عرفان ديشي
سينيئر رڪن

قدم قدم تي شهادت گهڙيءَ گهڙيءَ ورسي
ساجد چانڊيو
ڄ وري سنڌ جي انهن سڄڻن جي سار دل ۾ واهيرا ڪري وري آئي آهي، جن سنڌ جي سڄڻن پنهنجا ساهه ڏيئي ويساهه پختا ڪيا. توڙي جو انهن سڄڻن کي 27 ورهيه اچي ٿيا آهن، پر پوءِ به سندن وڇوڙي جو سور اسان جي دل ۾ اڄ به تازو آهي. انهن جي المياتي وڇوڙي تي اڄ به سنڌ جا سڄڻ اوڇنگارون ڏئي رهيا آهن، جڏهن جڏهن آمريتي دؤر آيا ته انهن ڏنڊي جي زور تي ئي حڪومت هلائڻ کي بهتر طريقو سمجهيو آهي، پر شيخ اياز چواڻي ته ”تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين“ جيئن ڪيترن جوڌن پنهنجون جوانيون وڃائي ’ديس‘ مٿان سر گهور ڪيو آهي. 17 آڪٽبر 1984ع تي ٽوڙهي ڦاٽڪ ضلعي دادو ۾ پيش آيل سانحو اڄ به انصاف طلبي رهيو آهي. ٽوڙي ڦاٽڪ وارو علائقو اهو علائقو آهي، جتي ڪنهن به دهشتگرديءَ جو ڪو خطرو نه هو ۽ نه ئي وري بدامنيءَ جي ڪا ڳالهه هئي. هڪ سوچيل سمجهيل ۽ سازش تحت وردي پهريل هٿياربند ويهاري سنڌ جي اٿندڙ آواز کي ماٺو ڪرڻ لاءِ اهڙن شاگردن جا جسم گولين سان پروڻ ڪيا ويا.
هي واقعو جنرل ضياءُ جي مارشل لا واري دور ۾ پيش آيو، جنهن 1977ع ۾ پ پ پ جي عوامي حڪومت کي هڪ سازش تحت ختم ڪري آمريت مڙهي ۽ ساڳي وقت مزاحمت ڪندڙ هڪ طبقي کي تشدد ۽ جبر جو نشانو بڻايو ويو، انهيءَ دور ۾ سازش تحت سنڌ جا تعليمي ادارا تباهيءَ جي ڪناري آندا ويا، ڪلاشنڪوف ڪلچر عام، ڌاڙيل پئدا ٿيا ۽ ڳجها هٿ سنڌ دوست نوجوانن کي به نشانو بڻائڻ ۾ مصروف هئا. ان جو وڏو ثبوت ٽوڙي ڦاٽڪ وارو واقعو آهي، جيڪو 17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌي شاگردن سان پيش آيو، علم جي سرزمين ڄامشوري جي سنڌ يونيورسٽيءَ، مهراڻ يونيورسٽيءَ ۽ لياقت يونيورسٽي ءَجا ڳڀرو شاگرد جڏهن لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ نون شاگردن کي مان ۾ ڏنل آجياڻي تقريب ۽ ”موهن جو دڙو بچايون“ سيمينار ۾ شرڪت لا يونيورسٽيءَ جي بسن ۾ نڪتا ته رستي ۾ مانجهند ڀرسان ٽوڙي ڦاٽڪ بند هئڻ سبب کين ترسڻو پيو، اوچتو خاڪي ورديءَ ۾ هڪ آفيسر آيو، جنهن بسن کي ٽوڙهي واري ميدان ۾ لاهڻ جو حڪم ڏنو، شاگردن ان خاڪيءُ ورديءَ ۾ مبلوس آفيسر کان سبب پڇيو پر ان دوران اوچتو اوسي پاسي ۾ لڪل وردي پاتل بگهڙن شاگردن جي بسن تي شديد فائرنگ ڪري ڏني. ان قهري ڪارروائيءَ ۾ ٻئي بسون تباهه ٿيون ۽ زخمي شاگردن جا ست ماڙ جڙي ويا ۽ فائرنگ جاري رهي، نتيجي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا ٻه شاگرد انور عباسي، امان الله وسطڙو، مهراڻ يونيورسٽيءَ جا ٻه شاگرد عبدلمالڪ خشڪ ۽ ذڪريا ميمڻ شهيد ٿي ويا. انهن چئني شاگردن سان گڏ بس جو ڊرائيور مٺو بليدي پڻ شهيد ٿيو ۽ ٻين سڀني شاگردن کي جسم تي گولين ۽ شيشن جا زخم رسيا. اهو منجهند جو وقت هو، پر وحشي سوچ رکندڙ انهن اهلڪارن طبي امداد ڏيارڻ بجاءِ ڪجهه شاگرد اڳواڻن کي پٽ تي زخمي حالت ۾ اونڌو سمهاري مٿن وڌيڪ تشدد ڪيو ۽ شهيدن جا لاش شام تائين اتي ئي پيل هئا زخمي شاگردن کي اسپتال بجاءِ گرفتار ڪري سينٽرل جيل حيدرآباد ۽ نارا جيل موڪليو ويو. افسوس ته اهو جو ان قيامت خيز واقعي کي ڪوڙو رنگ ڏيئي سرڪاري ٽي ويءَ تان خبر نشر ڪئي وئي ته انهن بسن ۾ ڏوهاري هئا. جن ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ بيٺل پوليس تي بلاجواز فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ سان گڏ پنهنجي فائرنگ ۾ سندن 5 ساٿي مارجي ويا. پر اهو ڪوڙ جٽادار ثابت ٿي نه سگهيو ۽ صبح سان ئي اصل حقيقت سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويئي ته اهي ڏوهاري نه پر سنڌ، مهراڻ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جا شاگرد هئا. ان واقعي خلاف غم ۽ غصي ۾ عام ماڻهو به مزاحمت ۾ روڊن تي نڪري آيا ۽ ڪيترائي ڏينهن سوڳ ۾ تعليمي ادارا بند رهيا. ان ردعمل ۽ عوامي دٻاءُ سبب بسن مان گرفتار ڪيل شاگردن کي آزاد ڪيو ويو، جن ۾ گل محمد جکراڻي، ستار موريو، اقبال تنيو، ڊاڪٽر دودو مهيري، عمر زرداري، ڪامريڊ نذير تنيو، معشوق شيخ (آتش سنڌي) ۽ سڪندر ميراڻي کي قيد رکيو ويو، هي مشهور ڪيس ”ٽوڙهي ٽربيونل“ جي نالي سان مشهور ٿيو، ۽ ناليواري قانوندان يوسف لغاري وڙهيو، جيڪو ڪيس نامياري جسٽس (ر) عبدالسلام ٿهيم هلايو، جيڪو ڪيس اڳتي هلي ڪوڙو ثابت ٿيو. ڪورٽ سڳوري اها ڳالهه مڃي ورتي ته اهو واقعو غلط ۽ هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ٿيو ۽ فيصلو شاگردن جي حق ۾ آيو. عدالت جي فيصلي بعد گرفتار ٿيل سمورا شاگرد آزاد ڪيا ويا، پر افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته هن واقعي جي مک جوابدار ميجر عزيز عباس کي 23 مارچ 1985ع تي ان وقت جي صدر طرفان ”تمغه رسالت“ جي اوارڊ سان نوازيو ويو.
ڪي جهڪيا ڪي وڪيا، ڪن ڪئي ڪن لاٽار،
سيد تنهنجا ”ڏنگا ٻار“ اڄ به اوچي ڳاٽ سان.
سن جي سيد جا اهي ڏنگا ٻار اڄ به ههڙيون ڏنگايون ڪرڻ پنهنجو فرض ۽ ايمان سمجهن ٿا، سندن پير توڙي جو پٿون ٿي ويل آهن ۽ رتورت آهن، پر پوءِ مرشد لطيف جي هن بيت تي عمل پيرا آهن:
ڪنڊا مون پيرين، توڙي لک لڳن،
آڱر آڱوٺين نه مڙي، ڇپون پير ڇنن،
چيچن مان چيهون ڪري، ريلا رت وهن،
ته به ويندي ڏانهن پرين، جُتي جات نه پائيان.
sajidzchandio@gmail.com
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
ڪالهوڪي عوامي آواز جي سنڊي مئگزين مان ورتل
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: