سائين اسان کي وطن ڪارڊ جي مطعلق ڃاڻ کپي،

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ ريحان ڪيريو طرفان آندل موضوعَ ‏18 آڪٽوبر 2011۔

  1. ريحان ڪيريو

    ريحان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    345
    ورتل پسنديدگيون:
    141
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مان ايم بي اي جو شاگرد آهيان
    ماڳ:
    سڪرند، سنڌ
    سائين اسان کي وطن ڪارڊ مليو آهي ۽ ڪجھ منهنجي مائٽن کي به مليو آهي،
    سوال اهيو آهي ته وطن ڪارڊ جا افواھ ٿا هلن ته ڪنهن کي به ڪوڊ نمبر نه ڏيکاريو ۽ نه ته اوهان جا پيسا اهو ڪڍي ويندو، پر سائين وطن ڪارڊ ته مون وٽ هوندو پو هو ڪوڊ تي ڪئين ٿو پيسا ڪڍي سگهي، ڇا ائين ٿي سگهي ٿو جي ائين ٿي سگهي ٿو ته ڇا اسان ڪنهن ٻئي کي ڪوڊ نمبر نه ڏيکاريون؟
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سائين اسان کي وطن ڪارڊ جي مطعلق ڃاڻ کپي،

    اوهان کي وطن ڪارڊ مليو آهي ، اهو به سٺو ٿيو ۔۔۔۔

    باقي ڪوڊ بابت دوست ئي ڪجهه ٻڌائي سگهن ٿا۔ کو ته ان باري ۾ مونکي به گهڻي ڄاڻ ڪونهي۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سائين اسان کي وطن ڪارڊ جي مطعلق ڃاڻ کپي،

    افواهه مڙئي افواهه۔۔۔ خبر ناهي شرارتي ماڻهن کي اهڙين افواهن پکيڙڻ سان ڇا حاصل ٿيندو آهي۔۔۔ الڪو نه ڪيو ادا ريحان ۔۔۔ وطن ڪارڊ کي سنڀالي رکجو جي اهو گم ٿي ويو ته پيسا توهان کي به ڪونه ملندا بيشڪ توهان کي ڪارڊ نمبر (ڪوڊ) ياد ڇو نه هجي۔۔۔
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سائين اسان کي وطن ڪارڊ جي مطعلق ڃاڻ کپي،

    ادا ريحان ڪوڊ ڏيکارڻ سان پئسا ڪونه ويندا ليڪن اڪثر اهو ان ڪري چيو ويندو آهي سو به خاص بينڪ اڪائونٽ هولڊر لاء ته توهان ڪنهن بئنڪ جي عملي کي ڪوڊ نه ڏيکاريو متان ڪو فراڊ ڪري توهان کي ڌوڪو ڏئي اهو ان طرح ٿيندو جو جيڪڏهن اسان جو اڪائونٽ وارو ڪارڊ گم ٿي وڃي ته ان جو ڊپليڪٽ يعني ان جي جاء تي ٻيو ڪارڊ ٺهي ملندو جڏهن ٻيو ڪارڊ ٺاهي ڏيندا ته ان وقت ان جو ڪوڊ وغيره به پڇي سگهن ٿا پوء ڪو بئنڪ جو ماڻهو اهو ڪارڊ اسان جي نالي تي ڪڍرائي فراڊ ڪري سگهي ٿو يا خدا نخواسته توهان ڪنهن دوست کي نمبر ٻڌايو ۽ توهان جو ڪارڊ ان کي ئي هٿ اچي وڃي ته پوء ڪوڊ ته هن کي اڳ ئي ياد هوندو هاڻي توهان وارا پئسا هن جي جيب ۾ هوندا پر اهو معاملو ايترو آسان نه آهي۔ توهان ڪو به فڪر نه ڪيو۔
     
  5. ريحان ڪيريو

    ريحان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    345
    ورتل پسنديدگيون:
    141
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مان ايم بي اي جو شاگرد آهيان
    ماڳ:
    سڪرند، سنڌ
    جواب: سائين اسان کي وطن ڪارڊ جي مطعلق ڃاڻ کپي،

    ادا توهان جي مهرباني توهان اسان جا ايتري قدر مسئلا حل ڪيا پر ادا توهان کي ته خبر آهي ته هڪ مسئلو حل ٿيندو آهي ته ٻيو مسئلو پيدا ٿي ويندو آهي، خير توهان جي اڳيان هڪ مسئلو ٻيو کڻي آيو آهيان، مسئلو هي آهي،
    سائين مسئلو هي آهي ته ڪجھ دوستن کي وطن ڪارڊ ته مليو آهي پر انهن کي هڪ پرچي به ڏني وئي آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته نادرا مان فنگر جا نشان درست ڪرايو، ان جو مطلب ڪارڊ نئو ٺهرائڻو پوندو جنهن جي ڪري ڪافي دوست پريشاني ۾ گرفت ٿي ويا آهين، جنهن مان هڪ دوست جو صرف هڪ مهينو اڳ ڪارڊ ٺهرايو آهي جنهن جا 10 ئي فنگر جا نشان ڏنا آهن، پر ان کي به پرچي ڏني وئي آهي اهيا ڳالھ سمجهڻ ۾ نه ٿي اچي ته اهي ائين ڇو ٿا ڪن، واقعي ۾ اهڙي ڪا فارملٽي آهي يا هرو ڀهرو عوام کي پريشان ڪيو پيو وڃي،
    سائين هتي ته نه ڪو نادرا ٿي سبب ٻڌائي نه ٻيو ڪير سهي نموني سان ٿو سمجهائي،
    نادرا وارا بس 1000 وارو 300 وارو  مفت جا ڪارڊ ٺهرائيڻ جي نالي ٿي چوي باقي سمجهائين جي نالي چوي ٿي اسان وٽ ٽائيم نه آهي،

    توهان ئي ڪٍجھ حوصلا افزائي ڪندا؟
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سائين اسان کي وطن ڪارڊ جي مطعلق ڃاڻ کپي،

    ائين ٿيڻ ته نه گهرجي۔۔ جو انهن ئي فنگر پرنٽس ڪري نادرا جو شناختي ڪارڊ تيار ڪيو ويندو آهي۔۔۔ پر اهڙي مسئلي جي سامهون اچڻ جا سبب اهي ٿي سگهن ٿا ته شروع شروع ۾ نادرا طرفان پرنٽيڊ فارم پڻ وصول ڪيا ويندا هئا جنهن جي آڌار تي پڻ ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ ٺهندو هو۔۔ ۽ جيئن ته ان فارم تي اڪثر فنگر پرنٽس جي جاءِ تي ڪنهن جا به پرنٽ لڳائي ٽوٽل پورو ڪيو ويندو هو ۔۔ جنهن سان ڪارڊ ته ٺهي ويندو هو پر وطن ڪارڊ جي حصول دوران شناختي ڪارڊ سان فنگر پرنٽس ميچ نه ٿيڻ ڪري اها ڪيوري سامهون آئي هوندي۔۔۔
    هڪ ٻيو سبب آهي نادرا ۾ نااهل ۽ پنهنجا من پسند ماڻهون جيڪي عام ماڻهون جا درست طريقي سان فنگر پرنٽس حاصل نه ڪري سگهندا آهن۔۔۔ ٿي سگهي ٿو شناختي ڪارڊ يا وطن ڪارڊ ٺهرائڻ دوران ڪو ٽيڪنيڪل مسئلو به ٿيو هجي جنهن ڪري ٻنهي جا فنگر پرنٽس ميچ نه ٿيندا هجن۔۔۔
    پر بحرحال ان لاءِ فنگر پرنٽس جو ملڻ ضروري آهي ٻي صورت ۾ وطن ڪارڊ واري کاتي ۾ پيسا منتقل ٿي نه سگهندا۔۔۔ اهو ساڳيو مسئلو اسان جي دوست عرس پريو سان به ٿيو هو ۔۔۔ جنهن وطن ڪارڊ وصول ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر شناختي ڪارڊ بڻايو ۽ لڳ ڀڳ 5 مهينا انتظار ڪيو۔۔۔ جنهن کان پوءِ سندس کاتي ۾ پيسا منتقل ڪيا ويا۔۔۔
     
