پنهنجو پاڻ تي اعتماد ڪيو ۔۔۔ توهان گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا۔۔۔ !

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مان ننڍي لاڪون ٻڌندو پيو اچان ته پيسي ۾ وڏي طاقت آهي ۔۔ ان سان ڪجهه به خريد ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ ۽ پيسي جي هوندي ته ڪا به پريشاني ئي نه ٿي ڏسي سگهجي۔۔۔ هڪ دفعي منهنجي هڪ استاد پنهنجي ليڪچر دوران اهو به چيو هو ته ۔۔ ”جيڪڏهن توهان جي گهر ۾ توهان جو ڪو وڏو بيمار آهي ۽ کٽ تان اٿڻ جهڙو به ناهي ته توهان ان جي هٿ ۾ چپڙي سان 10،000 رکي ڇڏيو۔۔ توهان ڏسندو ته هو کٽ تان پاڻهي اٿي ويندو۔۔۔ ۽ هن جي اڌ بيماري ختم ٿي ويندي۔۔۔ “
    اسان مان کوڙ سارا دوست ان ڳالهه سان سهمت هوندا۔۔۔ پر اڄ مان توهان سان هڪ واقعو ونڊ ڪريان ٿو جنهن کان پوءِ توهان کي يقين ٿيندو ته پنهنجو پاڻ تي اعتماد پڻ تمام وڏي طاقت آهي۔۔


    [​IMG]

