هر روز هِڪ نئين قطار ٺهي ٿي۔۔۔۔۔۔۔ڪنهن ٽائيم نادرا آفيس تي پاڪستان ڪارڊ لاءِ۔۔۔۔ڪنهن ٽائيم پاڪستان ڪارڊ کڻي اي تي ايم مشين تي ڪنهن ٽائيم گئس ڀرائڻ لاءِ سي اين جي تي پر روز اهو ڪم وڌندو ٿو وڃي۔ روز جيئون ٿا مرندي مرندي سُور انوکا سهندي سهندي اجهو ٿيون خوشيون هلي اچن اُميد وِچان اِهو چوندي چوندي
جواب: قطار در قطار! ادا حفيظ بلڪل سچ ۔۔۔ سڀني جي اندر جو آواز ۽ اندر جا احساس ۔۔۔۔۔۔۔۔ لائين ته هاڻي مقدر ٺهي وئي آهي پر ڪاش اها لائين ڊشيپلين واري هجي۔ اسان لائين ۽ ڊسيپلين جا قائل ناهيون پر هنن مجبورين ماري وڌو آهي۔ ڪڏهن اسڪول ۾ قطار ته ڪڏهن اسپتال ۾، ڪڏهن بئنڪ تي قطار ته ڪڏهن بل لاء قطار ، ڪڏهن امداد لاء قطار ته ڪڏهن ڌڪن کائڻ لاء قطر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ روز جيئون ٿا روز مرڻ لاء سور سهون ٿا سور سهڻ لاء پوء به ڪوئي ڪونه ٻڌي ٿو سنڌ سڏي ٿي آزاديء لاء