  7. ريحان ڪيريو

    ريحان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    345
    ورتل پسنديدگيون:
    141
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مان ايم بي اي جو شاگرد آهيان
    ماڳ:
    سڪرند، سنڌ
    جواب: سائين اسان کي وطن ڪارڊ جي مطعلق ڃاڻ کپي،

    گهوڙا ڙي پورا پنج مهينا ابا هتي ته ماڻهن جي گهوڙا گهوڙا لڳي پئي آهي ڇو ته ماڻهن جا پيسا انهن جي پاڪستان ڪارڊ ۾ منطقل نه ڪيا ويا آهي ماڻهون آهن جو حيدرآباد، مٽياري، هالا، سعيدآباد، الا ڪٿي ڪٿي ويندا آهن پر ڇا ٿو ڪري سگهجي بس دلاسا ڏيندا وتون ٿا هڪ ٻئي کي،
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سائين اسان کي وطن ڪارڊ جي مطعلق ڃاڻ کپي،

    سائين اهوئي مسئلو هت به ڪافي ماڻهن سان آهي ليڪن ڪافي ماڻهن کي پرچي ملڻ جي باوجود انهن جا پئسا تقريبا هفتي اندر انهن جا پئسا اچي ويا آهن اهڙا ڪيس منهنجي پنهنجي مشاهدي مان گذريا آهن باقي وڌيڪ ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي ته اهو فنگر پرنٽس جي ڪري ٻيو ڪارڊ ٺهراڻو ضروري آهي يا نه۔​
     
  9. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سائين اسان کي وطن ڪارڊ جي مطعلق ڃاڻ کپي،

    ادا توهان جا پئسا ڪير به ڪون ڪڍندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دوستن توهانکي تنصيل ٻڌائي ڇڏيو آهي
    پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪان آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پئيسا دير سوير ملي ويندا
     
  10. ريحان ڪيريو

    ريحان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    345
    ورتل پسنديدگيون:
    141
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مان ايم بي اي جو شاگرد آهيان
    ماڳ:
    سڪرند، سنڌ
    جواب: سائين اسان کي وطن ڪارڊ جي مطعلق ڃاڻ کپي،

    ادا خير خبرون ته پيون وڌنديون اڄ رات 1 وڳي دوستن ڪال ڪري پڇيو ته ڇا ڪئي درخواست جو جنهن تي مون دوستن کي چيو انشاالله سڀهاڻ تائين درخواست جو ڪم ٿي ويندو، بس انشاالله چوندي دوستن کي آسرو ڏنم،
    پر هاڻ ته سڄي ڳالھ توهان سان پيو ڪيان ادا سنڌ سلامت وارو ڪيو ٻيلي اسان جي ڪجھ مدد ڪيو هاڻ اصل دير جي به گنجائش نه آهي، سبهاڻ ٿيڻ ۾ 24 ڪلاڪ آهين ادا مونکي درخواست جي سخت ۾ سخت ضرورت آهي،
    جنهن ۾ ڊي سي او کي پاڪستان ڪارڊ ڏيڻ لا عرض ڪيو ويو هجي ادا،
    ادا نالن جي لسٽ ته ٺاهي ڇڏي آهي ڀس رڳو درخواست جي ضرورت آهي جنهن جي ڪري اسان توهان کي رات جو تڪليف ڏيڻ جي گستاخي ڪئي آهي،
     
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سائين اسان کي وطن ڪارڊ جي مطعلق ڃاڻ کپي،

    ادا ان سلسلي توهان جي ٻئي موضوع جواب ته عرض ڪيو اٿم۔۔۔ توهان کي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو