حضرت ابراهيم بن اڌم ۽ اصل بادشاهي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]
    حضرت ابراهيم بن اڌم جڏهن پنهنجي بادشاهي ڇڏي ڏني ۽ درويشي اختيار ڪئي ته هن غلامن واري پوشاڪ پهرڻ شروع ڪئي ۽ سندن وٽ هڪ ئي پوشاڪ وڃي بچي۔ جنهن کي ڪيتريون ئي چتيون لڳل هيون۔ هڪ دفعي هو درياء جي ڪناري تي ويهي پنهنجي ڦاٽل پوشاڪ کي سوئي سان سبي رهيو هو ته سندس بادشاهيء جي دور جو هڪ دوست اچي اتان لنگهيو۔

    هن ابراهيم کي ڏسي کيس چيو ته اي ابراهيم بن اڌم توهان تخت ۽ حڪومت کي ڇڏي ڇا حاصل ڪيو ؟ مان ته اهو سمجهيو هو ته اوهان خوش هوندا پر هن حال ۾ اوهان کي ڏسي مايوسي ٿي آهي۔ آخر اوهان کي ڇا حاصل ٿيو ؟

    حضرت ابراهيم بن اڌم کيس ڪوبه جواب نه ڏنو پر اها سئي جنهن سان هو پوشاڪ کي ٽانڪا هڻي رهيو هو سا درياء ۾ ڦٽي ڪري ڇڏي۔ پوء درياء ۾ هلچل پيدا ٿي وئي جنهن کي ڏسي سندس دوست حيران ٿي ويو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سوين مڇيون وات ۾ سونيون سيون کڻي ابراهيم بن اڌم جي اڳيان حاضر ٿيون۔ پر حضرت ابراهيم بن اڌم فرمايو ته مونکي پنهنجي سوئي واپس ڪيو جنهن سان مان ڪپڙا پئي سبيا۔ سون جي سين سان منهنجو ڪهڙو واسطو ؟ پوء هڪ مڇيء سندس خدمت ۾ اها سئي پيش ڪئي جيڪا پاڻ واپس کنيائون ۽ ڪپڙا ٽانڪڻ شروع ٿي ويو۔

    ۽ دوست کي چوڻ لڳو ته بادشاهي ۽ تخت ڇڏي مونکي اهو سڀ ڪجهه مليو آهي جيڪو اوهان ڏٺو۔
    [/JUSTIFY]
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: حضرت ابراهيم بن اڌم ۽ اصل بادشاهي

    ادا سليمان وساڻ صاحب۔جن به بزرگن الله پاڪ جي راضه جي خاطر هن دنيا جا عيش ۽ آرام تياگ ڪيا الله سائين انهن کي اهڙين نعمتن سان نوازي ڇڏيو جنهن جو مثال هن دنيا ۾ گهٽ ملندو۔حضرت ابراهيم بن اڌم بادشاهي الله جي راضه لاء ڇڌي ته الله پاڪ ڪيڏي وڏي نعمت سان نوازي ڇڏيو جو مڇيون به هن جو حڪم مڃڻ لڳيو۔شل الله سائين اسان ۽ توهان کي به نيڪ هدايت ڏئي ۽ اسا ن ۽ توهان اهئي عمل ڪيون جنهن ۾ الله سبحان تعالئ ۽ حضرت محمد صلئ الله وسلم راضي ٿين ۽ اسان کي پنهنجي ويجهن ٻانهن ۾ شامل ڪن۔بهترين ۽ بامعنئ ليک لکڻ تي اوهان جون تمام گهڻيون مهربانيون۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: حضرت ابراهيم بن اڌم ۽ اصل بادشاهي

    ادا سليمان وساڻ صاحب سچ به ته جن انسانن هن دنيا ۾ عيش عشرت ڇڏي ڪري پنهنجي محبوب سان دل لڳائي آهي اهي ڪامياب آهن

    اهڙو بهترين معلومات ليک ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    سدائين گڏ
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: حضرت ابراهيم بن اڌم ۽ اصل بادشاهي

    بادشاهي ڇڏڻ جا ڪارڻ ڪهڙا هئا۔۔۔ جي اهو به بيان هجي ها ته هوندر ايمان کي وڌيڪ تقويت ملي ها۔۔۔ ڇو ته مقصد الله پاڪ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ هو ته الله جا نيڪ ٻانها بادشاه ٿي ڪري به حاصل ڪري وٺن ها۔۔۔
    موجوده واقعو پڻ ايمان کي تازو ڪرڻ لاءِ بهترين آهي۔۔ بيشڪ جن دنيا جي لذتن کي ٺڪرايو انهن اڳيان دنيا جي دولت ۽ مال ملڪيت ڪا به حيثيت نه رکنديون آهن۔۔۔ دعا آهي ته رب پاڪ اسان جي ايمان کي پڻ قابل بڻائي آمين
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: حضرت ابراهيم بن اڌم ۽ اصل بادشاهي

    سائين حضرت ابراهيم بن ادهم جي بادشاهي ڇڏڻ جو قصو هن طرح هو ته هڪ دفعي رات جو ستو پيو هو ته آڌي رات جو ڇت تي ڪنهن جي هلڻ جو آواز بڌائين پڇيائين ڪير ؟ ڇت تي ڇا ٿو ڪرين چيائين مسافر آهيان ڇت تي اٺ ٿو ڳوليان چيائين وڏو بي وقوف ٿو لڳين ڇت تي اٺ ڪيئن لڀندو ؟ ان شخص وراڻيو ته جيڪڏهن ڇت تي اٺ ملڻ محال آهي ته ستي رب ملڻ به محال آهي ان جملي سان هن بزرگ جي ذهن ۾ انقلاب آيو ۽ چيائين ته بادشاهي فقط هڪ رب جي آهي بس ان جو بندو ٿي گذاربو ۽ بادشاهي کي خيرباد چئي هڪ نئين طرزِ زندگي جو آغاز ڪيائين اگرچه بادشاهي ۾ رب کي راضي ڪري سگهي ها ليڪن هن جي ذهن اهو فيصلو ڏنو ته جيڪڏهن بادشاهي هوندي ته عوام کي به وقت ڏيڻو پوندو تنهن ڪري اهو سڀ ڪجهه ڪم جو نه آهي جيڪو رب ڪريم جي ياد کان غافل رهڻ جو ذريعو ٿئي اهو سڀ وقت رب جي ياد ۾ گذاربو ۽ ائين ڪرڻ سان ئي کين تي الله تعالى جي مهرباني ٿي جو هن وقت تائين سندن نالو اسان توهان به احترام سان وٺون ٿا۔

    هڪ اردو ۾ شعر آهي جيڪو ڪجهه ياد تان لهي ويو آهي ليڪن ان جو مفهوم هنن لفظن ۾ سمجهي ويندا
    يه عشق اعجاز شرکت کا قائل نهين
    يا زماني کا بن يا خدا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو