• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لبيا جي سابق حڪمران ڪرنل معمر قذافي جي موت جي تصديق ٿي وئي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
111020144603_qaddafi_body_304.jpg

تازه ترين اطلاعات آهن ته 40 سالن کان مٿي لبيا تي حڪمراني ڪندڙ ڪرنل معمر قذافي کي سُرت جي علائقي ۾ باغي فوجين قتل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي تصديق پڻ ٿي چڪي آهي۔ قذافي جي ميت مصراته جي هڪ تجارتي مرڪز ۾ رکي وئي آهي ۽ ان سان گڏ ئي سڄي لبيا ۾ جشن ملهايو پيو وڃي۔

2ro2tfa.jpg


 
جواب: لبيا جي سابق حڪمران ڪرنل معمر قذافي جي موت جي تصديق ٿي وئي

دنيا ڪجهه به چئي پر مرحوم جون ليبيا ملڪ جي ترقي ۽ مسلم دنيا کي متحد رکڻ ۾ بيشمار محنتون شامل هيون۔۔ سندس انجام بابت اڳ ئي اهڙيون اڳ ڪٿيون ٿيل هيون ان ڪري ڪا ڇرڪائيندڙ خبر نه آهي۔۔۔ بس هاڻي دعا آهي ته ليبيا ۾ امن قائم ٿئي ۽ شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ ۾ باغين طرفان عام شهرين ۽ اصل ليبيا جي عوام کي مارڻ جو سلسلو رڪجي وڃي۔۔۔
ڪرنل قذافي جون پاڪستان ملڪ کي ايٽمي طاقت بنائڻ ۾ جيڪي ڪوششون ۽ محنتون شامل هيون اهي ڪير نه ڄاڻي۔۔۔ پرامن ليبيا کي ڌارين جي حملي کان روڪڻ ۽ ملڪ جي عوام کي سک جون سهولتون ڏيندڙ هي شخص هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو آهي۔۔ پر سوال اهو آهي ته ڇا آمريڪا ۽ نيٽو جي مدد سان ڪيل هنن ڪارواين کان پوءِ ليبيا ملڪ آزادي ۽ خودارااديت برقرار رکي سگهندو يا هتان جي عوام کي به آمريڪا ۽ سندس اتحادي عراق ۽ افغانستان وانگر ڏتڙيل ڇڏي بس پنهنجي مطلب جون شيون جهڙوڪ سون ۽ تيل قابو ڪرڻ شروع ڪندو۔۔۔
ڪاش اتان جو عوام ۽ اسلامي دنيا دشمن جي چالن کي سمجهي سگهي۔۔۔
 
جواب: لبيا جي سابق حڪمران ڪرنل معمر قذافي جي موت جي تصديق ٿي وئي

اسان مسلمان عجيب تماشائي لڳا پيا آهيون اڻپوري خبر تي به ابتا سبتا تبصرا ڪري پاڻ کي باخبر سمجهندا آهيون ليڪن سائين عبدالرشيد جن جي ڳالهه وانگر ته حقيقت ۾ اهي غير مسلم مسلمانن ۾ فتنا پيدا ڪري مسلمانن کي ڪمزور ڪري رهيا آهن مسلمان کي مسلمان سان ويڙهائڻ اها غير مسلمانن جي پراڻي چال آهي 583 هجريء ۾جڏهن سلطان صلاح الدين ايوبي بيت المقدس فتح ڪيو تڏهن به پورا پنج سال ته هو پنهنجي ئي مسلمانن سان وڙهندو رهيون ان وقت ئي غير مسلمان ننڍين ننڍين رياستن ، عورتن ۽ زر و جواهر جي لالچ ڏئي مسلمانن کي ايوبي جي خلاف محاذ قائم ڪرڻ لاء تيار ڪندا هئا ايوبي هڪ جاسوس کي گرفتار ڪيو ته ان چيو ته توهان هن وقت ڀلي اسان کي قتل ڪيو يا ڪجهه به ڪيو ليڪن اسان اهڙو ٻج مسلمانن ۾ پوکيو آهي جو وري صلاح الدين پيدا نه ٿيندو ان دور ۾ به غدار هئا ته پوء هي دور ته آهي ئي فقط پنهنجي ذاتي مفادات تي قائم قوم ملت جو ڪنهن کي فڪر ئي ڪونه آهي بس الله تعالى مسلمانن کي همت ڏئي هوش عقل عطا فرمائي جو غير مسلمانن جي چالين کي سمجهن ۔​
 
جواب: لبيا جي سابق حڪمران ڪرنل معمر قذافي جي موت جي تصديق ٿي وئي

عرب دنيا ۾ هڪ عجيب سلسلو اٿي پيو آهي ته جيڪو سربراه امريڪا جي لا منظور نظر نه هجي اتي جي عوام ۾ بغاوت جي مهم شروع ڪري ۽ مقصد نڪرڻ کانپو انهن باغين کي به دهشتگردن جو نالو ڏئي مارڻ شروع ڪيو وڃي۔ هاڻي حڪمرانن جي لا ٻه رستا بچي وڃن ٿا۔ هڪ ته سندس عهدي تان هٽي وڃن يا ته امريڪا آڏو گوڏا کوڙي ويهي رهن۔ جيڪي گوڏا کوڙيندا اهي زنده رهي سگهندا۔ باقي جيڪي انڪاري ٿيندا (ڀلي اهي ماضي ۾ امريڪا کان ڊڪٽيشن ضرور وٺندا آيا هجن) انهن جو حشر شايد قذافي جهڙو ٿئي۔۔۔
هاڻي امريڪا جو اڳيون ٽارگيٽ ايران هوندو۔۔ جنهن جي چڻنگ هن ايران ۾ سعودي سفير جي قتل جي سازش جي شڪل ۾ ٻاري ڇڏي آهي۔
ڪجهه به هجي قذافي سندس موقف تي برقرار رهيو ته مرندس پر ليبيا يا صدارت نه ڇڏيندس۔۔۔
 
جواب: لبيا جي سابق حڪمران ڪرنل معمر قذافي جي موت جي تصديق ٿي وئي

ادا مونکي ڏاڍو افسوس ٿيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمريڪا پنهنجي هر پاليسيء ۾ ڪامياب پيو وڃي ء مسلم دنيا سان هر طرح جي زيادتي ٿئي پئي پر اهي سڀئي ملڪ آمريڪا جي اڳيان گوڏا کوڙيون ويٺا آهن سواء ايران جي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ڪرنل قذافيء جو ڪردارڪهڙوبه هجي پر هن مسلم دنيا کي گڏ ڪرڻ ء انهن جي ترقيء ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنائڻ ۾ هن جو ڪوششون ڪابل تعريف آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

الله مسلمانن حڪمرانن کي سمجهه ڏئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: لبيا جي سابق حڪمران ڪرنل معمر قذافي جي موت جي تصديق ٿي وئي

امريڪا جي پاليسي ۽ سياست سان اتفاق نه ڪرڻ وارن جو اهو انجام ٿيندو اهو ئي امريڪا جي سياست آهي جيڪو اسان جو اتحادي نه آهي ان کا ان جي ئي باشندن ۽ باغين کان ان کي مارائبو افسوس جو اسان امريڪا جي ان سياست کي سمجههون نٿا


لاختم ھو چلے ہیں قتل و خون غارتگری کے موسم
نظر کی حد تلک بچھے ہوئے ہیں کھیت لاشوں کے
 
جواب: لبيا جي سابق حڪمران ڪرنل معمر قذافي جي موت جي تصديق ٿي وئي

افسوسو ان ڳالهه جو به ٿيو ته پاڪستان پڻ هن عظيم شخصيت لاء ڪي تعزيتي لفظ ادا ڪونه ڪيا۔ جيتوڻيڪ هن عظيم شخصيت پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنجڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ قذافي اسٽيڊيم لاهور سندس محبت جو هڪ ثبوت آهي۔ هي واحد شخصيت هو جنهن آمريڪا سان مهاڏو اٽڪايو ۽ 40 سالن تائين ان لاء مٿي جو سور بڻيو رهيو۔ هي واحد شخصيت جنهن پهرين اسلامي سربراهه ڪانفرنس دوران لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ عام جلسي کي خطاب ڪيو۔
 
Back
Top