اڄ هڪ عجيب سروي تي نظر پئي۔ هي سروي دنيا جي انهن ڏهن خطرناڪ ترين جانورن جي آهي جيڪي هر سال ڪيترن ئي ماڻهن جي موت جو سبب بڻجن ٿا۔ انهن ۾ ريڙهيون پائيندڙ جانور، پاڻيء جا جانور، خشڪيء جا جانور ۽ اڏرندڙ جانور پڻ شامل آهن۔ دنيا جي خطرناڪ ترين جانورن مان مڇر پهرين نمبر تي آهي۔ جنهن سبب هر سال هزارين ماڻهو موت جو شڪار ۽ لکين ماڻهو بيماري جي بستري داخل ٿين ٿا۔ انهن خطرناڪ جانورن جو اچو ته جائزو وٺون جيڪي موت جو سبب بنجن ٿا۔
1 مڇر:
مڇر هڪ اڏرندڙ ۽ پاڻيء تي رهندڙ هڪ ننڍڙو جانور آهي جيڪو دينگي بخار ۽ مليريا جهڙي موذي مرضن جو سبب بڻجي هزارين ماڻهن جي موت ۽ لکين ماڻهن جي بيماريء جو سبب بڻجي ٿو۔ ايشيا ، آفريڪا ۽ اتر آمريڪا ۾ گهڻو ٿيندو آهي۔ ساليانو 20 کان 30 لک ماڻهو هن جي چڪن جو شڪار ٿين ٿا۔

2 نانگ:
هي هڪ زهريلو جانور آهي جنهن جي ڏنگ ۽ خوف سبب هر سال ڪيترائي ماڻهو موت جي منهن چڙهن ٿا۔ دنيا ۾ نانگن جا 2000 کان وڌيڪ قسم ٿين ٿا۔ ساليانو 50 کان سوا لک ماڻهو هن جو شڪار ٿين ٿا۔

3 وڇون :
خطرناڪ ۽ زهريلو ريڙهيون پائيندڙ جانور آهي جنهن جي ڏنگ ۽ زهر سبب هر سال 800 کان 20 هزار ماڻهو شڪار ٿين ٿا۔ هن جا 1500 کان وڌيڪ قسم ٿين ٿا۔ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا ۾ جام ٿين ٿا۔

4 چيتو :
هر سال 800 ماڻهو هن جي حملي جو سبب بنجن ٿا۔ هي تيز ترين جانورن مان آهي۔ هندستان، آفريڪا ۽ اتر آمريڪا ۾ گهڻا ٿين ٿا۔

5 واڳون:
600 کان 800 ماڻهو هر سال واڳون جو شڪار ٿين ٿا۔ طاقتور ۽ وزنائتو پاڻيء جو جانور آهي۔آفريڪا ۽ آسٽريليا سان گڏ ايشيا ۾ به ٿئي ٿو۔

6 هاٿي :
خشڪيء جي جانورن جو وڏي ۾ وڏو جانور آهي۔ عام طور تي ماڻهن سان ڪونه ورهي پر مست هاٿي پنهنجي سونڍ ۽ پيرن هٿان لتاڙ جو سبب بڻجي 300 کان 500 ماڻهو هر سال هن جو شڪار ٿين ٿا۔ آفريڪا ۽ هندستان ۾ گهڻو ٿئي۔

7 سامونڊي گهوڙو:
پاڻيء ۽ خشڪي ٻنهي هنڌ رهندو آهي ۽ طاقتور ترين جانورن مان هڪ آهي۔ 100 کان 150 ماڻهو هن جو هر سال شڪار ٿين ٿا۔ آفريڪا ۾ گهڻو ٿئي۔

8 جيلي فش :
پاڻيء ۾ رهندڙ پر زهريلو جانور آهي جنهن جو اثر جلدي ٿيندو آهي۔ تاندوري زريعي رهڙو ڏئي پنهنجو زهر ڇڏي ٿي ۽ هر سال 100 کان وڌيڪ ماڻهو هن جو شڪار ٿين ٿا۔

9 شارڪ مڇي :
هر سال 100 ماڻهن جو شڪار ڪندڙ شارڪ پاڻي جي خطرناڪ ترين جانورن مان آهي جيڪا گهڻي ڦڙتيلي ۽ خونخوار ٿئي۔

10 رڇ :
جنگهلي ۽ برفاني رڇ جو هر سال 100 کا مٿي ما ڻهو شڪار ٿين ٿا۔

عجيب ڳالهه آهي جو ڪتي جو ذڪر ڪونه ٿيو آهي ، جيتو ڻيڪ ايشيا ۾ ڪتي جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد آهي۔