جانور

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄ هڪ عجيب سروي تي نظر پئي۔ هي سروي دنيا جي انهن ڏهن خطرناڪ ترين جانورن جي آهي جيڪي هر سال ڪيترن ئي ماڻهن جي موت جو سبب بڻجن ٿا۔ انهن ۾ ريڙهيون پائيندڙ جانور، پاڻيء جا جانور، خشڪيء جا جانور ۽ اڏرندڙ جانور پڻ شامل آهن۔ دنيا جي خطرناڪ ترين جانورن مان مڇر پهرين نمبر تي آهي۔ جنهن سبب هر سال هزارين ماڻهو موت جو شڪار ۽ لکين ماڻهو بيماري جي بستري داخل ٿين ٿا۔ انهن خطرناڪ جانورن جو اچو ته جائزو وٺون جيڪي موت جو سبب بنجن ٿا۔

    1 مڇر:


    [justify]مڇر هڪ اڏرندڙ ۽ پاڻيء تي رهندڙ هڪ ننڍڙو جانور آهي جيڪو دينگي بخار ۽ مليريا جهڙي موذي مرضن جو سبب بڻجي هزارين ماڻهن جي موت ۽ لکين ماڻهن جي بيماريء جو سبب بڻجي ٿو۔ ايشيا ، آفريڪا ۽ اتر آمريڪا ۾ گهڻو ٿيندو آهي۔ ساليانو 20 کان 30 لک ماڻهو هن جي چڪن جو شڪار ٿين ٿا۔
    [/justify]

    [​IMG]

    2 نانگ:


    [justify]هي هڪ زهريلو جانور آهي جنهن جي ڏنگ ۽ خوف سبب هر سال ڪيترائي ماڻهو موت جي منهن چڙهن ٿا۔ دنيا ۾ نانگن جا 2000 کان وڌيڪ قسم ٿين ٿا۔ ساليانو 50 کان سوا لک ماڻهو هن جو شڪار ٿين ٿا۔
    [/justify]

    [​IMG]

    3 وڇون :


    [justify]خطرناڪ ۽ زهريلو ريڙهيون پائيندڙ جانور آهي جنهن جي ڏنگ ۽ زهر سبب هر سال 800 کان 20 هزار ماڻهو شڪار ٿين ٿا۔ هن جا 1500 کان وڌيڪ قسم ٿين ٿا۔ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا ۾ جام ٿين ٿا۔
    [/justify]

    [​IMG]

    4 چيتو :

    [justify]هر سال 800 ماڻهو هن جي حملي جو سبب بنجن ٿا۔ هي تيز ترين جانورن مان آهي۔ هندستان، آفريڪا ۽ اتر آمريڪا ۾ گهڻا ٿين ٿا۔
    [/justify]

    [​IMG]

    5 واڳون:


    [justify]600 کان 800 ماڻهو هر سال واڳون جو شڪار ٿين ٿا۔ طاقتور ۽ وزنائتو پاڻيء جو جانور آهي۔آفريڪا ۽ آسٽريليا سان گڏ ايشيا ۾ به ٿئي ٿو۔
    [/justify]

    [​IMG]

    6 هاٿي :


    [justify]خشڪيء جي جانورن جو وڏي ۾ وڏو جانور آهي۔ عام طور تي ماڻهن سان ڪونه ورهي پر مست هاٿي پنهنجي سونڍ ۽ پيرن هٿان لتاڙ جو سبب بڻجي 300 کان 500 ماڻهو هر سال هن جو شڪار ٿين ٿا۔ آفريڪا ۽ هندستان ۾ گهڻو ٿئي۔
    [/justify]

    [​IMG]

    7 سامونڊي گهوڙو:


    [justify]پاڻيء ۽ خشڪي ٻنهي هنڌ رهندو آهي ۽ طاقتور ترين جانورن مان هڪ آهي۔ 100 کان 150 ماڻهو هن جو هر سال شڪار ٿين ٿا۔ آفريڪا ۾ گهڻو ٿئي۔
    [/justify]

    [​IMG]

    8 جيلي فش :


    [justify]پاڻيء ۾ رهندڙ پر زهريلو جانور آهي جنهن جو اثر جلدي ٿيندو آهي۔ تاندوري زريعي رهڙو ڏئي پنهنجو زهر ڇڏي ٿي ۽ هر سال 100 کان وڌيڪ ماڻهو هن جو شڪار ٿين ٿا۔
    [/justify]

    [​IMG]

    9 شارڪ مڇي :


    [justify]هر سال 100 ماڻهن جو شڪار ڪندڙ شارڪ پاڻي جي خطرناڪ ترين جانورن مان آهي جيڪا گهڻي ڦڙتيلي ۽ خونخوار ٿئي۔
    [/justify]

    [​IMG]

    10 رڇ :


    جنگهلي ۽ برفاني رڇ جو هر سال 100 کا مٿي ما ڻهو شڪار ٿين ٿا۔

    [​IMG]




    عجيب ڳالهه آهي جو ڪتي جو ذڪر ڪونه ٿيو آهي ، جيتو ڻيڪ ايشيا ۾ ڪتي جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد آهي۔​
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: دنيا جا ڏهه خطرناڪ ترين جانور

    سائين عجيب معلومات آهي توهان جي مهرباني جو اهڙي ناياب معلومات سنڌي ۾ پيش ڪري اسان سڀني جي معلومات ۾ اضافو ڪيوَ۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دنيا جا ڏهه خطرناڪ ترين جانور

    مهرباني سائين رحيم بخش صاحب

    اوهان هميشه حوصلا افزائي ڪندا رهو ٿا
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: دنيا جا ڏهه خطرناڪ ترين جانور

    يار ڪتي جو به ذڪر ڪرڻ گهجي ها ۔۔۔۔۔۔۔۔ اسانجي علائقن م اهي به ڏاڍا خطرناڪ آهن

    تمام ڪارائتي معلومات ڏني اٿو
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دنيا جا ڏهه خطرناڪ ترين جانور

    اڙي يار مون ته رشيد جي ڪري اهو ذڪر ڪيو ۔۔۔۔ ته ڪتو به ڪو گهٽ خطرناڪ ناهي۔ پر هن سروي ۾ جيڪو هيو اهو سنڌي ۾ ترجمو ڪري پيش ڪيم۔
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: دنيا جا ڏهه خطرناڪ ترين جانور

    يار منهنجي ڪري ڇو؟ :nono:
    ڪتي کان ته توهان ڊڄندا آهيو۔۔ اهو ئي سبب آهي جو ان رات 12 بجي هوٽل تي هلڻ جي منهنجي فرمائيش جي به توهين ڪئي هيوَ۔۔۔ :hitwall:
    هوئن به تنهنجي ننڍپڻ واري واقعي جو مرتضى ذڪر ڪيو هو۔۔۔ :dance3:
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دنيا جا ڏهه خطرناڪ ترين جانور

    يار رشيد سچ ته مونکي ڪتن کان نه پر ڪتن جي چڪ کانپوء جيڪي سيون لڳنديون آهن انهن کان گهڻو ڊڄ ٿيندو آهي۔ باقي اوهان ڏانهن اشارو ڇو هيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پاڻ سمجهو بابا
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: دنيا جا ڏهه خطرناڪ ترين جانور

    لاجواب ونڊ آهي بهترين معلومات آهي

    اسان وٽ وري ڪتن جي ڪجهه سوائي اڪثريت آهي

    سدائين گڏ
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: دنيا جا ڏهه خطرناڪ ترين جانور

    ادا تمام بهترين معلومات آهي ادا مهرباني ونڊ جي جاني
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دنيا جا ڏهه خطرناڪ ترين جانور

    فقير سائين حوصلا افزائيء لاء مهربانيون

    حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته مٿي ذڪر ڪيل سڀني جانورن ۽ ڪتي کان به وڌيڪ خطرناڪ ته انسان پاڻ آهي۔ انسان جيترا قتل ڪيا آهن ۽ بيگناهه ماڻهن کي شڪار ڪيو آهي انهن جو ڪو حساب ئي ناهي۔

    پر پوء به ڪجهه چڱن انسانن جي طفيل هو اشرف المخلوقات پيو سڏجي۔ دعا آهي ته انسان حقيقي انسان بڻجي انسانيت لاء ڪم ڪري نه ڪي حيوانيت وارا ڪم ڪري۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو