سنڌ سلامت ميمبرن جي گڏجاڻي
دوستو سلامسنڌ سلامت جي ڪيترن ئي دوستن جو اهو اسرار هيو ته فورم جي نائب منتظم ۽ اسان جي مانواري مهربان دوست سائين نثار ابڙو صاحب جن جي سنڌ واپسي تي ساڻس ڪا گڏجاڻي رکجي. سنڌ ۾ آيل تازين برساتن ۽ ڪجهه دوستن جي ذاتي مصروفيتن سبب گڏجاڻي کي ڪا حتمي شڪل ڪونه ڏئي سگهياسين.
وقت تيزي سان گذري رهيو آهي ۽ عيد کانپوء سائين نثار ابڙو صاحب جن کي به واپس سعودي عرب وڃڻو آهي. سنڌ سلامت جي دوستن جي گڏجاڻي 23 آڪٽوبر 2011 آچر ڏينهن منجهند جو 2 بجي سچل ڳوٺ ۾ رکڻ جي صلاح ڏجي ٿي. دوست پنهنجا رايا ڏين ۽ جيڪي دوست هن گڏجاڻي ۾ شامل ٿين سي ذاتي ميسيج ذريعي پنهنجي اچڻ جو ٻڌائن.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر