حضرت ابراهيم بن اڌم جڏهن پنهنجي بادشاهي ڇڏي ڏني ۽ درويشي اختيار ڪئي ته هن غلامن واري پوشاڪ پهرڻ شروع ڪئي ۽ سندن وٽ هڪ ئي پوشاڪ وڃي بچي۔ جنهن کي ڪيتريون ئي چتيون لڳل هيون۔ هڪ دفعي هو درياء جي ڪناري تي ويهي پنهنجي ڦاٽل پوشاڪ کي سوئي سان سبي رهيو هو ته سندس بادشاهيء جي دور جو هڪ دوست اچي اتان لنگهيو۔
هن ابراهيم کي ڏسي کيس چيو ته اي ابراهيم بن اڌم توهان تخت ۽ حڪومت کي ڇڏي ڇا حاصل ڪيو ؟ مان ته اهو سمجهيو هو ته اوهان خوش هوندا پر هن حال ۾ اوهان کي ڏسي مايوسي ٿي آهي۔ آخر اوهان کي ڇا حاصل ٿيو ؟
حضرت ابراهيم بن اڌم کيس ڪوبه جواب نه ڏنو پر اها سئي جنهن سان هو پوشاڪ کي ٽانڪا هڻي رهيو هو سا درياء ۾ ڦٽي ڪري ڇڏي۔ پوء درياء ۾ هلچل پيدا ٿي وئي جنهن کي ڏسي سندس دوست حيران ٿي ويو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سوين مڇيون وات ۾ سونيون سيون کڻي ابراهيم بن اڌم جي اڳيان حاضر ٿيون۔ پر حضرت ابراهيم بن اڌم فرمايو ته مونکي پنهنجي سوئي واپس ڪيو جنهن سان مان ڪپڙا پئي سبيا۔ سون جي سين سان منهنجو ڪهڙو واسطو ؟ پوء هڪ مڇيء سندس خدمت ۾ اها سئي پيش ڪئي جيڪا پاڻ واپس کنيائون ۽ ڪپڙا ٽانڪڻ شروع ٿي ويو۔
۽ دوست کي چوڻ لڳو ته بادشاهي ۽ تخت ڇڏي مونکي اهو سڀ ڪجهه مليو آهي جيڪو اوهان ڏٺو۔