    واقعو ڪجهه هن طرح آهي ته هڪ واپاري ڪمپني جو مالڪ تمام گهڻو قرضدار ٿي ويو ۔۔ قرض ڏيندڙ وڌيڪ قرض ڏيڻ کان لاچاري ڏيکاري ڇڏي ۽ پهريون قرض واپس ڪرڻ جي تقاضا ڪرڻ لڳا۔۔۔ ڪمپني کي مال مهيا ڪندڙن پيسن جي گهر وڌائي ڇڏي۔۔
    واپاري ڪافي منجهيل هو۔۔ آخر يڪسانيت لاءِ هو هڪ پارڪ ۾ ويو جتي اڪيلائپ ۾ سوچڻ لڳو ته آخر هُو ڪهڙي طرح پنهنجي ڪمپني کي ديواليو ٿيڻ کان بچائي۔۔۔ هُو انهي سوچ ۾ مڏل هو ته سندس سامهون هڪ 70 سال جو ضعيف ماڻهون ظاهر ٿيو ۽ کائنس پڇائين ۔۔ ”مان ڏسان پيو ته توهان ڪجهه پريشان ٿا لڳو۔۔ ڇا مان توهان جي ڪا مدد ڪري سگهان ٿو۔۔ “
    واپاري کي اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي ۽ هن کيس پنهنجي ڪمپني جي سموري وارتا ٻڌائي ۔۔ سموري ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ ان ضعيف ماڻهون پنهنجي کيسي مان چيڪ ڪڍي صحيح ڪندي سندس هٿ ۾ پڪڙايو ۽ چيو۔۔ ”مان تنهنجي مدد ڪري سگهان ٿو۔۔ هي چيڪ وٺ ۽ هڪ سال کان پوءِ ٺيڪ اڄ واري ڏينهن هتي ئي مون سان ملي منهنجي رقم مون کي واپس ڪجان۔۔۔!“
    ضعيف ماڻهون چيڪ ڏئي واپس روانو ٿي ويو ۔۔ واپاري چيڪ تي نظر ڦيرائي ته اهو 50 لک جو چيڪ هيو ۽ صحيح ڪندڙ دنيا جو امير ترين شخص ۽ مائڪروسافٽ ڪمپني جو مالڪ بل گيٽس هو۔۔
    واپاري سوچيو ته ڪيترو نه ڀلو ماڻهون آهي ۽ مون کي جانچڻ کانسواءِ ئي مون تي ڪيترو اعتماد ڪيو اٿائين جو ايتري رقم جو چيڪ ڏئي ڇڏيائين۔۔ اهو به نه سوچيائين ته مان کيس رقم واپس به ڪري سگهندس يا نه۔۔۔ هن سوچيو ۔۔”اهڙي ماڻهون جي اعتماد کي نقصان نه ڏبو۔۔۔ مان چيڪ کي سنڀالي رکندس ۔۔ ۽ ڪمپني کي نئين سر پنهنجي محنت سان جوڙيندس۔۔ جي نقصان ۾ نه نڪري سگهيس ته آخري حل طور هي چيڪ ڪم ۾ آڻيندس۔۔۔ “
    هن دفعي ڪمپني ۾ واپس ويندي سندس اعتماد بلڪل اوچو هو ۔۔ هن هڪ دم پنهنجي سمورن آرڊرس ۽ ڪسٽمرس تي توجه ڏني پنهنجي پاليسين ۾ ڪجهه ترميمون ڪيون ۽ جن کان قرض ورتا هئا انهن سان ميٽنگون رکيون۔۔ پنهنجي پروڊڪٽس جي هڪ ترتيب بڻائي ۔۔ انهن سان گڏ پيڪيجز ۽ مختلف ڊيلس رکڻ جو اعلان ڪيو ۽ ڏينهن رات ڪم کي لڳي ويو۔۔
    ڏسندي ئي ڏسندي سندس ڪمپني ٻيهر اٿڻ لڳي ۽ آهستي آهستي ڪسٽمرس جو اعتماد واپس وٺڻ لڳي ان طرح ڪمپني جي پروڊڪٽس جي گهرج ۾ اضافو آيو ۽ ڪمپني پنهنجا قرض واپس ڏيڻ لڳي ۔۔ هڪ سال جي عرصي ۾ ڪمپني پنهنجا سمورا قرض واپس به ڪري ورتا ۽ کوڙ سارا آرڊر پڻ ڊيل ڪري ورتا۔۔
    آخر اهو ڏينهن به اچي ويو جنهن ڏينهن کان پورو هڪ سال اڳ واپاري کي ان ضعيف ماڻهون چيڪ ڏنو هو۔۔ هن الماري ۾ محفوظ ان چيڪ کي کنيو ۽ ساڳئي پارڪ ۾ اچي ويٺو ۔۔۔ 2 ڪلاڪ گذري ويا پر اهو ضعيف ماڻهون کيس نظر نه آيو ۔۔۔ آخر 4 ڪلاڪ گذري وڃڻ کان پوءِ هو منتشر ذهن سان واپسي لاءِ اٿيو۔۔۔ ته هن سامهون ان ضعيف ماڻهون کي ايندي ڏٺو۔۔۔ واپاري يڪدم ان ضعيف ماڻهون ڏانهن وڌيو ۽ کيس سلام ڪندي سندس جو ئي ڏنل چيڪ کيس واپس ڪيو۔۔۔
    ضعيف ماڻهون کيس سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو ته واپاري کيس گذريل سال جو واقعو ٻڌائي ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ايتري ۾ پري کان هڪ نرس تڪڙي تڪڙي هنن ٻنهي ڄڻن ڏانهن وڌي ۽ ضعيف ماڻهون کي جا هٿ پڪڙيندي واپس ورڻ لڳي ۔۔۔ ”معاف ڪجو ۔۔۔ مون کي خوشي آهي جو مون هن کي پڪڙي ورتو۔۔۔ ۽ اميد ڪريان ٿي ته هن توهان کي ڪا تڪليف نه ڏني هوندي ۔۔۔ اصل ۾ هي گذريل ٻن سالن کان وٺي نفسياتي مريض آهي ۽ گهر کان ٻاهر نڪري ويندو آهي ۔۔ هي پاڻ کي دنيا جو امير شخص بل گيٽس سڏائيندو آهي۔۔۔“ نرس سهڪندي سهڪندي پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي ۽ ان ضعيف شخص کي واپس وٺي وئي۔۔
    واپاري پنهنجي هٿ ۾ چيڪ سميت هڪ ٻڪو ٻنهي کي ويندي ڏسندي رهجي ويو۔۔ ۽ سوچڻ لڳو ته سمورو سال هي ماڻهن سان ڊيلنگ، خريد و فروخت ۽ پنهنجي ڪسٽمرن ۽ بينڪ مالڪن سان ميٽنگس ان اعتماد سان ڪندو رهيو ته جي ڪم نه ٿي سگهيو ته سندس وٽ 50 لک روپين جو چيڪ موجود آهي ۔۔۔ ۽ هو ان کي ڪنهن به وقت استعمال ڪري پنهنجيون پريشانيون ختم ڪري سگهندو۔۔۔ مطلب ته سندس پوري زندگي تبديل ڪندڙ اهو چيڪ دراصل ڪجهه به نه هو ۔۔۔

