سنڌ سلامت ميمبرن جي گڏجاڻي (آچر 23 آڪٽوبر 2011)

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 آڪٽوبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ سلامت ميمبرن جي گڏجاڻي

    [JUSTIFY]دوستو سلام سنڌ سلامت جي ڪيترن ئي دوستن جو اهو اسرار هيو ته فورم جي نائب منتظم ۽ اسان جي مانواري مهربان دوست سائين نثار ابڙو صاحب جن جي سنڌ واپسي تي ساڻس ڪا گڏجاڻي رکجي. سنڌ ۾ آيل تازين برساتن ۽ ڪجهه دوستن جي ذاتي مصروفيتن سبب گڏجاڻي کي ڪا حتمي شڪل ڪونه ڏئي سگهياسين.

    وقت تيزي سان گذري رهيو آهي ۽ عيد کانپوء سائين نثار ابڙو صاحب جن کي به واپس سعودي عرب وڃڻو آهي. سنڌ سلامت جي دوستن جي گڏجاڻي 23 آڪٽوبر 2011 آچر ڏينهن منجهند جو 2 بجي سچل ڳوٺ ۾ رکڻ جي صلاح ڏجي ٿي. دوست پنهنجا رايا ڏين ۽ جيڪي دوست هن گڏجاڻي ۾ شامل ٿين سي ذاتي ميسيج ذريعي پنهنجي اچڻ جو ٻڌائن.
    [/JUSTIFY]

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر

    [​IMG]
     
  2. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ميمبرن جي گڏجاڻي (آچر 23 آڪٽوبر 2011)

    اچبو ضرور اچبو، اسان کي سائين جن سان ملڻ جي دل ۾ وڏي سڪ ۽ حُب آھي انشاء الله آچر جي ڏينهن سائين جي قدمن ۾ سلامي پيش ڪنداسين
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت ميمبرن جي گڏجاڻي (آچر 23 آڪٽوبر 2011)

    ڪوشش ته ضرور ڪبي

    انشاالله

    سدائين گڏ
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت ميمبرن جي گڏجاڻي (آچر 23 آڪٽوبر 2011)

    سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار...........

    سنڌ سلامت کي اڃا به خوبصورت ۽ ان ۾ رنگ ڀرڻ لاء دوستن جا رايا تمام گهڻا ڪار آمد آهين ان لاء اها گڏجاڻي تمام گهڻي اهميت جي حآمل آهي ۽ گڏوگڏ ادوستن کي سائين نثار اابڙو جن سان به ملاقات ٿي ويندي اها تمام سٺِ ڳاله آهي
    اسان جي ته اها دعا آهي ته اهي ميلا مچندا رهن دوست ملندا رهن
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ سلامت ميمبرن جي گڏجاڻي (آچر 23 آڪٽوبر 2011)

    انشاء الله آچر جي ڏينهن پروگرام تي اچبو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت ميمبرن جي گڏجاڻي (آچر 23 آڪٽوبر 2011)

    سنڌ سلامت جا سهڻا ۽ عزيز دوستو!

    سچ پڇو ته اوهان سڀني دوستن سان ملڻ جو اشتياق سعودي عرب کان ڪر کڻي رهيو آهي، پر هت اچڻ کانپوءِ دوستن ۽ پنهنجين ذاتي مصروفيتن سبب گڏجڻ جو موقعو ۽ مناسبت طع ٿي نه پئي سگهي، پر ڪالهه جيئن ئي دوست رشيد سمون فون تي ۽ سليمان وساڻ ملاقات ڪري ان دعوت يا گڏجاڻيءَ جي خوشبري ڏني ته دل باغ و بهار ٿي پئي ..

    دوستو! ايندڙ آچر منجهند جو 2 لڳا مناسب وقت آهي، اسانجا دوست آرام سان اٿي، صبح سان سچل ڳوٺ ڏانهن راهي ٿيندا ته پهچي ويندا ۽ ملاقات ممڪن ٿيندي. ڪراچيءَ ۽ ويجهڙائيءَ ۾ رهندڙ دوستن کي ته سولائي ٿيندي ... هن دعوت ۾ جيترا به دوست ۽ جتان به شامل ٿيڻ چاهن ته منهنجي خوشنصيبي ٿيندي ... هونءَ ته اسين سنڌ سلامت جا دوست روحاني، فڪري ۽ نظرياتي طور هڪٻئي سان گڏ هوندا آهيون پر جي هن ملاقات ۾ جسماني طور گڏباسون، ڀاڪر پائينداسون ۽ مٿي تي مٺيون ڏينداسون، زماني جا حال احوال اورينداسون ته وڌيڪ سهڻو لڳندو ۽ لطف ايندو.

    جي ايندي چوني آءُ، ويندي چوني ويهه،
    ڇڏي سارو ڏيهه، اڱـــڻ اچــــج انهن جي.

    اسين دوستن جي ملاقات جا منتظر رهنداسون ۽ راهن ۾ اکيون وڇائي رکنداسون ... اميد ته دوست هن ڏهاڙي ته پنهنجي مصروفيتن مان ڪجهه وقت ڪڍي سنڌ سلامت جي دعوت قبول ڪندا.

    مون گهر اچي جـــي ٿئي، مينـــڌرو مهمــاڻُ،
    آڻي جهوڪيان آڳ ۾، ڄيري وجهان ڄاڻُ،
    تـــاڻـــي تنــــورن ۾، ڀــيــــري هڻـــــان ڀـــــاڻُ،
    پيڪن سوڌو پاڻُ، گهر تڙ گهوريان پرَين تـان.

    سڀني دوستن جا لک لائق، اميد ته دوستن جون ڪچهريون قائم رهنديون.

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت ميمبرن جي گڏجاڻي (آچر 23 آڪٽوبر 2011)

    هل هِنئين سين هوت ڏي، پيرين ڪر مَ پنڌ
    پُڇُ مَ رَندُ رِڙ روحانِي سسئي۔۔۔۔۔۔۔۔!

    هتان کڻي هُت جن رکيو سي رَسِيون
    ساجَن سُونهن سُرتِ وِکان ئي ويجهو گهڻو۔۔۔!

    پُڇن سي پسن جڏهن تڏهن پرين کي
    ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا۔۔۔۔۔۔۔!

    متان ٿيئن ملور، ڪين آڳاهون آهيان،
    ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حَدَ ٻنين جي هيڪڙي۔۔۔!

    هئه ٿو هوت وڃي، آئون ڪه اڳڀري ٿيان،
    متان چو خان بلوچ، ڪميڻي مان ڪين ٿيو۔۔۔۔!

    جَڙَ جئري جن سين ، مُئِي پڻ سين تَنِ،
    جي هت نه هوت پسن سي ڪنهن پر ڪيچ پسنديون۔۔۔۔!​


    [JUSTIFY]انشاالله هيل پرِيَنِ سان ميلو ٿيندو ، هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائبا به ته بقول سائين نثار ابڙو جي ته ڀاڪر هڻبا به ، دوستو يا ڄمار ڪن کي اسان ڀاڪر پاتا به آهن ته ڪن اسان کي به ڀاڪر پاتا آهن، ڪن ڀاڪر پائيندي اسان کي چميون به ڏنيون آهن ته وري ڪن کي اسان چميون ڏنيون آهن پر قسم سان ڀاڪر ڪيئن هڻبا آهن ۽ ڀاڪر ڪيئن کائبا آهن ان جو تجربو انشاالله آچر جي ڏينهن23 آڪٽوبر2011ع تي سچل ڳوٺ ۾ ضرور ٿِي ويندو۔ سڀني دوستن سان ملاقاتون ٿينديون ، محبتون ورهائبيون پيار جي پالوٽ ٿيندي، هي نثار ناز جهونو پيرن سان نه پر اکين سان ضرور ڏنل ٽائم تي ضرور پهچندو اول خير[/JUSTIFY]
     
  8. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ميمبرن جي گڏجاڻي (آچر 23 آڪٽوبر 2011)

    درويش حاضر آهي


    [​IMG]
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت ميمبرن جي گڏجاڻي (آچر 23 آڪٽوبر 2011)

    واه سائين واه مطلب ته سنڌ سلامت يجي اولڊ شينهن جي ڪراچي ڇڙهائي آهي آچر تي واه سائين واه پر مهنجي پاران به سنگت کي چميون ضرور ڏجو سائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  10. ريحان ڪيريو

    ريحان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    345
    ورتل پسنديدگيون:
    141
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مان ايم بي اي جو شاگرد آهيان
    ماڳ:
    سڪرند، سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت ميمبرن جي گڏجاڻي (آچر 23 آڪٽوبر 2011)

    سائين اچڻ جي ڪوشش ضرور ڪبي پر مصروفيت جي ڪري ٽائيم ڏکيو ملندو،
    باقي اسان جي دعا دوستن سان گڏ آهي شل اهڙي محبت جا ميلا اهڙا سنڌين جا ڀاقر الله سڀني دوستن کي نصيب ڪري،
    اسان دل جي گهرائين سان سائين نثار ابڙو کي ڀلي ڪار چئون ٿا،

    اسان جي محبت کي نه وساريندا،
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت ميمبرن جي گڏجاڻي (آچر 23 آڪٽوبر 2011)

    سائين ڪوشش ڪبي ته ضرور اچون
    پر مصروفيتيون وڌي ويون آهن ء دل به چوي ٿي ته سنڌ سلامت جي سڀني ميمبرن سان ملاقات جو موقعو ملندو ،،،،،،،،،،،،،،،
     
  12. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ميمبرن جي گڏجاڻي (آچر 23 آڪٽوبر 2011)

    سائين اسان کي ان ملاقات جو گهڻي عرصي کان اشتياق رهيو پر ڏينهن اهڙو رکيو ويو آهي جنهن ڏينهن تي اسان جي ڊيوٽي هوني ۽ اسان شام جو اٺين کان پوءِ اچي سگهون ها پر خير اسان کي ان محفل ۾ شريڪ سمجهجو ۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو