• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قطار در قطار!

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
هر روز هِڪ نئين قطار ٺهي ٿي۔۔۔۔۔۔۔ڪنهن ٽائيم نادرا آفيس تي پاڪستان ڪارڊ لاءِ۔۔۔۔ڪنهن ٽائيم پاڪستان ڪارڊ کڻي اي تي ايم مشين تي ڪنهن ٽائيم گئس ڀرائڻ لاءِ سي اين جي تي پر روز اهو ڪم وڌندو ٿو وڃي۔

104rtxu.jpg


روز جيئون ٿا مرندي مرندي
سُور انوکا سهندي سهندي
اجهو ٿيون خوشيون هلي اچن
اُميد وِچان اِهو چوندي چوندي
 
جواب: قطار در قطار!

ادا حفيظ بلڪل سچ ۔۔۔

سڀني جي اندر جو آواز ۽ اندر جا احساس ۔۔۔۔۔۔۔۔ لائين ته هاڻي مقدر ٺهي وئي آهي پر ڪاش اها لائين ڊشيپلين واري هجي۔ اسان لائين ۽ ڊسيپلين جا قائل ناهيون پر هنن مجبورين ماري وڌو آهي۔ ڪڏهن اسڪول ۾ قطار ته ڪڏهن اسپتال ۾، ڪڏهن بئنڪ تي قطار ته ڪڏهن بل لاء قطار ، ڪڏهن امداد لاء قطار ته ڪڏهن ڌڪن کائڻ لاء قطر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

روز جيئون ٿا روز مرڻ لاء
سور سهون ٿا سور سهڻ لاء
پوء به ڪوئي ڪونه ٻڌي ٿو
سنڌ سڏي ٿي آزاديء لاء
 
Back
Top