    ”اها دراصل هن جي نئين خوداعتمادي ئي هئي ۔۔ جنهن جي طاقت کيس سڀ ڪجهه درست ۽ واپس ورائڻ ۾ مدد ڪئي ۔۔۔ هن سمجهي ورتو ته جي پاڻ تي اعتماد برقرار رکجي ته ڪجهه به ڪري سگهجي ٿو۔۔۔“

    دوستو پوري واقعي کان پوءِ توهان ٻڌايو ته ڇا واقعي انسان وٽ اهڙو اعتماد بغير پيسن جي سپورٽ سان اچي سگهي ٿو جو هو پنهنجي خود اعتمادي سان نقصان کي فائدي ۾ تبديل ڪري يا وري منهنجي استاد جي ڳالهه وانگر ته اهو پيسو ئي هوندو آهي جيڪو توهان ۾ اعتماد به پيدا ڪندو آهي۔۔۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنهنجو پاڻ تي اعتماد ڪيو ۔۔۔ توهان گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا۔۔۔ !

    مهرباني ادا رشيد

    خود اعتمادي پيدا ڪرڻ ئي مسئلن جو حل آهي۔ ڪاش اها ڳالهه هر ڪو سمجهي سگهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪڏهن ايئن هجي ها ته مان هن وقت تازين پريشانين ۾ نه هجان ها۔ دعا ڪيو ته هي وقتي پريشاني خود اعتمادي ذريعي ئي حل ٿئي۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: پنهنجو پاڻ تي اعتماد ڪيو ۔۔۔ توهان گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا۔۔۔ !

    سچي پڇو ته هي ليک مون لکيو ئي توهان جي مونجهارن کي سامهون رکي هو۔۔۔۔۔۔۔ اسان جون دعائون توهان سان گڏ آهن۔۔۔ الله پاڪ مالڪ آهي پنهنجي نيڪ ٻانهن کي دنياوي آزمائشن ۾ ان لاءِ به رکندو آهي ته پريشانين کي منهن ڏيڻو جو حوصلو ڌارين ۽ ڏک سان گڏ سک ۾ به کيس ياد ڪن۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پنهنجو پاڻ تي اعتماد ڪيو ۔۔۔ توهان گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا۔۔۔ !

    سائين رشيد صاحب دراصل خود اعتمادي تي ماڻهو گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو پر اڄ ڪلهه خود اعتمادي جو ڪافي کوٽ محسوس ڪئي پئي وڃي توهان جو هي ليک تمام گهڻو ڪارآمد آهي انهن دوستن لا۽ جن وٽ خود اعمتادي جو ڪمي آهي

    باقي سائين سليمان وساڻ صاحب سان جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته الله پاڪ ڪندو ته اهو تمام جلد حل ٿئي ويندو

    جيڪڏهن ڪنهن مسئلي ۾ فقير جي ضرورت هجي ته فقير هر وقت توهان جي لا۽ حاضر آهي

    ادا سليمان الله پاڪ ڀلو ڪندو

    سدائين گڏ
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پنهنجو پاڻ تي اعتماد ڪيو ۔۔۔ توهان گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا۔۔۔ !

    سائين عبدالرشيد جن جون تحريرون هميشه بهترين هونديون آهن جيڪي ماڻهو ۾ عقلمندي حوصلو ۽ ولولو پيدا ڪرڻ لاء مفيد هونديون آهن ليڪن انهن سڀني ڳالهين جي باوجود پريشان حال فقط ڪهاڻين پڙهڻ سان حوصلي ۾ نه ايندو آهي ۽ پريشاني مسئلي جو حل به نه آهي ليڪن مسئلن سبب پريشاني جو پيدا ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي پوء ان جو آسان حل آهي ته پاڻ کي مصروف رکجي ۽ بهترين دوستن مخلص عزيزن سان مسئلو شيئر ڪجي ڪٿان نه ڪٿان ڪو بهتر حل به نڪري سگهي ٿو اگر پريشاني جو حل نه به نڪري تڏهن به پريشاني شيئر ڪرڻ وقت ڪافي ذهني بوجهه هلڪو ٿيندو آهي. بهرحال سائين محمد سليمان جن کي ڪهڙي پريشاني آهي اگر فورم تي نه صحيح ته ڪن دوستن کي جن کي پاڻ مخلص سمجهن ٿا انهن کي ايس ايم ايس ذريعي پي ايم ذريعي اها پريشاني ٻڌائين ٿي سگهي ٿو ته ڪو سهڻو مشورو ئي سندن مسئلي جو حل ثابت ٿي پوي​
    .
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: پنهنجو پاڻ تي اعتماد ڪيو ۔۔۔ توهان گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا۔۔۔ !

    سنڌ سلامت جي رڪنن جو پاڻ ۾ اهڙو ويجهو هجڻ جو ٻئي جي پريشاني کي پنهنجو درد ٿا سمجهن۔۔۔ ڀلي ڳالهه آهي ۔۔
    باقي جيتري قدر ادا سليمان جو تعلق آهي ته سندن مٿي جو سور منهنجي خيال ۾ لهي چڪو آهي پو ڀلي سائين ڪريم چانڊيو اهو چوي ته ”سندس مٿي جو سور شروع ٿيو آهي۔۔“
     
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: پنهنجو پاڻ تي اعتماد ڪيو ۔۔۔ توهان گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا۔۔۔ !

    الله سائين سڀني جون پريشانيون دور ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي سليمان جي مٿي جو سور ختم ٿي چڪو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خوداعتمادي ڪاميابيء جي راهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄ جي نوجوان ۾ ان شئي جي ڪمي سان گڏ شڪست جو خوف به آهي ء شڪست جو خوف انسان کي ناڪام بڻائيندو آهي ۔۔۔۔۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنهنجو پاڻ تي اعتماد ڪيو ۔۔۔ توهان گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا۔۔۔ !

    پر يار رشيد ڳالهه نه پڇ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اڄڪلهه چاچو ڪريم چانڊيو ئي سڀ کان وڏو مٿي جو سور آهي ۔۔۔۔۔۔۔ گهران اچڻ ۾ دير ٿو ڪيان ته ڪيئي ڳالهيون ٻڌڻيون ٿيون پون۔ پاڻ آهي رٽائر ماڻهو ۽ واندو ۔۔۔۔۔۔۔

    ڇا ڪجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پوء به چوندا آهن ته هل چري يارن سان ڪهڙا ليکا۔
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پنهنجو پاڻ تي اعتماد ڪيو ۔۔۔ توهان گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا۔۔۔ !

    ادي سليمان جو مٿي جو سور ته لٿو پر سائين نثار ناز جن کي تفصيلي انٽرويو اڃان به ڏيڻو اٿن۔۔۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنهنجو پاڻ تي اعتماد ڪيو ۔۔۔ توهان گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا۔۔۔ !

    انٽرويو لاء ته مان تيار هئس پر واعدي موجب سائين نثار ناز ڪراچي واري وليمي ۾ شريڪ ڪونه ٿيو ۽ نه انٽرويو ڪري سگهيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو